ڪراچي: سنڌ ۾ 2 گيس فيلڊز بند هجڻ ڪري 200 کان 250 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي فراهمي پهرين ئي متاثر آهي، جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾حڪومت تڪڙا قدم نه کنيا ته ساڍا 800 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، سوئي سدرن گيس ڪمپني صنعتن کي اڳواٽ ئي گيس جي فراهمي بند ڪري چڪي آهي، سئي سدرن ڪمپني انڊسٽريل ايسوسئيشن کي خط لکيو آهي ته ڪمپني کي پهرين کي گيس جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪنر پساڪي فيلڊون 21 ڏينهن لاءِ بند هونديون، جنهن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي، جنهن سان گهريلو صارفين به متاثر ٿي رهيا آهن،