اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن سنڌ ۾ پاڻي، گيس ۽ اين ايف سي تحت صوبي کي پئسا نه ملڻ تي احتجاج ڪيو، محمد بخش مهر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو، جڏهن ته بلوچستان ۽ پنجاب جي ميمبرن به مسئلن جون دانهون ڪيون. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پ پ جي محمد بخش خان مهر چيو ته سنڌ سان زيادتي ٿي رهي آهي، سنڌ جا حق ماريا پيا وڃن، سنڌ کي هاءِ وي جون رڳو ٻه اسڪيمون ڏنيون ويون آهن، اسان کي حق نه مليا ته حق وٺڻ ڄاڻون ٿا، پوري پاڪستان کي گيس گهوٽڪي ڏئي ٿو، فرٽيلائيزر گهوٽڪي ڏئي ٿو، اسان ماڻهن کي روڪي رکيوآهي، کين نه ملازمتون ملي رهيون آهن نه حق ملي رهيا آهن، هن سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ ۽ اين ايف سي ايوارڊ تحت حصو نه ملڻ تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، پ پ جي خالد لنڊ چيو ته منهنجي تڪ ۾ هڪ وزير جي شگرمل آهي جيڪو پنهنجي تڪ ۾ 600 مزدور بسن ۾ کڻي ايندو آهي، ڇا سنڌ جي ماڻهن کي اتي مزدوري نه ٿي ڏئي سگهجي، سنڌ مان مزدورن کي نه ورتو ويو ته احتجاج ڪرڻو پوندو، اگر پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي ايتري سٺي ڪارڪردگي آهي ته مراد علي شاهه سان ان جو مناظرو ڪرايو وڃي، منهنجي علائقي ۾ قالو ٻرڙو ڳوٺ آهي جيڪو گيس فيلڊ جي ڀرسان آهي پر اتان جا ماڻهو ڪاٺين ذريعي رڌ پچاءُ ڪن ٿا، سنڌ جي ريلوي لائين تباهه آهي، جتان سفر ڪرڻ دوران اگر توهان سمهندئو ته توهان سمهي نه سگهندئو، جنهن تي دفاع جي وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو ته جتان گيس نڪري ٿو ان جي 5 ڪلوميٽر ايراضي ۾ ايندڙ ڳوٺن کي گيس فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، خالد لنڊ جنهن ڳوٺ جو ذڪر ڪيو آهي، ان بابت هفتي ۾ ميٽنگ ڪري جواب ڏينداسين، پيپلزپارٽي جي جاويد شاھه جيلاني چيو ته، جيڪڏھن زراعت بھتر ٿي آھي ته ڪڻڪ ٻاھران ڇو پئي گهرائي وڃي؟، سنڌ ۾ وفاقي حڪومت ھڪ ڪلوميٽر به موٽر وي ناھي ٺاھيو، سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آھي، پ پ ميمبر غلام مصطفي شاھه چيو ته خورشيد شاهه، خواجا آصف ايوان ۾ موجود ناهن، انهن کي پروڊڪشن آرڊر تحت هتي موجود هجڻ گهرجي ها، هن چيو ته مهانگائي وڌي آهي حڪومت ان جو جواب ڏئي، بلوچستان خالد مگسي چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي گيس نه ملي رهي آهي، نه ئي بجلي آهي، بلوچستان لاءِ هڪ خصوصي ڪاميٽي ٺاهي وڃي، پي ٽي آءِ جي اورنگزيب کچي چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ آهي.