اڃارا اڃارا، ڪينجهر جا ڪنارا

0
174
اڃارا اڃارا، ڪينجهر جا ڪنارا

  اياز چيو هو “آسارا آسارا، ڪينجهر جا ڪنارا” پر هينئر اياز جي هجي ها ته اهو ڪينجهر جي ڀر پاسي جي وسندين، توڙي ٺٽي ۽ مڪليءَ جي حالت ڏسي اهو ضرور ان ۾ ترميم ڪندي اهو چوي ها. “اڃارا اڃارا، ڪينجهر جا ڪنارا”، هاڻي اها چوڻي بلڪل درست ثابت ٿي وئي آھي ته پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن، بلڪل ايئن سنڌو درياءُ ھوندي جتي بدانتظامي سبب سڄي سنڌ پيئڻ جي صاف پاڻي توڙي زرعي آبادين لاءِ پاڻي جي ڦُڙي لاءِ ترسي رهي آھي، اُتي سنڌ جي تاريخي ۽ پوڇڙ واري ضلعي ٺٽي جي صورتحال مئي مهيني ۾ بلڪل ڏڪار جھڙي بڻجي وئي آھي، جتي جي شھري آبادين سميت پوري ضلعي اندر آبپاشي کاتي جي انتظاميه جي بدانتظامي ۽ بدنظمي سبب وارابندي جي نالي تي پاڻي جو سنگين بحران ڪر کنيو آھي، اُتي شديد گرمين ۾ ٺٽي واسي بجلي ۽ گئس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ کي به ڀوڳي رهيا آھن.

                 هونئن ته سنڌ جي اڳوڻي تخت گاھ تاريخي شھر ٺٽي ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽر مڪلي جا شھري زندگيءَ جي بنيادي مڙني سهوليتن کان محروم بڻيل آھن، مختلف وقتن تي ڪروڙين اربين روپين جي ترقياتي اسڪيمن باوجود ٺٽي واسي هن قهر جي گرمي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي ۽ سئي گئس لاءِ پريشان بڻيل آھن، ٺٽي جي تاريخي شھر جي ڊرينيج نظام ۽ گهٽين، روڊ رستن جي حالت بدانتظامي سبب شھرين لاءِ عذاب بڻيل آھي پر مسلسل شھرين جي احتجاجن باوجود مقامي انتظاميه، چونڊيل نمائندن ۽ حڪومتي واڳ ڌڻين جي ڪن تي جونءَ به نٿي سُري، جنهن سبب شھرين جي صبر جو پئمانو به هاڻي لبريز ٿيندو پيو وڃي ۽ ٻن مهينن کان لڳاتار پاڻي جي بحران ۽ ڊرينيج نظام جي تباهي خلاف سراپا احتجاج بڻيل ٺٽي ۽ مڪلي واسين احتجاج جو دائرو وڌائڻ تي غور شروع ڪري ڏنو آھي.

9  وارڊن تي مشتمل ڏيڍ لک انساني آبادي واري ميونسپل ڪميٽي جو درجو رکندڙ شھر ٺٽو ۽ 7 وارڊن تي مشتمل هڪ لک شھري آبادي کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ٽائون ڪميٽي جو درجو رکندڙ ضلع هيڊڪوارٽر مڪلي تي پاڻي جو مسئلو هونئن ته سالن کان رهيو آھي پر موجوده وقت ۾ واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي وارابندي ۽ واٽر سپلاءِ مشينن جي خراب ٿيڻ توڙي بجلي لوڊشيڊنگ جو جواز ڄاڻائي ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظاميه شھرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪرڻ لڳي آھي، جنهن سبب مجموعي طور تي ٺٽي ۽ مڪلي شھرن جي سموري شھري آبادي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آھي، اهڙي صورتحال ۾ پاڻي وڪرو ڪندڙ مافيا جا جاوا ٿي ويا آھن، شھري ٽينڪرن سوزوڪين توڙي گڏھ گاڏين ذريعي پاڻي لهرائي ۽ پاڻ جا ڪين خريد ڪري ٿڪجي پيا آھن، شھرين جو چوڻ آھي ته هٿ وٺي شھرين کي جيئڻ جي بنيادي انساني ضرورت پاڻي کان محروم رکيو ويو آهي، جنهن ۾ انتظامي ڪامورڪي ۽ سياسي نااهلي شامل آھي.

اهڙيءَ ريت هڪ طرف شھري پيئڻ جي پاڻي جي ڦُڙي لاءِ سِڪي رهيا آھن ته ٻئي طرف 24 ڪلاڪن ۾ 12 ڪلاڪ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ان کان علاوه اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. شھري ڪاروبار سخت متاثر ٿيڻ سان گڏوگڏ شھر واسي ملازم، امتحانن دوران اسڪولي ٻارڙا توڙي ڪاروباري ماڻھو رات جو بجلي نه هجڻ ڪري سڪون جي ننڍ نه ڪرڻ ۽ ڏينهن جو ڪاروبار نه ڪري سگهڻ سبب ذھني ڌٻاءُ جو شڪار بڻجي نفسياتي مريض بڻجڻ لڳا آھن.عين اهڙي وقت تي وري سئي سدرن گئس ڪمپني جي اختيارين اوچتو گذريل ٻن هفتن کان گئس جي به ڊگهي لوڊشيڊنگ شروع ڪري ڇڏي آھي، روز رات جو 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين گئس جي فراهمي ٺٽي شھر ۽ مڪلي تي مڪمل طور تي بند ڪئي وڃي ٿي، جنھن سبب شھري رڌ پچاءُ کان ويندي رات جو بجلي جي لوڊشيڊنگ دوران هاڻي متبادل طور جنريٽر يا گئس ذريعي بجلي جي فراهمي کان به محروم ٿي ويا آھن. اها صورتحال شھرين کي انتهائي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي.بنيادي سهولتن جي عدم فراهمي خلاف ٺٽي ۾ ٻن مهينن کان مسلسل احتجاج ۽ ٺٽي کان مڪلي تائين مارچ ڪري احتجاج ڪندڙ شھرين نوجوانن ۽ معصوم ٻارڙن جي پرامن احتجاجن جو ڪنهن به اختيار ڌڻي نوٽيس ناهي ورتو. اهڙي روش شھرين کي وڌيڪ چيڙائي وڌو آھي ۽ ٺٽي ۽ مڪلي واسين پاران 30 مئي تي ٺٽي کان مڪلي تائين سخت احتجاج ۽ ڌرڻي جو پڻ اعلان ڪيو ويو آھي.

جيتوڻيڪ ٺٽي شھر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سنگين بحران توڙي بجلي ۽ گئس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو اعتراف تڪ جي ايم پي اي رياض شاھ شيرازي به ڪيو آھي، جنهن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي اهم مسئلي کي حل ڪرائڻ سندس ترجيح ۾ شامل آھن ۽ ٺٽي ۽ مڪلي لاءِ ڪي ڊي اي واھ مان 2 ڌار ڌار اسڪيمون منظوري جي مرحلي ۾ آھن، باقي بجلي ۽ گئس وفاقي سبجيڪٽ آھن، ان لاءِ به لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو آھي، جڏھن ته پ پ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ٺٽي ۽ مڪلي جي شھرين جي پراڻي واٽر سپلائي ذريعي پاڻي جي بنيادي مسئلي کي مستقل طور حل ڪرائڻ لاءِ عالمي ادارن ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ذريعي ميگا منصوبن جو اعلان پڻ ڪيو آھي، جنهن تحت ٺٽي ۽ مڪلي جي پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي فنڊ مان هن سال 2 ارب روپيه مختص ڪرڻ ۽ ھڪ سئو ارب روپين جي لاڳت سان ڪينجهر هڏيرو ۽ ھاليجي ڍنڍن کي پاڻ ۾ ملائي پاڻي جي وڏي ذخيري ۾ تبديل ڪرڻ جو ميگا منصوبو پڻ وفاقي صوبائي حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان فزيبلٽي جي مرحلي ۾ آھي، جنهن سان ڪراچي کي اضافي پاڻي جي فراهمي کي به يقيني بڻائي سگهبو. پر انهن اعلانن تي عوام جو اعتبار هاڻي نه رهيو آھي. رياست جي ذميواري هجي ٿي ته پنهنجي عوام جي بنيادي انساني ضرورتون پوريون ڪرائڻ لاءِ رياستي مشينري کي حرڪت ۾ آڻي سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.

هن جديد دور ۾ به سنڌ جي اڳوڻي تخت گاھ ٺٽي جا شھري بنيادي انساني حقن پيئڻ جي صاف پاڻي بجلي ۽ گئس کان محروم بڻيل آھن، جيڪا يقينن هتان جي واڳ ڌڻين سياسي پنڊتن ۽ رياست جي ڪارڪردگي لاءِ سواليه نشان بڻيل آھن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميه، تر جي چونڊيل نمائندن کي ٺٽي شھر ۽ مڪلي جي بنيادي انساني اهم مسئلن ۽ شھرين جي احتجاجن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ پاڻي بجلي گئس ۽ ڊرينيج جي بحالي کي يقيني بڻائي شھرين مان بيچيني دُور ڪرڻ گهرجي.