آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ

0
158
آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ
آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ

سُپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ڪميشن جي قيام کي آرٽيڪل 209 جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي

 ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته بظاهر وفاقي سرڪار سُپريم ڪورٽ جي حاضرجج خلاف مواد گڏ ڪر مِس ڪنڊڪٽ ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪميشن جو قيام آرٽيڪل 209 جي ڀڃڪڙي آهي

 جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 209 ايگزيڪيوٽو کي سُپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن ريفرنس اُماڻڻ جي اجازت ڏئي ٿو، وفاقي سرڪار آئين ۾ اختيارن جي ورڇ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته لڳي ٿو جاچ ڪميشن هر ڪم تڪڙ ۾ ڪيو آهي

جسٽس منيب اختر چيو ته ججز پنهنجي مرضي سان ڪيئن ڪميشن حصو بڻجي سگهن ٿا، مٺا لفظ استعمال ڪري ڪوَر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بظاهر اختيارن جي ورڇ واري آئيني اصول جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، اها پريشان ڪندڙ صورتحال آهي

 عدالتي ڪميشن جي قيام خلاف سُپريم ڪورٽ بار سوڌو ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رُڪني لارجر بئنچ هلائي

هي به پڙهندا

حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: چيف جسٽس