سنڌ پوليس ۾ ايس پي ۽ ڊي ايس پي سطح جي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون

0
194

 سنڌ پوليس ۾ ايس پي ۽ ڊي ايس پي سطح جي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، سي پي او ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اصغر علي جٽ کي بدين ھيڊ ڪوارٽر ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي

ڊي ايس پي نويد احمد کي سي پي او مان بدلي ڪري ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي، محمد عرب مھر کي سي پي او مان بدلي ڪري ايس پي انويسٽيگيشن 3 ڪورنگي مقرر ڪيو ويو آهي

سي پي او ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ٽن ڊي ايس پيز خالد اقبال قريشي، شجاعت حسين ۽ محمد عارف خان کي ايڊيشنل آءِ جي آپريشن رينج مقرر ڪيو ويو ڪيو آهي

ٿرپارڪر ڇاڇرو جي ايس ڊي پي او محمد عارف ڀٽي کي بدلي ڪري ھالا مقرر ڪيو ويو اتان ڊي ايس پي محمد يعقوب ٻرڙو کي بدلي ڪري سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي

آءِ جي سنڌ جي منظوري سان لاڳاپيل آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشنز جاري ڪيا ويا آهن

هي به پڙهندا

ميهڙ جي عدالت ۾ فائرنگ، حاضري تي آيل 2 ڀائر سئوٽ سميت قتل، 3 جوابدارن گرفتاري ڏئي ڇڏي