ڊاڪٽر غلام زينب ابڙو

 ايڪتا يعني ٻڌي ايڪتا جو ڏهاڙو، ٻڌي جو ڏينهن، هن ڏينهن کي ملهائڻ جو صرف هڪ ئي مطلب نه هوندو آهي ته اسان نوان ثقافتي ڪپڙا پهري عيد جي ڏينهن وانگر خوشي  ملهايون،  پر حقيقت ۾ هي ڏينهن  عهد پيمان جو ڏينهن آهي، ته اسان سڀ گڏ آهيون، گڏ ٿي  رهنداسين اسانجا ڏک سک گڏ آهن، ڪوئي ڪنهن کان  مٿڀرو نه آهي ۽ نه ئي ڪو ڪنهن کان گهٽ آهي، اسين هڪ جسم وانگر آهيون. جيڪڏهن جسم جي ڪنهن حصي کي ڌڪ لڳي ته سڄو جسم تڪليف ۾ اچي وڃي ٿو، ساڳي طرح جيڪڏهن  ڪنهن هڪ سنڌي کي تڪليف يا خوشي ملي ٿي ته اها خوشي  ۽ درد سڄي سنڌ محسوس ڪري.

    ايڪتا جو ڏينهن ڪيئن وجود ۾ آيو، اسانکي  اهو خيال يا ضروت ڇو پيش آئي؟ڊسمبر 2009ع ۾ هن ڏهاڙي ملهائڻ جي ضرورت تڏهن محسوس ٿي جڏهن ڊاڪٽر شاهد مسعود  آصف زرداري کي جيڪو ان وقت پاڪستان جو صدر هو،  ٻاهرين ملڪ جي دوري دوران ٽوپي پهرڻ تي ٽوڪ ڪئي. ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ٽوڪ تي  اسانجي سڄاڻ علي قاضي ردعمل ڏيکاريو   ۽ سنڌي ٽوپي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ سڀني سنڌي ماڻهن هن جي اعلان  جي  ڀرپور آجيان ڪئي ۽ سنڌ جي ٽوپي ۽ اجرڪ پهري ڏينهن ملهايو ويو.ان کانپوءِ هر سال اهو ڏينهن ڊسمبر جي پهرين آچر  تي ملهايو پيو وڃي.اسانجو ثقافتي ڏهاڙو موج مستي ۽ خوشي جو ڏينهن آهي. هن ۾ لوڪ  رقص سنڌي قومي  گيت ڳائڻ، ثقافتي رنگ پکيڙڻ، ٽوپي، اجرڪ پهرڻ ضروري سمجهيو ويندو  آهي پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ سان اسين هن ڏهاڙي جو قرض  لاهي نه ٿا سگهون،

اسان کي سوچ هئڻ گهرجي ته ان ڏينهن تي پنهنجي نسل کي ڪهڙو سبق ڏنوسين، اسان پنهنجي نسل کي  ڇا ٿا ڏيون ۽  انهن مان ڇا وٺڻ جي توقع رکون پيا،  ا چوڻي آهي  ته  جيڪي پوکيندئو اهو ئي لڻندئو. اسان کي گهرجي ته اسان اهڙي ڏينهن تي ثقافت جي اهڃاڻن کي کولي ورق ورق تاريخ  جو اٿلائي پنهنجي نسل کي وڏن کان مليل ملڪيت امانت باسلامت پهچايون.اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيندو جڏهن اسين ٻارهين مهيني جي ڪيل واعدن کي روز ورز ورجايون.اسان پنهنجي اولاد کي ٽوپي  اجرڪ  جي ڄاڻ ته ڏني، گيت ته ٻڌاياسين، لطيف ۽ اياز جي شاعري ته چورائي سين پر ڇا ان جو مطلب سمجهائڻ ڏني سين، انهن کي زندگي سان لاڳاپو ڏيکاريوسين ته شاهه جي هن شعر مان اسان کي  ڇا ٿو فائدو ملي ان ۾ اها ڪهڙي ڳالهه آهي جا اسان زندگي ۾ وساري ڇڏي آهي.

سنڌ صوبوز راعت سان ڀرپور آهي هن جي زرعي خزانن کي ڳولڻ لاءِ ڪهڙو قدم کنيوسين، سنڌو سڪي رهيو آهي ان لاءِ اسان ڇا ڪيو ،زرعي صوبو هئڻ ڪري سنڌو ۾ ئي اسان جو ساهه آهي.  ننڍن توڙي وڏن کي ڄاڻو ماهرن ماڻهن ڇا ڄاڻ ڏني؟ اسان هن ۾ گذريل سال کان وڌيڪ  گهڻو فائدو حاصل ڪيوسين، اسان  پنهنجا حق ڪيترا ورتا  ڪيترا ٻين جا قرض پورا ڪياسين؟ آيا اسان کي پنهنجي حقن ۽ ٻين جي فرضن جيڪي ٻين جا فرض اسان تي مقرر ٿيل آهن،  جي خبر آهي. هن ڏينهن تي سنڌ جي هنرن جي ڄاڻ ڏيڻ گهرجي جيڪي هينئر ختم ٿيندا  پيا وڃن، اسين تعليم جي شعور  سان وڏن جي تجربن سان انهن هنرن کي ترقي ڏياري سگهون ٿا،پر اسانجا  نوجوان ٻه اکر پڙهي ابن ڏاڏن جي ڪمن ڪرڻ کي عيب محسوس ڪن ٿا،

جنهن جي ڪري بيروزگاري وڌي وئي آهي، ۽ ڏڪار جي  رڙ لڳي ٿي وڃي ، دنيا ترقي تي گامزن آهي ۽ اسين صرف شڪايتن ڪرڻ ۾ پورا آهيون.اسانجون سوچون غلط آهن اسين پنهنجي روايتن کي وساري ويٺا آهيون، صرف ٻين جي محلن کي ڏسي پنهنجي ڀونگي به ڊاهي ٿا ڇڏيون ٿا ،  نه سوچ رهي آهي نه ئي ڪو  مستقبل جو فڪر ۽ نه ئي ٻچن جي لاءِ ڪا همدردي، اسانکي پنهنجي ٻچن سان پيار ڪونهي بلڪه اهو هڪ فريب آهي جيڪو اسين ٻچڙن کي ڏيون پيا، صرف  کاڌو پيتو ڪپڙا  لٽا گهرج  ڪونهي پر اسان  ۾ شعوري کوٽ آهي ٻين  تي ڀاڙيون  ٿا ، پر پاڻ ڪجهه ڪونه ٿا ڪريون.چوڻي  آهي “اپڻي گهوٽ ته نشاهوئي،” سو اسان کان پنهنجي ٻارڻ  ئي وسري وئي  آهي صرف ٻين ۾ نظر آهي، يا حڪومت تي طنز  پر جيڪڏهن اسين سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ سکي وڃون ، هٻڇ ۽ لالچ کي ڇڏي پنهنجي نفس تي ڪنٽرول ڪريون ته ڪوئي به نه بکيو رهندو ۽ نه ڪو ڏکيو رهندو.

جيڪڏهن اسان والدين جي حيثيت ۾ ٻچڙن طرف مڪمل توجهه ڏيون ته اسان ضرور ترقي ڪنداسين. اڳ پيءَ  ٻار کي ڪلهي تي کڻي به اسڪول پهچائيندو رهيو، پر هاڻي رڪشه هجي ڪار هجي ته پوءِ ٻار اسڪول ويندو پوءِ کڻي ڀلي پيءُ ويچارو پني. اڳ ۾ ثقافت کي نظر مان  ڪڍون ٿورو رهڻي ڪهڻي پهرين واري ڏسون اڳوڻا تعليمي ادارا  ۽ هاڻي  جا اسڪول فرق محسوس ڪريون. ثقافتي کاڌا ڏسون ۽ هاڻي  پنهنجا کاڌا ڏسون، سال ۾ هڪ ڏينهن جو ثقافتي لباس ڏسون ۽ سڄي سال ۾ پاتل ريشم ڏسون،  توهان کي پاڻ ئي فرق محسوس ٿيندو. منهنجي چوڻ جو اهو مطلب آهي ته اسين پهرين واري زندگي ڏانهن موٽي وڃون، پر پنهنجي  حيثيت ۽ وت آهر قدم کڻون.

اهڙيون تمام گهڻيون ڳالهيون ۽ ثقافت جا کوڙ سارا پهلو آهن جن ڏانهن اسين ثقافتي ڏهاڙي تي هڪ ٻئي کي روشناس به  ڪرايون ۽ هڪٻئي جو تجزيو به ڪريون. پاڻ ۾  قناعت جو جذبو به پيدا ڪريون صرف روڄ پٽڪي سان ۽ ٻين کي ڏوهي قرار  ڏيڻ سان ڪجهه نه ورندو پر پنهنجو پاڻ کي ڏسون ته اسان ڪريون ڇا پيا؟ اسان ڇا ڪيو هو؟  اسان کي ڪرڻو ڇا آهي؟  ڪيڏانهن وڃڻو هو؟  ڪيڏانهن وڃون پيا؟اسان تي  فرض آهي ته هن ڏهاڙي تي پنهنجو پاڻ سان ضمير جو واعدو ڪريون ۽ واعدو وٺون ۽ سڄي سال ۾ انهن وعدن کي پورو ڪريون ۽ وري اچڻ واري سال انهي  ڏهاڙي تي انجي جاچ ڪريون ته اسان ڪيترو ڪامياب ٿيا سين پو۽ وري ٻيا عهد ۽ پيمان پاڻ تي مقرر ڪيون.

اسانکي پنهنجي نسل بچائڻو آهي ان کي بي راهه روي کان روڪڻو آهي، ان لاءِ تعليم ۽ سکيا ئي واحد ذريعو آهي.