ايف اي ٽي ايف گري لسٽ ڇا آهي ؟

0
222
ايف اي ٽي ايف گري لسٽ ڇا آهي ؟

ڪالھه کان وٺي سوشل ميڊيا سميت ڄاڻ ڏيندڙ سڀني وسيلن تي گري لسٽ جي ڳالهه پئي ھلي اچو ته سمجھون گري لسٽ ڇا آھي ؟ ايف اي ٽي ايف ھڪڙو عالمي ادارو آھي جنھن جو مقصد آھي دھشتگردي مني لارنڊنگ مطلب ڪرپشن جي پئسي کي روڪڻ آهي، ايف اي ٽي ايف فنشانشل ايڪشن ٽاسڪ مخفف آھي، ھي ادارو آمريڪا جرمني برطانيه ڪيناڊا فرانس اٽلي جاپان وغيره ٺاھيو آھي، ايف اي ٽي ايف کي ٺاھيو ان ڪري ويو آھي ته جيڪو ملڪ عالمي دھشتگردي مني لارنڊنگ جي عالمي قانون ۾ مدد نٿو ڪري ان مٿان عالمي پابنديون مڙهي ان کي سڄي دنيا کان اڪيلو ڪري ڇڏجي، پاڪستان جيڪو عالمي دھشتگردي مني لارنڊنگ جي نالي سان بدنام رھيو آھي 2018ع ۾ ان کي گري لسٽ ۾ وڌو ويو ھيو گري لسٽ ھڪڙو آپشن آھي جنھن ۾ جيڪو وچون ڏاڪو آھي گري لسٽ کان پوءِ بيلڪ لسٽ آھي

گري لسٽ:

گري لسٽ ۾ ايندڙ ملڪن مٿان ايف اي ٽي ايف نظرداري سان گڏ انھن ملڪن کي آپشن طور رکي دهشتگردي ۽ مني لارنڊنگ کي روڪڻ جو موقعو ڏيندا آھن ته دھشتگردي ۽ مني لارنڊنگ کي روڪيو جيڪڏھن انھن کي نه روڪيو ويو ته بليڪ لسٽ ڪيو ويندو .

بليڪ لسٽ ڪرڻ سان ڇا ٿيندو ؟

بليڪ لسٽ ٿيڻ سان ان ملڪ کي نہ امداد ملندي نه سيڙپڪار سيڙپ ڪندا معاشي پابنديون لڳنديون معاشي پابندي لڳڻ کانپوء ڇا ٿيندو ان کان توھان ڀلي ڀت واقف آھيو. (فيس بوڪ وال تان ورتل)