اشو آف دي ڊي مارڪيٽون رات جو 9 وڳي بند: پوليس جا مزا ٿي ويندا

0
327
اشو آف دي ڊي مارڪيٽون رات جو 9 وڳي بند: پوليس جا مزا ٿي ويندا

   سنڌ سرڪار پاران سڄي سنڌ ۾ مارڪيٽون رات جو 9 وڳي، شادي هال ساڍا 10 وڳي، هوٽل 11 وڳي بند ڪرڻ واري حڪم کانپوءِ سوشل ميڊيا تي عوام ردعمل ڏنو، بحث شروع ٿي ويو، ڪجهه ماڻهن مخالفت ڪئي ته ڪجهه وري حمايت ڪئي، ڪجهه ماڻهن وري دلچسپ ۽ طنزيه تبصرا ڪيا، ان سلسلي ۾ گلزار ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بجلي جو بحران، سنڌ ۾ ڪاروبار بند ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان 144 قلم لاڳو ڪيو ويو آهي، دڪان بازارون رات جو 9 وڳي، شادي هال 10 وڳي، وڏا هوٽل ۽ ريسٽورنٽ 11 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جنهن تي شهمير خان لکيو ته پاڻ شهر 10 وڳي ئي بند ٿي ويندو آهي،انجنئير نعيم ابڙو لکيو ته پوليس جا مزا ٿي ويا، رميز راجا لاکو لکيو ته مانجهند ۾ ڪهڙو بجلي هلي ٿي جو قلم 144 لاڳو ڪيو اٿن.

عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بجلي بحران جو بھانو بڻائي سنڌ ۾ ڪاروبار بند ڪرائڻ لاءِ 144 قلم لاڳو ڪيو ويو آهي، بازارون رات جو 9 وڳي، شادي هال 10 وڳي ۽ وڏا هوٽل ريسٽورينٽ 11 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن تي ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو لکيو ته بهترين قدم آهي ان جي سپورٽ ڪرڻ گهرجي، محمد يعقوب لکيو ته باقي رهيل ئي اهو ڪم هو، وڏا ملڪ جا خيرخواهه آهن، استاد خالد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھڪ مھيني لاءِ سنڌ ۾  مارڪيٽس ، شاپنگ مال ، بازارون رات جو 9 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شادي ھال 10:30۽ ھوٽل 11 وڳي بند ٿيندا، نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو. جنهن تي  ذوالفقار چانڊيولکيو ته سرڪار کي عرض ٿو ڪجي ته مهرباني ڪري هوٽل جو ٽائيم هڪ وڳي ڪيو وڃي، شان سنڌو لکيو ته عمل سنڌ پوليس ڪرائيندي، شاهد چانڊيولکيو ته حيدرآباد ۾ عمل نٿو ٿئي، هڪ ٻي پوسٽ تي ظفر سروهي لکيوته پوليس جا مزا ٿي ويندا،

اياز حسين لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو عمل نه ٿيندو، مختيار خان لکيو ته ڪير به اهڙو حڪم مڃڻ لاءِ تيار ناهي، انجنيئر وقار علي سومرو لکيو ته بجلي بچائڻ لاءِ اهو ڪم ڪري رهيا آهن، تسليم احمد لکيو ته هو جمالو خوشحالي اچي ويندي، محبوب ڀٽي لکيو ته عمل نه ٿيندو، محمد توفيق سولنگي لکيو ته رات جو بجلي جي بچت ڪندا، محمد صديق ابڙو لکيو ته پوليس جو ڪمائي جو ذريعو ٿي ويو، محمد عارف لکيو ته مهانگائي جي ڪري اڳ ئي ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي وري هي نئون پلان آندو ويو آهي، صدرالدين عمراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رات جو نائين وڳي بازارون بند ڪرڻ بجاءِ منجهند جو ٻارهين تائين بازارون بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. زوهيب سومرو پوسٽ شيئر ڪئي ته حڪومت جو نئو فيصلو، لائٽ بچايو، بيروگاري وڌايو، حڪومت جي ان فيصلي جي مذمت ڪجي ٿي. جنهن تي صدام مصطفيٰ لکيو ته بهتر فيصلو آهي.