ايشل فياض جي وڊيو تي واهپيدارن جي تنقيد، اداڪارا جو منهن ٽوڙ جواب

0
301

ايشل فياض جي وڊيو تي واهپيدارن جي تنقيد، اداڪارا جو منهن ٽوڙ جواب

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني فلم ”ڪاف ڪنگنا“ جي هيروئن ۽ اداڪاره ايشل فياض سوشل ميڊيا تي پنهنجون نيون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون آهن، جنهن تي واهپيدارن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ان کي نامناسب قرار ڏيندي اداڪارا تي تنقيد ڪئي آهي. پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل ايشل فياض جي نئين وڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هوءَ گهر جي ڇت تي بيٺل آهي ۽ اولهه طرز جو لباس پهري پوز ڏئي رهي آهي

 اداڪارا اها وڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي، وڊيو کي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران اعتراض جوڳو قرار ڏنو ويو. اداڪارا ايشل فياض هڪ اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ هڪ واهپيدار مٿس تنقيد ڪئي هئي

اداڪارا ان کي جواب ڏيندي لکيو ته ”منهنجو انسٽا، منهنجي مرضي، توهان نه ڏسو، هي عام تصويرون آهن. هن وڌيڪ لکيو ته اها گندگي توهان جي اکين ۽ دماغ ۾ آهي، مون کي فالو نه ڪريو