پرڏيهي قرض ملڻ مشڪل آهي، هاڻي قرض وٺندي شرم به اچي ٿو: مفتاح اسماعيل

0
259
پرڏيهي قرض ملڻ مشڪل آهي
پرڏيهي قرض ملڻ مشڪل آهي، هاڻي قرض وٺندي شرم به اچي ٿو: مفتاح اسماعيل

ڪراچي: ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پرڏيهي قرض ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي ۽ هاڻي قرض وٺندي شرم به اچي ٿو، متحده عرب امارات کان 1996 ۾ کنيل قرض اڃا واپس نه ڪيو اٿئون
هن چيو ته سعودي عرب سان به ساڳي ڪار ڪئي آهي، ساڳين ملڪن ڏانهن ٻيهر قرض کڻڻ لاءِ موڪليو وڃي ٿو، ڪڏهن شهباز شريف کان ته ڪڏهن آرمي چيف کان فون ڪرايون ٿا، خبر ناهي ته ملڪ ڪيئن هلائي رهيا آهيون
ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس ۾ پريس ڪانفرنس دوران مفتاح اسماعيل چيو ته ننڍن دوڪاندارن کان هاڻي فِڪس ٽيڪس بدران ويريئبل ٽيڪس اوڳاڙينداسين
هن چيو ته ٽن مهينن کانپوءِ بجلي سستي ٿي ويندي، اي سي ڪوچز جي في سيٽ تي لڳايل 4 هزار روپين واري ٽيڪس گهٽائي 15 سئو رپيا ڪئي اٿئون
ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل اعلان ڪيو ته وڏن واپارين ۽ ايڪسپورٽرز کي سستي بجلي ۽ گئس ڏني ويندي