انساني ترقيءَ ۾ گھٽتائي وارو رجحان

0
123
انجيڪشن جو خوف، علامتون ۽ علاج

اقوام متحده جي انساني ترقي بابت جاري ڪيل رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته ڪووڊ 19 واري عالمي وبا جهڙن بي مثال بحرانن سبب انساني ترقي پنج سال پوئتي رهجي وئي آهي ۽ انهي ڪري پوري دنيا ۾ بي يقينيءَ وارو ماحول پيدا ٿي پيو آهي.

                 اقوام متحده جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) اطلاع ڏنو آهي ته هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس 30 سال اڳ جاري ڪرڻ شروع ڪئي وئي هئي ۽ ايترن سالن ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته اها انڊيڪس مسلسل ٻه سال هيٺ هلي آئي آهي. هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس سڄي دنيا جي ملڪن ۾ ماڻھن جي متوقع عمر، تعليم جي سطح ۽ زندگي جي طرز جي بنياد تي تيار ڪئي ويندي آهي. انساني ترقي جي اها انڊيڪس 2020ع ۽ 2021ع ۾مسلسل هيٺ آئي آهي. يعني ترقي بدران تنزلي جي نشاندهي ڪري رهي آهي.

                 يو اين ڊي  پي سربراهھ اشيم اسٽائنر چيو آهي ته ان جي معنيٰ اها ٿيندي ته هاڻي دنيا ۾ ماڻھو جلد مري ويندا، اهي گھٽ تعليم پرائي سگھندا، ۽ انهن جي ڪمائي گھٽجندي رهندي. صرف انهن ٽنهي پيراميٽرس جي بنياد تي ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هن وقت ماڻھو ڪهڙن سببن ڪري مايوس، نااميد ۽ مستقبل جي حوالي سان پريشان آهن.

جيتوڻيڪ هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين مسلسل اضافو ٿي رهيو هو پر 2020ع ۾ ان ۾ گھٽتائي آئي جنهن کان پوءِ 2021ع ۾ به هن ۾ گھٽتائي ڏيکاري وئي آهي. جنهن جي ڪري گذريل پنجن سالن ۾ ٿيڻ واري ترقي پوئتي رهجي وئي.

گذريل هفتي جاري ٿيڻ واري هن رپورٽ جو عنوان “غيريقيني دور، افراتفري واري زندگي” آهي. هن رپورٽ ۾ هن وقت تائين جي ترقي پوئتي رهڻ کي ڪووڊ واري وبا کي وڏي حد تائين ذميوار ٺهرايو ويو آهي. تڏهن به انهي سان گڏوگڏ سياسي، معاشي ۽ موسمياتي ۽ ماحولياتي سببن کي بحران تي ضابطو نه ڪري سگھڻ جو مکيه سبب قرار ڏنو ويو آهي. اسٽائنر جو چوڻ آهي ته،“اسان ان کان اڳ به آفتن کي منهن ڏنو آهي ۽ تڪرارن جا شڪار رهيا آهيون پر اڄ اسان جنهن شيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهيون اها انساني ترقي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي.“

واضح رهي ته هي نقصان پوري دنيا جو آهي ۽ دنيا جا 90  سيڪڙو کان به وڌيڪ ملڪ هن آفت جي وڪڙ ۾ آيل آهن. هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس جي آڌار تي ملڪن جي درجي بندي ۾ سوئٽزرلينڊ، ناروي، آئسلينڊ ترقي ۾ سرفهرست آهن. جڏهن ته ڏکڻ سوڊان، چاڊ ۽ نائيجيريا ان سلسلي ۾ سڀ کان هيٺ آهن. ان سان گڏ ئي ڪي ملڪ وبا مان نڪرڻ شروع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته لاطيني آمريڪا، سب سهارا آفريقا، ڏکڻ ايشيا ۽ ڪيريبين وارا ملڪ اڃا اڳوڻن بحرانن مان ئي ڪونه نڪري سگھيا هئا ته کين يوڪرين جي جنگ واري صورت ۾ هڪ نئون بحران آڏو اچي ويو آهي.

يوڪرين تي روسي حملي جي نتيجي ۾ کاڌي ۽ توانائي جي بحران جي نتيجن کي موجوده نتيجن ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. اسٽائنر جو چوڻ آهي ته،“ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته 2022ع ۾ صورتحال اڃا ئي وڌيڪ خراب ٿيندي.“

هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ گھٽتائي جو هڪ متوقع حصو عمر ۾ گھٽتائي اچڻ به آهي. عالمي سطح تي 2019ع ۾ عمر جي سراسري حد 73 سال هئي جيڪا 2012ع ۾ گھٽجي 71.4 سال وڃي رهي آهي. يو اين ڊي پي جي رپورٽ جي برک ليکڪ پيڊرو ڪانسيڪائو ان گھٽتائي کي هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. هن جو چوڻ آهي ته آمريڪا سميت ڪيئي ملڪ ٻه سال ان کان وڌيڪ سالن جو مدو پوئتي هليا ويا آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ماحولياتي تبديلي، عالمگيريت ۽ سياسي قطبيت جهڙين تبديلين جي قوتن اڄوڪي انسانيت کي غيريقيني ۽ پيچيدا سطح تي ڌڪي ڇڏيو آهي. جيڪا صورتحال انساني تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي. جنهن سان عوام ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌندو پيو وڃي. اسٽائنر جو چوڻ آهي ته “ماڻھن جو هڪ ٻئي تي ڀروسو گھٽجي رهيو آهي. ادارن جي ته ڳالهه ٺهيو پر ڪيئي ڀيرا اسان جا پاڙيسري اسان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻجي رهيا آهن. پوءِ اهي ڪميونٽي سطح تي هجن يا عالمي سطح تي اهي واقعي به اسان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آهن.“

رپورٽ ۾ هڪ هاڪاري ڳالهه اها ڪيل آهي تھ تجديد جوڳي توانائي ۾ سيڙپ، مستقبل ۾ وبائي مرضن سان نبرڻ لاءِ تياري  ۽ مشڪلاتون برداشت ڪرڻ لاءِ انشورنس  ۽ نين ايجادن جي وسيلي مستقبل جي بحرانن سان نبرڻ جي صلاحيتن کي مضبوط بنائي سگھجي ٿو. اسٽائنر ڪمزور ملڪن لاءِ امداد ۾ گھٽتائي واري هاڻوڪي لاڙي کي به تبديل ڪرڻ جو مطالبو  ڪيو آهي.