سنڌ جو پهريون ۽ آخري سوشلسٽ صوفي!!

0
125
اسان جي عورت !!

صوفي شاهه عنايت سان دوکو.

 تاريخ 1جنوري 1718ع تي نواب اعظم خان ۽ يار محمد ڪلهوڙي صوفي صاحب ڏي صلح ڪرڻ لاءِ جيڪو وفد موڪليو ان ۾ يار محمد ڪلهوڙي جو پٽ ميان محمد خان زميندار، شهداد بلوچ ۽ شاهي فوج جا سالار هئا جن وچ تي قرآن پاڪ رکي اهو عهد ڪيو تھ ڪنهن بھ فقير جي جان ۽ مال جو ڪو نقصان نھ ٿيندو امن امان ٿيندو. هي قرآن شاهد آهي ڪنهن بھ فقير جو وار بھ ونگو نھ ٿيندو اسان توهان ڏي امن جو پيغام کڻي آيا آهيون اوهان صلح لاءِ راضي ٿيو! صوفي صاحب کي فقيرن گهڻو سمجهايو تھ سائين هي قسم قرآن وعدا اقرار سڀ دشمن جا حربا آهن، چالون آهن انهن تي اعتبار نھ ڪريو جيستائين سسي ۾ ساهھ آهي مقابلو ڪنداسين، پر خدا پرست صوفي قرآن جي قسم تي ڪيئن ٿي شڪ ڪري سگهيو. هن صلح جي تجويز منظور ڪئي جهوڪ جي ڦاٽڪ جو دروازو کوليو ويو فوج بنا ڪنهن مزاحمت ۽ خون ريزي ڪرڻ جي اندر داخل ٿي جهوڪ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. صوفي صاحب کي وڏي احترام سان صلحنامي تي صحيحون ڪرڻ جي بهاني نواب اعظم خان جي خيمي ۾ آندو ويو صوفي جيئن ئي اعظم خان جي خيمي ۾ داخل ٿيو هن کي هڪدم هٿ ڪڙيون ۽ پير ڪڙيون هڻي گرفتار ڪيو ويو. صوفي جي گرفتاري کانپوءِ شاهي لشڪر انتقام جي باھھ ۾ ڇتو ٿي پيو هنن جهوڪ ۾ فقيرن جو قتل عام ڪيو انهن جا گهر ڊاهي باهيون ڏنيون مال متاع ڦريائون. جهوڪ جي چوڌاري ڏنل ديوار کي ڊاهي پٽ ڪيائون جهوڪ جي گڏيل زراعتي زمين کي فقيرن جي خون سان رڱي ڇڏيائون سڄو جهوڪ فقيرن جي رت سان لال ٿي ويو. هي سنڌ جي تاريخ جو وڏو قتلام هو جهوڪ کي نيست نابود ڪرڻ کانپوءِ اعظم خان ٺٽي واپس موٽي آيو ۽ صوفي کي درٻار ۾ طلب ڪيائين.

صوفي شاهه عنايت جي درٻار ۾ پيشي.

مير علي شير قانع جيڪو ميان يار محمد ڪلهوڙي جي درٻار ۾ واقع نويس هو ۽ ان وقت اتي موجود هو سو لکي ٿو تھ جڏهن صوفي شاهه عنايت کي نواب اعظم خان جي درٻار ۾ آندو ويو تھ صوفي هٿ ڪڙين ۽ بيل ڪڙين ۾ جڪڙيل هو ،سندس ڳاٽ اوچو هو. اعظم خان هن کان سوال پڇيا صوفي حافظ شيرازي جي بيتن ۾ اعظم خان کي جواب ڏنا اهي ترجمي سان هيٺ پيش ڪجن ٿا.

نواب اعظم خان؛ ٻڌاءِ تون شورش ڇو برپا ڪئي؟

شاهه عنايت؛ جنهن ڏينهن خدا آسمان کي گردش جو حڪم ڏنو ۽ ستن ستارن کي مشتري سان ملائي خوبصورت بڻايو تڏهن خدا جي عدالت ۾ منهنجو نصيب مقرر ٿيو منهنجو ڪهڙو قصور آهي منهنجي قسمت ۾ اهو لکيل هو.

اتي شيخ محمد رضا درٻاري شاعر جيڪو اعظم خان جي ڀرسان ويٺل هو تنهن صوفي کي مخاطب ٿيندي چيو؛ دوست خواب جي عالم مان بيدار ٿي بيهوده ڳالهيون نھ ڪر هي تنهنجي حساب جو وقت آهي.

شاهه عنايت؛ مونکي نيڪ نامي جي گهٽي ۾ گهرڻ نھ ڏنو ويو توکي اگر حڪم خداوندي پسند ناهي تھ ان کي مٽائي ڇڏ.

نواب اعظم خان؛تون پاڻ کي بدنام ڇو ڪيو هاڻي مصيبت برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي!

شاهھ عنايت؛جنهن شخص جي دل عشق سان منور هجي اهو ڪڏهن فنا نھ ٿيندو اسان جي ابديت جي مهر ڪائنات تي لڳل آهي.

نواب اعظم خان؛ تون حاڪم وقت جي اطاعت ڇو ترڪ ڪئي؟

شاهه عنايت؛ اسان مريد پنهنجو منهن ڪعبي طرف ڪيئن ڪريون جڏهن تھ اسان جي پير مغان جو منهن ڪعبي طرف آهي.

نواب اعظم خان؛ هاڻي تون پنهنجي ناڪام خواهشن جو غم ڇو ٿو ڪرين؟

شاهه عنايت؛ مون جڏهن عشق جي چشمي مان وضو  ڪيو ان وقت هستي ۽ هر شيءَ کي ست سلام ڪري ڇڏيا.

نواب اعظم خان جڏهن ڏٺو تھ هي شخص نھ مونکان ڊڄي ٿو نھ ئي پنهنجي عمل تي پڇتائي ٿو نھ جان بخشڻ جي التجا ٿو ڪري تھ حڪم ڪيائين تھ هن گستاخ ۽ باغي صوفي کي زندان ۾ وجهي ڇڏيو.

صوفي شاهه عنايت جي شهادت.

جنوري 1718ع ۾ اڄ کان 304 سال اڳ صوفي شاهه عنايت کي ٺٽي جي صوبيدار نواب اعظم خان جي حڪم سان سر قلم ڪري شهيد ڪيو ويو.

صوفي شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ويو فقيرن جو قتل عام ٿيو جهوڪ جو سڄو ڳوٺ برباد ڪيو ويو پوءِ بھ ارباب اقتدار جي خوف جي اها حالت هئي جو فقير جي نالي ٻڌڻ سان ڪنبڻي وٺي ويندي هين. ان ڪري نواب اعظم خان اعلان ڪرايو تھ ڪنهن بھ ماڻهو جي واتان زور سان لفظ الله (جيڪو فقيرن جو نعرو هو) نڪري تھ ان جو سر تلوار سان قلم ڪيو وڃي ان حڪم تي تبصرو ڪندي مير علي شير قانع لکي ٿو تھ؛ واهھ خدا تنهنجي خدائي جتي تنهنجي نانءُ وٺڻ سان سر قلم ٿين ٿا پر عاشقن جو پوءِ بھ رستو اهو آهي.

صوفي شاهه عنايت سنڌ جو پهريون ۽ آخري سوشلسٽ صوفي هو جنهن زراعت ۾ گڏيل پيداوار ۽ ورهاست جو سوشلسٽ طريقو رائج ڪيو جنهن “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو هنيو ۽ سنڌ جي هارين جي دردن جو درمان ٿيو. جيتوڻيڪ وقت جي ظالم حڪمرانن کيس شهيد ڪري ڇڏيو پر صوفي جو پيغام ۽ عمل سنڌ لاءِ سرتاج جي حيثيت رکي ٿو. صوفي جي شھادت کان پوءِ سنڌ جي هارين سان هيل تائين پيرن،ميرن ۽ ڀوتارن طرفان جيڪي ڪلور ٿيندا آيا آهن اهي سڀ اوهان دوستن آڏو عالم آشڪار  آهن.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت…!!(پورو ٿيو)

مددي ڪتاب؛

تحفتھ الڪرام؛ مير علي شير قانع

تاريخ مظهر شاهجهاني؛ ميرڪ يوسف؛ نياز همايوني

نويد فڪر؛ سبط حسن

جڏهن جهوڪ جهريو؛ ابراهيم جويو.