اديبن جا مسئلا !

0
120
اديبن جا مسئلا !

 پئسو اتم آھي، پئسو ماڻھو کي اديب به ٺاھيو ڇڏي ۽ اديب مان ماڻھو وري ثناخوان به ٿيو وڃي، اھا سٺي ڳالھھ آھي نھ ته جيڪر پئسو دنيا ۾ نه ھجي ھا ته ثناخواني جھڙي صنف جھڙوڪر دنيا جي نقشي تان ئي غائب ٿي وڃي ھا اھڙي صنف کي وڃائڻ سٺو سنئوڻ ناھي.

                 سنڌي ادب ۾ اھا صنف ڪڏھن کان رائج ٿي ان بابت ھن راقم الحروف کي ڪا مستند تاريخ نٿي ملي البته چئي ٿو سگھجي تھ ايجاد جي ماءُ ضرورت آھي.

                 ھڪڙي پاسي سنڌي ادب ۾ مزاحمت جو عنصر چٽي ۽ واضح ريت موجود آھي، اھو ڪنھن ناول، شعر يا مضمون وغيره ۾ مليو پوي،اھي سڀ موضوع به موجود آھن جيڪي عالم انسانيت سان وابسطه آھن. يا عالمي معيارن طور پرکجي ته سنڌي ادب ڪلھو ڪلھي سان ملايو اچي، پر ٻي پاسي انھي سڄي وايومنڊل ۾ دلچسپ صورتحال اھا آھي ته ھڪ عدد ڪھاڻي يا شعر لکندڙ سنگت، ڪنھن بھ خودداري کي ڌڪي ڪري به مراعتن تائين با آساني پھچي پئي سگھي، وظيفي ۽ مراعتن تائين پھچڻ جا مختلف رستا آھن جيئن مرزا غالب ۽ ابراھيم ذوق جو طريقه واردات الڳ الڳ ھو. صاحب سان دوستي وارا ڪنھن سڻڀي سيٽ تائين پھچن ٿا، غالب جھڙا ماڻھو وري به وظيفي ۾ خوار آھن.

غالب وظيفھ خوار ھو دو شاھھ ڪو دعا

وھ دن گئي ڪھتي ٿي نوڪر نھين ھون مين

شيخ اياز چيو ھو ته غالب جو گناھھ شراب نوشي نه پر سندس قصيده گوئي ھو پر شيخ اياز کي ابراھيم ذوق بابت به ڪجھھ چوڻ گھرجي ھا جيڪو پڻ ساڳي دور ۾ جيئندڙ شاعر ھو. ته سندس ڏوھھ ڪھڙو ھو؟

اياز تي ته ھونئن بھ نٿو ڳالھائي سگھجي سندس نالو به اسان عقيدت وچان کڻندا آھيون اھو سندس پورھئي جو ڪمال آھي جو سنڌي ادب تي سندس بادشاھي سدائين پئي رھندي، پر سندس مراعتن يا نوڪري واري پاسي تي ڀلي پڙھندڙ خود ئي ڪا راءِ جوڙي وٺن.

 قصيده گوئي جي ماھر شاعرن کي ڪجھھ ملڻ بعد کيس ڏاڪڻ طور استعمال ڪندي ثقافت کاتي پاران مسلسل ڪا نه ڪا اھڙي قسم جي دلچسپ پڌرائي جاري ڪئي وڃي ٿي جنھن ۾ اديبن ۾ ٻائيتال کڙو ٿيو وڃي پوءِ اھي اديب ۽ اھو فيسبڪ جو پيٽ.

ثقافت کاتي جي تازي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ اديبن کي وظيفو ڏجي ٿو ته وزير چڱو آھي نه ته کيس برو ڀلو ڪوٺيو ٿو وڃي.

جڏھن ته وظيفي جي صورتحال اھا بھ آھي ته ڪجھھ سال اڳي ثقافت کاتي جي ھڪ مشاعري جو اکين ڏٺو احوال ڏجي ته ماھر شاعر پنھنجن دوستن ۽ مائٽن کي مزوري تان موڪل ڪرائي کيس چوسٽا ھٿ ۾ ڏئي زوري مائڪ ڏياري کيس پئسا پئي ڏيارائون، يا ھاڻ به ايئن ئي چوسٽائي سنگت انھي کاتي جي آڌار پلجي پئي ۽ کاتي جي بيانيي بعد ڇنڊا سڀني سڄاڻ ۽ خوددار اديبن تي ڪرن ٿا. عام ماڻھو يا پڙھندڙ وٽ خراب تاثر وري به ھڪڙي سٺي اديب جو وڃي ٿو، جيڪو انھي وظيفي کان انھي کاتي کان پري بيٺو آھي.

خداوند يھ تيري سادھ دل بندي ڪڌر جائين

ڪھ سلطاني ڀي عياري اور درويشي ڀي عياري

کاتي مان پئسو ميلن ڏانھن بھ منتقل ٿيندو پيو اچي، انھي ڪري ميلن جي نتيجن جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گھرجي ته منجھانئس ادب کي ڪو لاڀ ملي ٿو؟ عام طور ڏسڻ ۾ ته ايئن ٿو اچي ته ميلن تي ڪي مخصوص ماڻھو قابض ٿيل آھن انھن جو موقف ئي سڀني جو موقف سمجھيو وڃي ٿو. يا ميلا ڪمرشلائيڊ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي ڇانو ۾ پلجڻ شروع ٿيا آھن  ته ميلي جو ادب ڪمپنين جا اشتھار بڻجي چڪو آھي.

ڪجھھ وقت اڳ ثقافت کاتي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ ڄاڻايو ھو ته کاتو انھي جو علاج ڪرائيندو جيڪو پنجيتالھھ پنجاھ سال يا ان کان به مٿي عمر جو ھجي، سوال ٿو پيدا ٿئي ته نوجوان اديب ڀلي ته مٽي ڀيڙو ٿئي؟ سوشل ميڊيا تي کٽ رکي ويٺل ھڪڙو طبقو اھو به چوي ٿو ته کاتو سال ۾ ڪنھن ھڪ يا ٻن شخصن تائين ئي وظيفي ۾ محدود آھي باقي اديبن جي نالي جو پئسو کاتو پاڻ وٽ “محفوظ” رکي ٿو. جڏھن ته ٻي طبقي جو خيال آھي ته اھو پئسو آھي ئي اديبن جي نالي جو، سو کيس ملندو رھڻ گھرجي، ٽيون طبقو وري عوام جي راءِ سان متفق آھي تھ پئسو عام عوام جو آھي اھو ڪٿي ۽ ڪيترو ورھاست ٿئي پيو انھي جو انگ اکر ظاھر ٿيڻ گھرجي، انھي سان وظيفي تائين رسائي نه ڪري سگھندڙ شخص به قسم کڻڻ کان بچي پون ۽ سرخرو ٿي ھلي سگھن. اسان جو موقف ٽئين طبقي وارو موقف ساڳيو آھي ثقافت کاتي کي انھي تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي. اديبن کي گذارش آھي تھ اديب وظيفه خوار نه پيغمبر ٿيندا آھن انھن جو پيغام قومن جي تقدير بدلائي ڇڏيندو آھي اوھان جو شعر و ادب ته محب وطن انقلابي قوتن سان گڏ بيٺل ھجڻ گھرجي جو سنڌ جي تقدير بدلائڻ ۾ اوھان جو ڪردار ڳڻائي سگھجي.