الحمد الله! ڳالهه پڪي ٿي وئي: جنت مرزا پاران تصديق

0
451

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽاک ٽاڪ اسٽار جنت مرزا تصديق ڪئي آهي ته عمر بٽ سان سندس ڳالهيون پڪيون ٿي ويون آهن، پاڪستان جي نمبر ون ٽڪر ٽاڪر جنت مرزا تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏنو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ” عمر بٽ سان ڳالهه پئي ٿي آهي پر باضابطه طور تي منهنجي مڱڻو ناهي ٿيو، هن چيو ته مون کي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن بابت اندازو نه نه هو، مون کي ڪنهن جي ڪال آئي ۽ ان پڇيو ته’ جنت ، ڇا اوھان جو مڱڻو ٿي ويو، ٽي وي چينلن تي اهڙيون خبرون هلي رهيون آهن، اهو ٻڌي آئون حيران ٿي ويس، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته ٽيڪ اسٽار جنت مرزا پنهنجي دوست عمر بٽ سان مڱڻو ڪري ورتو آھي، پر ٻنهي ڄڻن جي ترديد ڪئي هئي..