افغان امن عمل لاءِ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي: وزيراعظم

0
420

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ تاجڪستان ۾ واپار سوڌو مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ معاهدا طئه، وزيراعظم هائوس ۾ تقريب دوران ٻنهي ملڪن جي وفدن معاهدن تي صحيحون ڪري ورتيون، ملاقات بعد وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪ صدر جي گڏيل پريس ڪانفرنس، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان سان لاڳاپن کي اهميت جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ امريڪي فوج جي واپسي بعد مستحڪم حڪومت قائم ٿئي، افغان امن عمل لاءِ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، افغان امن عمل ناڪام ٿيو ته خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، وزيراعظم هائوس آمد تي تاجڪ صدر امام علي رحمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.