اشو آف دي ڊي/هي نه فلسطين آهي نه ئي اسرائيلي فوج: ڪراچي غازي ڳوٺ ڊاهڻ ۽ رهواسين مٿان تشدد تي ردعمل

0
213
اشو آف دي ڊي/هي نه فلسطين آهي نه ئي اسرائيلي فوج: ڪراچي غازي ڳوٺ ڊاهڻ ۽ رهواسين مٿان تشدد تي ردعمل

ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ ڊاهڻ ۽ رهواسين مٿان تشدد خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، سوشل ميڊيا تي زخمي ٿيل عورتن سوڌو رهواسين جون تصويرون ۽ پوليس تشدد واريون وڊيوز وائرل ٿي ويون، غازي ڳوٺ هيش ٽيگ ٽرينڊ شروع  ٿي ويو، ان حوالي سان عنايت الله لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  ڪراچي غازي ڳوٺ ۾ ڌرتي ڌڻي نياڻين سان هي حشر، حڪمرانن لاءِ ٻڏڻ جو مقام آهي، لال جروار ۽ ميانداد برهماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي فيصلي جي گھڙي آھي، لکين افغانين بھارين برمين ۽ ٻين غير ملڪي قبضا خورن دھشتگردن ڏوھارين منشيات ۽ ھٿيارن جي ڪاروبار ڪندڙن کي ڏيھه نيڪالي ڏيڻ ۽ ڪيل قبضا ڇڏائڻ بدران کين تحفظ ڏئي ۽ صدين کان آباد سنڌين جي ڳوٺن کي ڊاھي پٽ ڪري ڪراچي مان سنڌين کي لڏائڻ واري سازش ڪئي پئي وڃي، پرامن احتجاج ڪندڙن تي به پوليس ڪڙڪي پوي ٿي، ممتاز قاسماڻي اوٺو،، سارنگ لطيف پليجو، سائينداد هنڱورجو، ميهر ڀيل، قادر ڀٽو، نسيم اشرف، خليل درس، شعيب الرحمان، مير مري، محمد ايوب نهڙي، به پوليس تشدد جي مذمت ڪئي، مهران درس لکيو ته پنهنجي قوم تي ظلم ڪرائن پيا، رفيق جان زيب لکيو ته ڌارين جا قبضا جائز باقي ڌرتي ڌڻين خلاف ڪارروائي؟ ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي ڌرتي ڌڻين تي ڪاھ معصوم عورتن مٿان فائرنگ ۽ شيلنگ، انهن کي افغان بستيون چائنا ڪٽنگ سميت ڪوبه  ڌاريو نظر نه آيو، سنڌي نياڻيون نظر آيون تشدد لاءِ؟ پنهنجي سنڌين کي بي گھر ڪرڻ چاھين ٿا.

جنهن تي ڪامريڊ علي رضا چانڊيو لکيو ته سنڌ سرڪار کي شرم اچڻ گهرجي، امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته غازي ڳوٺ ۾ پوليس جي هن عمل جي شديد مذمت ڪجي ٿي.نسيم اختر جلباڻي، واجد لغاري، امداد چانڊيو، ايڊووڪيٽ رضوانه  ميمڻ، سڪندر لغاري به مذمت ڪئي. طارق خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس گردي نامنظور، غازي ڳوٺ ۾ اسان جي مائرن ڀينرين جي مٿان حملا ڪراچي جا سمورا سنڌي پنھنجن جي مالڪي لا پھچن، منھنجي ڀيڻ جي مٿي مان وھندڙ رت ۽ ھٿ ۾ مزاھمت جو پٿر خاموش پيغام آھي اسان کي ديوار سان نه لڳايو اڄ جيڪا سنڌ جي عورت مزاحمت ڪري پئي ھي نئي سنڌ اڏجي پئي. منصور علي، ساجد رضا مڱريو، علي اڪبر سومرو، حسن پٺاڻ، غلام نبي خاصخيلي ۽ ٻين به پوليس تشدد جي مذمت ڪئي. شبير پياڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جو وزير داخلا مراد علي شاهه آهي. هو ئي وزير اعليٰ آهي. مراد علي شاهه جي مرضيءَ، اجازت ۽ حڪم بنا غازي ڳوٺ تي پوليس ڪاهه نٿي ڪري سگهي. هن ڏاڍ جو سڌو سنئون ذميوار مراد علي شاهه ئي آهي. جنهن تي اشوڪ راماڻي، ڪريمداد خشڪ، سليم جروار، آصف اسماعيل سومرو به مذمت ڪئي.راشد ٽالپر لکيو ته بلڪل ڌاريا دھشتگرد پناهگير افغاني برمي بيھاري بنگالي قبضي گير ڪراچي ۾ رھي سگھن ٿا پر ڪراچي جا مالڪ ڌڻي نٿا رھي سگھن ڌڻين جا اجھا ڊاھڻا آھن ۽ ڌارين رھزنن دھشتگردن کي پناھ ڏيڻي آهي،

رضا هالو لکيو ته ڌارين خلاف ايڪشن کڻڻ کان اهي لنوائي رهيا آهن. ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي جي سنڌي وسندي غازي ڳوٺ تي ونگارو پوليس پاران چڙهائي ڪري نياڻين تي شيلنگ ڪرڻ کي ڪنهن به ريت قبول نٿو ڪري سگهجي، اها بربريت آهي، ڌرتي ڌڻين سان هي ويڙهه شرمناڪ عمل آهي. ڌارينءَ آبادڪاري جي آجيان ڪريو ٿا، انهن جي آبادين کي پڪو ڪرڻ جهڙو ڪُڌو ڪم ڪريو ٿا باقي سنڌي آباديون اک جو ڪنڊو بڻيل آهن، بلڊر مافيا جي ونگار وهڻ بند ڪريو. اهو نه وساريو ته ڪراچي سنڌين جي دل آهي ۽ دل رهندي.جنهن تي بهادر علي سيد لکيو ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڌارين خلاف ڳالهائڻ جو پلاند ٿي رهيو آهي، مٺو جان گنگاڻي لکيو ته هي فلسطين ناهي نه ئي انهن تي تشدد ڪندڙ اسرائيلي فوج آهي،اهو ڪراچي جو سنڌي ڳوٺ غازي ڳوٺ آهي جنهن کي خالي ڪرائڻ لاءِ سنڌ پوليس سڌي فائرنگ ڪري عورتن، ٻارن کي زخمي ڪيو آهي.عبدالستار کوسو لکيو ته سنڌ جي حالاتن کي فلسطين جھڙي ننڌڻڪائي ڏي ڌڪيو پيو وڃي، انور ڏيانگ، شڪيل راهمون، تيجومل ميگهواڙ، راءِ چند راءِ، رشيد نوحاڻي به مذمت ڪئي.عاجز جمالي، انعم ٽالپر، محمد تقي، احسان ميمڻ، ببلي سنڌي، ناصر، نويد راهمون، فيصل هنڱورجو، محمد شريف، تنوير شيخ، امتياز پنهور، ڊاڪٽر فتح محمد، سمير مينڌرو، مهراب علي ۽ ٻين پڻ ٽرينڊ ۾ حصو ورتو ۽ پوليس تشدد جي مذمت ڪئي.