سوال/سروي پيٽرول مهانگو ڪيو ويو ته حالتون سريلنڪا جهڙيون ٿينديون: عوام

0
312
سوال/سروي پيٽرول مهانگو ڪيو ويو ته حالتون سريلنڪا جهڙيون ٿينديون: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پيٽرول 15 رپيا ۽ ڊيزل 18 رپيا مهانگو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، ان بابت اوهان ڇا چوندا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته تيل جي اگهن ۾ اڃا واڌ ٿي ته حالتون سريلنڪا جهڙيون ٿي وينديون، حڪومت رليف ڏيڻ بدران تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري رهي آهي، اهڙي عمل کي رد ڪجي ٿو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منظور علي زرداري لکيو ته حڪمران نااھل ٿي چڪا آهن عوام جو ڪنهن کي به لاچار ناهي، سارنگ منير سومرو لکيو ته عوام جي پيٽ کي اھا آخري تيلي آھي جيڪڏھن پيٽرول جا اگھه وڌيا ته حالتون سريلنڪا کان به خطرناڪ ٿينديون، گل حسن شر لکيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ته اڃا ڪونه چڙھيو آھي تيل، شنڪر لال لکيو ته اڳ ئي عوام پريشان آھي مٿان وري پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي ،حڪومت کي گهٽ ۾گهٽ غريب عوام کي رليف ڏيڻ گھرجي. جنيد بلوچ لکيو ته ان جي ڪري آئون تڪڙو ڳوٺ کان چڪر ھڻي آيس، ممتاز علي سميجو لکيو ته مار خدا جي پوي هن حڪومت کي، برساتن جي مند ۾ رليف بدران ويتر عوام مٿان وڌيڪ مهانگائي جو بم ڪيرائي غريب عوام کان جئيڻ جو حق کسيو پيو وڃي،

علي نواز ڪڇي لکيو ته حڪومت مهانگائي ختم ڪرڻ بدران وڌائي رهي آهي عوام کي وڌيڪ پريشان ڪيو پيو وڃي، شاهد ڏاهري لکيو ته عوامي احتجاج شروع آهي هاڻ هنن کي لڪڻ جي به جاءِ نه ملندي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نامنظور، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته عوام اڳ ۾ ئي 2 ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي برسات سبب بيروزگاري وڌي وئي آهي مٿان پيٽرول جي قميتن ۾ واڌ عوام کي خودڪشي ڪرڻ مجبور ڪيو وڃي ٿو حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ غريب عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي راشن جي ريٽن تي ڪنٽرول ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ظفر رند لکيو ته حڪومت مڪمل نااهل ٿي چڪي آھي اسيمبليون ٽوڙي جلد نئين اليڪشن ڪرائي وڃي، اياز علي راهوجو لکيو ته حڪومت آھي ئي ڪانه ته ميار ڪنھن کي ڏيون؟ قربان علي لکيو ته امپورٽيڊ حڪومت مان چڱائي جي اميد ناهي، سعيد خان ڏهر لکيو ته اسان جو عوام مئل آھي ڀلي 1000رپيا به وڌائي تڏھن ٻه اسان ڪونه اٿنداسين. اسين صرف نعرن تي نچڻ واري قوم آھيون، اسان پنھنجو حق نٿا گھري سگھون. اسين زنده رھي به مئل قوم آھيون اگر ھن دفعي پيٽرول وڌيو ته منهنجو عوام کي عرض آھي ته ھن دفعي سڄاڳ ٿيو ، نويد نواز لکيو ته تيل جا اگھه اڳ ئي مزور ۽ غريب طبقي جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آھي ويتر جي تيل وڌيو ته جيئڻ سان گڏ ساھ کڻڻ به مشڪل ٿي ويندو، فيض سنڌي لکيو ته خدا جو قهر نازل ٿيندو حڪمرانن تي،

وحيد ڄامڙو لکيو ته خدا جي مار پئي حڪمرانن تي ھينئر ملڪ جو عوام برسات ۾ بري طرح متاثر ٿيو آهي ماڻھو گھرن کان بي گھر ٿي ويا آھن حڪومت ھن وقت تائين متاثرن جي ڪابه واھر ناھي بي يارو مددگار بڻيل آھن وري مصيبت جي گھڙين ۾ رليف بدران مھانگائي ڪئي پئي وڃي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته اتحادي حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي، سنڌي علي گل شيخ لکيو ته جيڪر هيئر پئٽرول وڌيو ته غريب عوام ته خدڪشيون ڪندو، روشن داس لکيو ته عوام اڳ ئي پريشان اهي، اطهر عباس لغاري به راءِ جو اظهار ڪيو، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي پيٽرول ۽ ڊيزل گهٽ ڪيو وڃي عالمي مارڪيٽ ۽ ٻين ملڪن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تمام گهٽ آهي پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو آهي وفاقي حڪومت کي گهرجي پيٽرول ۽ ڊيزل گهٽ ڪيو وڃي پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيندو هر شي مهانگي ٿيندي، نادر اڄڻ لکيو ته ھاڻي وفاقي حڪومت اسانکي سائيڪلون وٺڻ تي مجبور ڪندي،

نماڻو نوناري لکيو ته عوام کي جيئري مري ڇڏيو اٿن، قربان ميراڻي لکيو ته عوام جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن حڪمرانن، ووٽ به اڳتي اھڙوئي ملندن جھڙي ڪرڻ تھڙي ڀرڻي، ساگر امير حيدر لکيو ته مطلب ڦٽن تي لوڻ سان گڏ هاڻي ڳاڙها مرچ به ٻرڪيندا، صدام راهمون به سروي ۾ حصو ورتو، تيجو مل سوٽھڙ ھنسراجاڻي لکيو ته شل مالڪ رحم ڪري عوام جو ڪجھ سوچيو، مختيار جمالي به سروي ۾ حصو ورتو، فيصل ڪانڌڙو لکيو ته برساتن سبب اڳي ئي غريب عوام تڪليف ۾ آهي مٿان وري تيل جو وڌندڙ قيمتن سان مهانگائي ۾اضافو ٿيندو ،ھن ظالم حڪمرانن غريب عوام جي زندگي برباد ڪري ڇڏي آهي تيل جي قيمتن ۾گهٽتائي ڪئي وڃي، توفيق احمد به سروي ۾ حصو ورتو، انور راجا لکيو ته حڪومت مڪمل نااهل ٿي چڪي آھي اسيمبليون ٺوڙي جلد نئين اليڪشن ڪرائي وڃي، ميانداد مري لکيو ته حڪمران نااھل ٿي چڪا آهن عوام جو ڪنهن کي به لاچار ناهي، فدا حسين لکيو ته ڀلي مهانگو ڪن ڪهڙو اسان روڊن تي اچي احتجاج ڪنداسين، نازش جمالي لکيو ته مھانگائي ھڪ لاعلاج مرض بڻجي چڪو آھي ان جي لاءِ اسان ڪجھه نه ٿا ڪري سگھون ڇو ته قوم ۾ ٻڌي ناهي، بشير ميراڻي، غلام رسول راهمون، عبدالستار بلوچ، حاڪم ڪٽوهر، وڪرم مالهي، رميز حسين مري، نارائڻ داس لاکاڻي، فضل سبزوئي، عبدالستار، قادر شر، عباس علي، ساڱر باسط بلوچ، وحيد مستوئي ۽ ٻين به تيل اگهن ۾ امڪاني واڌ کي رد ڪيو.