گندگيءَ جو ڍير بڻيل راڻيپور شهر ۽ انتظامي بيڌياني!

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي آهي، جنهن سبب 5 ڏينهن اڳ ڊومڪي پاڙي ۾ هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 50 سالا فيروزا ڊومڪي فوت ٿي وئي ۽ ڪيترا گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا ھئا، ته وري ساڳئي ڊومڪي پاڙي ۾ ڇھه سالن جي نينگري ثمينه ڊومڪي راند کيڏيندي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي، تازي پيل برسات ڪروڙين رپيا بجيٽ رکندڙ ٽائون انتظاميا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، هر طرف گندو پاڻي بيٺل آهي ۽ گندگي جا ڍير لڳل آهن، جڏهن ته شهري عذاب واري زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آهن. برساتي پاڻي شهر جي مک بازرن، شاهي بازار، کير بازار، ڪپڙو مارڪٽ، ريشم گلي، موبائيل مارڪيٽ، سونارا بازار، پراڻو بس اسٽاپ، ڀٽائيءَ ڪالوني، ڪچي آبادي، عيسو لاکو، بودلا محلا، ڊومڪي محلا، رضا ڪالوني، ھمدرد محلا، اسٽيشن روڊ ۽ قبرستان، عبدالقادر شاھ پارڪ، سميت قومي شاھراهه جي ٻنهي پاسن کان بيٺل رهيو، جڏهن ته ٽائون انتظاميا جي لاپرواهي جي ڪري شهر اندر گندگي جي وڌڻ ڪري شهرين جو پنڌ گهمڻ پڻ محال بڻجي ويو آهي، شھر ۾ ڪٿي به صفائي سٿرائي لاءِ ٽائون انتظاميا ڪي به جوڳا اپاءُ نه وٺي سگهي آهي، جنھن سبب ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺي رهيون آهن، هر طرف گندگيءَ جا ڍير هجڻ گپ ٿيڻ ڪري شهر جو ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويو آهي، اڳ ئي ملڪ ۾ مھانگائي انسانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته راڻيپور ڪارباري حوالي سان مشهور شهر آهي، ان ڪري ڪيترن ئي شهرن ۽ آس پاس ڳوٺن آيل ماڻهو گندي پاڻي جي هجڻ ڪري خريداري نه ڪري سگهيا بنا خريداري جي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن خالي هٿي واپس هليا وڃن ٿا. شهر ۾ قائم آفيسرن جي آفيس اڳيان به پاڻي بيٺل آهي پر سندس عملي کي ايترو وقت ناهي جو هو اهو پاڻي ڪيڏانهن نيڪال ڪري سگهن. برساتي پاڻيءَ ۽ گپ ماڻهن جا ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويا آهن ۽ عوام هاڻ لنگھڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. شھرين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته گندگيءَ جو نوٽس وٺي ۽ صفائي سٿرائي جو عمل شروع ڪرائين ۽ شهرين کي پريشانين کان بچائڻ لاءِ جلد قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ ڪورٽ جو در کڙڪائن تي مجبور ٿي وينداسين.

فياض حسين راڄپر /راڻيپور

سنڌ ۾ موذي بيماريءَ کان خطرناڪ وياج جي وبا رڪجي نه سگھي!

سنڌ ۾ بيماري کان به وڌيڪ خطرناڪ بيماري وياج آهي، جيڪا هڪ مريض کي نه پر پنهنجي پوري معاشري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏي ٿي، جيڪا نسلن ۾ سفر ڪندي ٿي اچي پر ان سفر ۾ الائي ته ڇو قانون به رڪاوٽ نٿو وجهي. وياج جيڪو ڪڏهن غير مسلمانن کان وٺڻ جو ٻڌو ويندو هو اهو اڄ مسلمانن جو هڪ وڏو ۽ ڪامياب ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، جنهن جو وڏو سبب سٺن ماڻهن جي ماٺ ۽ قانون جي رکوالن جي رکيل چپ جو روزو آهي. اسان جي معاشري ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهندا آهن هڪڙا حالتون ڏسي خيال مٽائيندا آهن، جڏهن ته ٻيا وري خيال ڏسي حالتون مٽائيندا آهن. اسان وٽ اهڙن ماڻهن جي گهڻائي آهي جيڪي حالتون ڏسي پنهنجا خيال بدلائي ٿا ڇڏين. معاشرو خراب ماڻهن جي خرابيءَ سبب خراب ناهي ٿيندو پر معاشري ۾ سماجي برايون تڏهن جنم وٺنديون آهن جڏهن سٺا ماڻهو چپ جو روزو رکي خاموش ٿي ويهي رهندا آهن. ڇاڪاڻ ته سماجي برائيءَ جو وڏو ڪارڻ سنڌ پوليس آهي، جيڪا وياجين ۽ منشيات فروشن جي ساٿاري بڻيل آهي. وياج جي ڦهليل وبا ڪيترائي ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن ۽ رت جي رشتن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا آهن، جڏهن ته پوليس ٻنهي پاسن کان پئسا وٺي پنهنجي عدالت لڳائي فيصلا ڪرڻ ۾ مصروف آهي. مون هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته پوليس جنهن کي ماڻهن ۾ شمار اجايو ٿو ڪيو وڃي، اهي ماڻهو بلڪل به ناهن، سا ڄڻ ته حقيقت لڳي رهي آهي. پوليس جي پهرئين نظر پئسن تي هوندي آهي ۽ ٻي نظر ٻيءَ ڌر جي کيسي تي، جنهن سبب ڏوهن ۾ لاڳيتي واڌ اچي رهيو آهي پر وياج جو ڪاروبار ڪندڙ نسلن جا قاتل آهن، جن مان تباهه ٿيندڙ نوجوانن جي جند آجي ڪرائي وڃي ته جيئن قوم ترقيءَ جي راههَ تي هلندي رهي. وياج بابت اسان جو دين اسلام سختيءَ سان منع ڪري ٿو ۽ ملڪي قانون به روڪي ٿو پر پوءِ به اسان جا ڪجهه مولوي حضرات عجيب عذر تلاش ڪن ٿا.

انجنيئر وسيم چنا/ سيوهڻ