اشو آف دي ڊي … هي ملڪ آهي يا ٿيٽر جيڪو صرف آڊيو ۽ وڊيو تي هلي رهيو آهي: سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
216

 وزيراعظم شهباز شريف، مريم نواز، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن جون آڊيوز سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نه رڳو تنقيد پر بحث جو سلسلو به شروع ٿي ويو،  دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا، مزاحيه آڊيوز ٺاهي شيئر ڪيون ويون ان حوالي سان فيروزه لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پورو ملڪ بليڪ ميلنگ تي هلي رهيو آهي؟ هڪٻئي کي خاموش ڪرائڻ جو طريقو جيڪو اڄ تائين ڪوئي سائنسدان به نه ڳولي سگهيو اهو هنن ڳولي ورتو، اوهان خاموش رهو اوهان جي آڊيو آهي، اوهان به خاموش رهو اوهان جي به وڊيو آهي هي ملڪ آهي يا ٿيٽر جيڪو صرف آڊيو ۽ وڊيو تي هلي رهيو آهي.  جنهن تي نعمان بلوچ لکيو ته جتي اداڪار هجن اهو هنڌ ٿيٽر ئي بڻجي ويندو آهي، سيف احمد چانڊيو لکيو ته صرف عوام کي بيوقوف پيا ڪن، غلام عباس لاشاري لکيو ته ٿيٽر بڻجي ويو آهي پنهنجي پسند جا سڀ فنڪار آندا پيا وڃن، هدايت علي هيسباڻي ۽ غلام فريد، ادريس سومرو، ارشاد لاشاري، شاهد لغاري، رحمت الله نظاماڻي، ايڊووڪيٽ مهوش اعجاز پوسٽ سان اتفاق ڪيو. فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪوڙو، مڪار، ڊراميباز، سائفر سازش ليڪ پارٽ ٽو ته هنن کي ڪٿي به منهن ڏيکارڻ جهڙو ناهي ڇڏيو، جنهن تي ذوالفقار علي صديقي لکيو ته ڪپتان چوي ٿو ته ڪنهن جي واتان به آمريڪا جو نالو نه نڪري، حفيظ ڪنڀر لکيو ته اهي پهريان منهن ڪٿي ڏيکاريندا هئا،

حيدر بخش چانڊيو لکيو ته جنهن کي جهڪڻ بدران جيل کي ترجيح ڏيڻي هئي اهو جج جي خالي ڪرسي سامهون جهڪي هليو ويو، سليم جروار لکيو ته آڊيوز ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ٻڌڻ ۾ ته نٿي اچي جو اهي ڪٿي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه رهن، علي آڪاش لکيو ته سڀني کي منع ڪري اڳئين ڏينهن آمريڪا جو نالو پاڻ ورتائين، ياسر ڏاهري لکيو ته سائفر 2 ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي جهڙي اوهان پوسٽ رکي آهي، گدا حسين لکيو ته ٻيا وري ڪهڙا کير جا ڌوتل آهن، شاهنواز خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وڪي ليڪس، ڊان ليڪس، پاناما ليڪس هاڻ ته سڄو ملڪ ليڪس ئي ليڪس لڳو پيو آهي، وڏا مسئلا آهن. جنهن تي مظهر علي لکيو ته مسئلا وڌندا ٿا وڃن، امتياز کهاوڙ لکيو ته اهي مسئلا اليڪشن کانسواءِ حل نه ٿيندا، محبوب ڏاهري پوسٽ شيئر ڪئي ته جمعي جو انتظار ڪريو تمام اهم آڊيو ليڪ ٿينديون ؟ غلام رسول آريسر پوسٽ شيئر ڪئي ته جيڪڏهن آڊيو ليڪ ٿيڻ لڳيون ته پوءِ ٿي سگهي ٿو واپس خطن وارو دور نه اچي وڃي، عمران علي ملڪ پوسٽ شيئر ڪئي ته آڊيو ليڪ کانپوءِ پيش خدمت آهي آمريڪي ڌمڪين وارو خط وزيراعظم هائوس مان چوري ٿي ويو، جنهن تي منٺار علي مري لکيو ته اهو خط عمران خان جي حڪومت ۾ چوري ٿيو اهو ڪيس به عمران خان جي ڪنڌ ۾ لڳندو، آدم پتافي پوسٽ شيئر ڪئي ته آڊيو ليڪ بعد سائفر چوري ٿي ويو، ڪجهه ڪلاڪن بعد سائفر ملي به ويو، ماريا منگي پوسٽ شيئر ڪئي ته عمران خان هيڪرن جا آڊيو پيو ٻڌائي پنهنجا بني گالا جا وڊيوز ڪنهن ليڪ ڪيس ته پوءِ ڇا ڪندو؟

محمد موسيٰ لغاري لکيو ته آڊيو ليڪ کانپوءِ پيش خدمت آهي آمريڪي ڌمڪين وارو خط وزيراعظم هائوس مان چوري ٿي ويو، شاهه حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻين جون وڊيوز ۽ آڊيو ليڪ ڪندي ڪندي همراهه جي پنهنجي آڊيو ليڪ ٿي وئي، جميل خواجه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هيڪر چوي ٿو ته مو نکي 30 ارب رپين جي آڇ ٿي آهي پر مون کي ملڪي مفاد عزيز آهي آڊيو ليڪ ضرور ڪندس، ادا هيڪر 30 ارب رپيا وٺي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪريو آڊيوز ته 30 ارب ڏيندڙ به ليڪ ڪندا، ابراهيم خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آڊيو ليڪ جي چڪر ۾ قوم کي وجهي هي سرڪار ڪيئن پنهنجو ڪم ڏيکاريندي ٿي وڃي ڪجهه خبر اٿو، اين آر او ٽو مڪمل ٿيڻ وارو آهي، وري ساڳيا ماڻهو توهان مٿان حڪمراني جا خواب ڏسن پيا، ڏسون ته عوام ڇا ٿو ڪري، ايڊووڪيٽ قمبر علي کوسو ۽ احساس چنا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان هيڪرن جا آڊيو پيو ٻڌائي پنهنجا بني گالا جا وڊيوز ڪنهن ليڪ ڪيس ته پوءِ ڇا ڪندو؟ نياز زنئور پوسٽ شيئر ڪئي ته چوڌري شجاعت حسين جي آڊيو ليڪ ٿي وئي پر هيڪر کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته چوڌري شجاعت چوي ڇا ٿو….خديجه بخاري پوسٽ شيئر ڪئي ته آمريڪا جي ڌمڪي واري خط بابت هڪ ٻي آڊيو ليڪ ٿي وئي، سميجو ولي ايم خميساڻي لکيو ته آڊيو جو پارٽ ٽو به سامهون اچي ويو اڃا دفاع ڪندا؟ ظهر عباس پوسٽ شيئر ڪئي ته پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙيندڙ عمران خان جي آڊيو ليڪ، آڊيو ۾ توهان ٻڌي سگهو ٿا ته ڪيئن پاڪستاني عوام کي بيوقوف بڻايو. ناديه ڦلپوٽو پوسٽ شيئر ڪئي ته عمران خان هيڪرن جا آڊيو پيو ٻڌائي پنهنجا بني گالا جا وڊيوز ڪنهن ليڪ ڪيس ته پوءِ ڇا ڪندو؟

قاسم ناجي ٻگهيو پوسٽ شيئر ڪئي ته چوڌري شجاعت جي به آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي، نجمه رفيق پوسٽ شيئر ڪئي ته آمريڪا جي ڌمڪي واري خط بابت هڪ ٻي آڊيو به سامهون آئي آهي، نعمت الله ڪولاچي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنهن جون به آڊيو ليڪ ٿيون آهن تنهن جي آوازن ۾ لڳي ٿو ته مائيڪون ان آفيس ۾ فٽ ڪيون ويون، ان ۾ آفيس ۾ مقرر ملوث ٿي سگهن ٿا يا موبائل ڪمپنيون؟ مير امداد علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان جي آڊيو ليڪ، جنهن ۾ عمران خان چوي پيو ته اعظم خان، اسد عمر، شاهه محمود قريشي سڀاڻي اهم ملاقات ڪندس سائفر تي پاڻ کي ڪنهن جو نالو ناهي وٺڻو، پٽواري ان آڊيو تي خوش پيا ٿين. عبدالجبار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آڊيو ليڪ صرف عوام کي بيوقوف بڻائي پنهنجي حڪومت ڪرڻي آهي، شان مهر سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آڊيو ليڪ، وڊيو ليڪ اجايوس بڪواس ڊرامو، قوم کي چريو ڪيون ويٺا آهن، ملڪ انهن طريقن سان هلندا آهن؟ سياست ايئن ٿيندي آهي؟ محمد عرس سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آڊيو وڊيو تصويرون ليڪ ٿيڻ جي موسم هلي رهي آهي سنگت صلاح ڏيو مان به ڀلا ڪجهه با اثر سياسي اڳواڻن جون ليڪ ڪريان؟ علي غلام شر پوسٽ شيئر ڪئي ته عمران خان جي هڪ ٻي آڊيو ليڪ ٿي وئي،

اشرف مري پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪير به آمريڪا جو نالو نه کڻي اسان کي جلسن ۾ عوام کي گمراهه ڪرڻو آهي مرضي جا منٽس ٺاهڻا آهن، عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر جي مبينا ڳالهه ٻولهه جي آڊيو ليڪ ٿي وئي، فيض مري لکيو ته وري ليڪ، عمران خان، شاهه محمود قريشي،ا سد عمر ۽ اعظم خان جي آڊيو ليڪ ٿي آهي،.سڪندر مڱريو ۽ ٻين پڻ پوسٽون شيئر ڪيون. نصير ميمڻ ٽوئيٽ ڪيو ته سياست جي چڪر ۾ سفارتي آداب جي مٽي پليت ڪئي وئي آهي، هن سائفر ڊرامي بعد لڳي ٿو ته دنيا ۾ پاڪستاني سفيرن کي ڪوئي گهر تي چانهه جي دعوت به نه ڏيندو، شمع جوڻيجو ٽوئيٽ ڪيو ته اسان کي آمريڪا جو نالو ناهي کڻڻو، ڪنهن به صورت آمريڪا جو نالو ناهي کڻڻو، عمران خان آمريڪي سازش جو ڪوڙو بيانيو ٻڌائيندي، اسد عمر چوي ٿو ته هي ليٽر نه آهي، ڪپتان چوي ٿو ته ماڻهن کي ليٽر ئي ٻڌائڻو آهي عوام کي ڪٿي سمجهه ۾ ايندو آهي سائفر ليڪ، غريده فاروقي ٽوئيٽ ڪيو ته سائفر جي  ڪوڙي سازش واري بيانيي جو ٻيو ڊراپ سين، اسد عمر چئي رهيو آهي ته هي خط ناهي، هي ته ميٽنگ جو ٽرانسڪرپٽ آهي، عمران خان چوي ٿو ته نه اسان کي ان کي خط ئي چوڻو آهي (ته جيئن عوام کي ڪوڙ ذريعي بيوقوف بڻائي سگهجي)