پرووائيڊنس(اسپورٽس نيوز) ڪيريبيئن پريميئر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي فائينل ۾ جميڪا تلاواه بارباڊوس رائلز کي هارائي ٽيون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نانءِ ڪري ورتو. تفصيل موجب باربوڊوس رائلز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 161 رنز ٺاهيون. پاڪستان بيٽر اعظم خان 51 رنز ٺاهي نمايان رهيو. جميڪا تلاواه طرفان فيبين ايلن ۽ نڪولسن گارڊن 3-3، جڏهن ته عماد وسيم هڪ وڪيٽ ورتي. جميڪا تلاواه 16.1 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي هدف آسانيءَ سان پورو ڪري ورتو. برينڊن ڪنگ 83 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي جنهن سبب کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.