لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته اسان جيڪي غلطيون ڪيون آهن انهن تي ڳالهائينداسين ته جيئن ايندڙ ميچ ۾ اهي نه ٿين، پوئين ڪاميابين سان جيڪو اعتماد مليو آهي ان ۾ فرق نه اچڻ گهرجي. بابراعظم چيو ته پهرين 6 اوورن جو استعمال ئي ميچ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ فرق رهيو، بالنگ ۾ اوهان جيتريون رنز روڪيندا ڊاٽ بالز ڪرائيندا اوترو اوهان جي لاءِ سٺو هوندو آهي. بابراعظم چيو ته هتي گهم پوندي آهي، بال ٿورو آلو رهندو آهي فاسٽ بالرن ۽ اسپنرن کي ڏکيائي پيش ايندي آهي. اهڙي طرح جي صورتحال اڳيان ايندي رهندي ۽ اوهان کي ان کي منهن ڏيڻو آهي، اسان ان تي ڳالهائينداسين ته اهڙي صورتحال ۾ ڇا مختلف ڪريون جو ميچ اسان جي هٿ ۾ اچي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته انگلينڊ جي اوپنر فل سالٽ ۽ ايليڪس کي ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي، ٻنهي اوپنرن شروعات سٺي فراهم ڪئي جنهن سان ميچ جو رخ تبديل ٿيو.