شاگردن جون ساليانيون فيون معاف ڪريو: سوشل ميڊيا تي مطالبو

0
119

 شاگردن جون فيون معاف ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي، ان حوالي سان رسول بخش پليجو نالي آءِ ڊي تان پوسٽون شيئر ڪيون ويون ته شاگردن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، جن جو مطالبو آهي ته شاگردن جون ساليانيون فيون معاف ڪيون وڃن، صداقت علي سمون لکيو ته بلڪل شاگردن جو جائز مطالبو آهي ٿورو اھيو سچيو، اسان جو سڀ ڪجھه برساتن ۾ لڙهي ويو فصل تباهه ٿي ويا مال مري ويو باقي ڇا بچيو جو غريب شاگرد ڪاليج يونيورسٽي جي في ڀري،  ننڊڙو سوال آهي، رحم ڪريو شاگردن تي ٽي چار سال فيون معاف ڪريو، مرتضيٰ چانڊيو، قمبر الدين ميمڻ، ذوالفقار چانڊيو ايڊووڪيٽ، سرور کوسو، الاهي بخش، فاضل علي، ادريس پليجو، حورالنساءَ پليجو، اختر کوسو، پرديپ گلاب، ايم اشرف چانڊيو، مظهر سنڌي، گلزار احمد، پهلاج ڪولهي، شاهه محمد چانگ ۽ ٻين به اهڙي مطالبي جي حمايت ۾ ردعمل ڏنو، سرمد راڄپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاگردن جون ساليانيون فيون معاف ڪيون وڃن، دلدار علي نوحاڻي به شاگردن جون فيون معاف ڪرڻ لاءِ پوسٽ شيئر ڪئي، مختيار علي لکيو ته شاگردن جون فيون معاف ڪيون وڃن، ثناءُالله سوڍو، راحيل ڀٽو، نارائڻ سنڌي، صدام حسين ڪلهوڙو، نويد عباس ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، سنڌي عبدالحميد، ڪاشف برڪت، جواد احمد ۽ ٻين به سنڌي شاگرد تحريڪ جي احتجاج جون پوسٽون شيئر ڪيون ۽ مطالبو ڪيو ته شاگردن جون ساليانيون فيون معاف ڪيون وڃن.