اشو آف دي ڊي … هي فلسطين يا ڪشمير ناهي، نه ئي هي ڪي باغي آهن: ڪراچي ۾ هيلٿ ملازمن مٿان تشدد تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
190

ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن مٿان پوليس تشدد ڪيو، ڪيترائي اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏيندي صحت کاتي جي ملازمن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ تشدد جي مذمت ڪئي وئي جڏهن ته صحت کاتي جي احتجاج جي مخالفت ۾ به پوسٽون شيئر ڪيون ويون، ان حوالي سان جبار ڪابورو وڊيوز شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي، حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج ڪندڙ   گرينڊ ھيلٿ اتحاد جا، پ پ پ جي سنڌ سرڪار مسئلا ڪجھه هن ريت حل ڪيا، مٿن تشدد ڪري گرفتاريون ڪيون ويون آهن، هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي سنڌ جي ماڻهن خاص ڪري سنڌين جڏهن به احتجاج ڪيا آهن ته پ پ پ جي سرڪار سندن تذليل ئي ڪئي آهي، ان ڪري جو  هنن کي خبر آهي ته هي ننڌڻڪا آهن خير پاڻ سواءِ مذمت جي ڪري به ڇا ٿا سگهون، محمد خان خشڪ لکيو ته ٺهي وينداسين ڪو مسئلو ناهي پ پ وارا وري به پنهنجا سنڌي آهن، نعمان راهوجو لکيو ته سنڌ حڪومت نا اهل حڪومت آهي، گهرام خان کوسو لکيو ته ظلم جي انتها آهي، جان محمد مڱريو لکيو ته اتي غير سنڌي هجن ها ته پوليس خاموش هجي ها، سنڌي ننڌڻڪا آهن، نثار ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ سدائين ھن قسم جا منظر ڏسڻ لاءِ ملندا آهن. مھانگائي جي زماني ۾ جڏھن ملازمن جون پگهارون وڌائڻ بدران ويتر گهٽايون وينديون ته ملازمن کي احتجاج ڪرڻ جو حق به نه ڏنو ويندو؟

ھي انتھائي غير انساني سلوڪ آهي. حڪمران جمهوريت جا دعويدار آھن. احتجاج به جمهوري عمل جو حصو آهي. اسان جا حڪمران جڏھن اقتدار کان ٻاهر ھوندا آھن، ته ڇا ڪندا آهن؟ احتجاج ڪندا آهن ۽ احتجاج کي جمهوري عمل سڏيندا آهن پر اقتدار ۾ ھوندي اھڙي جمهوري عمل واري احتجاج کي غير انساني سلوڪ سان ڪچليندا آهن. انتھائي شرمناڪ عمل آهي. عنايت لاشاري پوسٽ شيئر ڪئي ته ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف تي ٿيل بدترين تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪراچي ۾ رڳو اهو حق منظور پشتين کي حاصل آهي ته اهو سنڌ اسيمبلي اندر داخل ٿي وڃي ته به ڪا ڳالهه ناهي صحت کاتي جي ملازم عورتن تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا، سردار فراز کيمٽيو، عبداللطيف پٺاڻ به واقعي جي مذمت ڪئي،عبدالحفيظ چاچڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾هيلٿ ملازم لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي هڪ دفعو ٻيهر جابرن جو جبر، جنگ جو ميدان سجايو ويو واٽر ڪينن جو استعمال، لٺبازي ڪئي وئي ڪيترائي ملازم گرفتار ڪيا ويا. مراد علي شاھه صاحب اسين اهي آهيون جيڪي سڄو ڏينهن موت مار .جان ليوا بيمارن کي  جان جي پراوھ نه ڪندي  هٿن ۾ کڻي صحتياب ڪندا آهيون هي جيل .واٽر ڪين تشدد اسان جا حوصلا ختم نه ٿا ڪري سگهن، شام جي پهر ۾ هڪ دفعو  ٻيهر سنڌ پوليس جي اٽالن جي پر امن احتجاج جي لاٺي چارج واٽر ڪين استعمال تشدد  ڪيو، هي فلسطين يا ڪشمير ناهين هيلت جا ملازم  فرسٽ لائين سولجر آهن ، جن کي دنيا مسيحا جي لقب سان سڃاڻيندي آهي،

منصور چانڊيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هيلٿ کاتي جي ملازم عورتن تي سنڌ پوليس جو تشدد، ڪڏهن به ائين ڌاري قومن خلاف ڪارروائي نه ٿي آهي، توڙي جو پاڪستان مخالف نعرا به ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ايم ڪيو ايم وارن سرعام لڳايا هئا ۽ افغاني پنهنجي ملڪ جا جهنڊا ڦڙڪائيندا رهن ٿا. لياقت علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هيلٿ ملازمن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي، هڪ دفعو ٻيهر تشدد ڪيو ويو ، ڪيترائي گرفتار ڪيا ويا، هڪ پوسٽ تي پرويز اسماعيل لکيو ته وزير صحت ويچاري ڇا ڪري، محرم علي خاصخيلي لکيو ته 3-3 لک رپيا پگهار اٿن پوءِ به اسپتال بند ڪري مريضن کي تڙپايو وڃي ٿو، بي يارومددگار ڇڏي ڪري پنهنجي ناجائز مطالبن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، رزاق عاصي پوسٽ شيئر ڪئي ته ھيلٿ ملازمن لاءِ سنڌ حڪومت ڪاميٽي جوڙڻ بعد به تشدد جو رستو اختيار ڪيو، ڇا سنڌ حڪومت کي پنهنجي ڪاميٽي تي اعتبار نه هو يا صحت ملازمن تي تشدد جي صلاح مشوري لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي. عبدالجبار درس پوسٽ شيئر ڪئي ته هيلٿ ملازمن مٿان تشدد ڪيو ويو، گرفتاريون ڪيون ويون آهن، عبدالمتين عباسي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، محبوب بروهي پوسٽ شيئر ڪئي ته چيئرمين گينڊ هيلٿ الائنس ٺٽو عبدالڪريم ڀاند چيو آهي ته ڪراچي ۾ سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪندڙ گرينڊ هيلٿ الائنس جي مارچ تي پوليس جو وحشياڻو تشدد، ليڊي هيلٿ ورڪرز سميت ڪيترائي ملازم زخمي ۽ گرفتار ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪجي ٿي،

حاجي دودو لکيو ته جدوجهد رنگ لاهيندي، لٺين جو لڳڻ مطالبا مڃڻ جي راهه هموار ٿيڻ آهي، خادم حسين افسوس جو اظهار ڪيو، سجاد علي لکيو ته جمهوري دور ۾ ۽ جمهوري حڪومت جي دعويدار سنڌ حڪومت جو صحت کاتي جي ملازمن تي بي رحماڻو تشدد قابل مذمت جوڳو عمل آهي، ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ۽ ملازمن جي جائز مسئلن جي حل جو مطالبو ڪجي ٿو، حبيب الله ميمڻ، علي رضا ميمڻ، نصيب الله ميربحر، عبدالعزيز به تشدد جي مذمت ڪئي، عيسيٰ جوکيو، علائوالدين زنگياڻي بلوچ، شهباز ميمڻ به ردعمل ڏنو. شهباز علي کوسو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي ڪي باغي ناهن، هي اٿو هيلٿ ڊپارٽمينٽ جا مظلوم ملازم جيڪي جنهن ٽائيم ڪير پنهنجي عزيز کي ڇُهڻ لاءِ تيار نه هو ان ٽائيم هي اڳئي مورچي تي هئا انھن پيشنٽ جي سار سنڀال لهن پيا پر افسوس ڄڻ والاريل علائقي جا ڌاريا هجن پوليس گردي جي مذمت ڪجي ٿي، ڪامران علي مشوري پوسٽ شيئر ڪئي ته ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف تي ڪراچي ۾ ٿيل بدترين تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي پنهنجو حق گهرڻ تي هڪ جهموري حڪومت اهڙو عمل ڪري اهو بلڪل نامنظور آهي سنڌ حڪومت ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري ۽ گرفتاري ٿيل ملازمن کي آزاد ڪري. شڪيل ڌاريجو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو، پوليس جي لٺبازي، ڪيترائي هيلٿ ملازم گرفتار ڪيا ويا، نديم جوکيو به تشدد جي مذمت ڪئي، جي ايم جوکيو به ردعمل ڏنو، حميد چنا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گرينڊ ھيلٿ الائينس جي سڏ تي ميرپورخاص مان نسرين بانو اعواڻ، توحيد ڪوثر ۽ ڪامريڊ صغرا خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ رسڪ الائونس جي بحالي لاءِ ھيلٿ ورڪرز سميت ڪراچي جي ڌرڻي ۾ پهچي ويون، ٻئي طرف D H O ميرپور خاص، مکڻ سمون سينٽر جي هيلٿ سپروائيزر جي شڪايت تي اڄ نسرين بانو کي پنهنجي آفيس ۾ اچڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ مزدور اتحاد ۽ آل پاڪستان ورڪرز ڪنفيڊريشن ميرپور خاص ريجن پاران D H O ميرپور خاص ۽ هيلٿ سپروائيزر  سمن ڳوٺ پاران اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪجي ٿي هيلٿ ملازمن جو ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو. گلزار علي کٽي پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪراچي ۾ سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪندڙ گرينڊ هيلٿ الائنس جي مارچ تي پوليس جو وحشياڻو تشدد، ليڊي هيلٿ ورڪرز سميت ڪيترائي ملازم زخمي ۽ گرفتار ڪيا ويا، اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي. گلشير ملاح به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، صدام جت به پوليس تشدد جي مذمت ڪئي، راجا تنوير خاصخيلي ۽ حيدر ناهيون به پوسٽ شيئر ڪئي، محمد شريف گبول پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي گرينڊ هيلٿ الائنس پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج تي پوليس جو  ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ليڊي هيلٿ ورڪرز، نرسن تي بي رحماڻي تشدد جي ست لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون، پيپلزپارٽي جي حُڪومت  بنيادي پرامن جمھوري  احتجاج جي رستا روڪ ڪري بدترين آمريت قائم ڪئي آھي. لال جروار به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، راجا ڀيل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اها اٿئي سنڌ ۾ جهموريت، ڪراچي ۾ پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽر، اسٽاف نرسز ۽ پيراميڊيڪس عملي تي پوليس جو تشدد، شيلنگ، واٽر ڪينن جو استعمال، ڪيترائي مظاهرين سخت زخمي،ڪيترائي گرفتار  ڪيا ويا، سنڌ سرڪار جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. رميش ڪمار، امير ولاسائي، نندلال ٿري به ردعمل ڏنو، ڊاڪٽر اقبال کٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گرينڊ ھيلٿ الائنس جي صدر ڊاڪٽر محبوب نوناري جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھر ٿا ڪريون ته ھيلٿ ملازمن جا مسئلا حل ڪري ماحول کي انتشار کان بچايو !! ڊاڪٽر خالق ميمڻ، اختر حسين، ڪفايت الله جان، سجاد کٽي، گلزار کٽي، شڪيل کٽي، ڊاڪٽر عثمان سرويچ، حبيب الله، واحد خاصخيلي، احمد علي ميمڻ، نديم بروهي به تشدد جي مذمت ڪئي، چيو ته جڏهن به ڪو حق وٺڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان مٿان تشدد ڪري گرفتار ڪيو ٿو وڃي اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا. حسن پٺاڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر محبوب نوناري، جنرل سيڪريٽري اعجاز ڪليري ۽ بشرا آرائين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، سنڌ سرڪار کي شرم اچڻ گهرجي. قاضي آصف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صحت کاتي جي احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ڪا همدردي ناهي، ڪورونا بعد رسڪ الائونس بند ڪرڻ انتظامي فيصلو آهي، جواب ۾ غريب ماڻهن جي اڪيلي سهاري سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊي بند ڪرڻ ڪهڙو انصاف آهي؟ هڙتال دوران جيترا مريض فوت ٿي ويا آهن انهن جي قتل جو ڪيس تنظيم جي اڳواڻن تي داخل ڪريو. ڪليم کوسو ۽ ٻين به ردعمل ڏنو.