سوال ڪهاڻي…!

 

ڪلاس ۾ پڙھائڻ دوران شاگردن جي رابطي ۽ ضابطي کي ڏسي اهو يقين ٿي ويندو  اٿم ته هنن مستقبل جي معمارن جون خواهشون ضرور ساڀيان جو روپ ماڻينديون. اڄ ڪلاس ۾ وياڪرڻ (گرامر ) جو عنوان هو.

وياڪرڻ جي وضاحت ڪرڻ کانپوء جڏهن اسم ۾ جاندار ۽ بي جان شيء جي ذڪر ڪرڻ سان گڏ جاء جو به ذڪر ڪيم ته مون محسوس ڪيو ته ڄڻ مونکي ڪو چوندو هجي ته سر.. اها جاء جيڪا برسات ۾ ٽمي ٿي وڃي؟ آڱرين مان چاڪ ڇڏائيجي ويو! بورڊ کان پري ٿي ڪلاس ۾ نهار ڪيم سڀ شاگرد ضابطي ۾ ھئا. پريشان ٿي ويس. وري ضمير جي وصف ۾، اندر جي آواز سان گڏ تون، توهين، توهان ۽ هو وغيره جا مثال  سمجهايم. وري ڪنن سان آواز ٽڪرايو. سر توهين ۽ توهان ڪيڏو نه سٺو لفظ آھي! پوء مونکي هرڪو، اڙي ڇورا سان ڇو ٿو سڏي….!؟ پويان ويٺل شاگردن ڏي اشارو ڪندي چيم ڪير پيو ڳالهائي؟ هڪ شاگرد وراڻيو سر ڪوبه نه!

ضمير کانپوءِصفت ۾، هي انب مٺو آھي جو مثال ڏنم، ڪنن سان آواز ٽڪرايو ، سر اسان انب خالي ڏسندا آھيون. وڏن چانورن سان گڏ وڏا انب ته توهان جهڙا امير ماڻھو کائيندا آھن. فعل جي وصف ۾  فعل  جي معنيٰ ڪم ٻڌايم . ڪرڻ ، هئڻ  ۽ لکڻ پڙھڻ  جا مثال ڏنم. آواز آيو. جيڪي اسان جي حصي ۾ آھن لابارا ڪرڻ، پٿر ڍوئڻ ۽ اس ۾ تغاريون کڻڻ! ظرف ۾  لفظ تمام کي مدي نظر رکي جملو ٻڌايم ته هي انب تمام مٺو آھي. وري ڪنن ۾ آواز ٻُريو… سائين! اسان غريبن تي ٺٺوليون نه ڪر ، اسان انب خريد ڪري ناهيون سگهندا. ڪلاس ۾ اها ئي ماٺار. شاگردن کان ٻيا مثال پڇيم. اڳتي حرف جر ڏي وڌيس مثالن ۾ کي، تي، ۾ ۽ کان وغيره ٻڌائي، جملو لکايم ته؛ اڄ کان گهڻو اڳ ماڻھو کلون لباس طور استعمال ڪندا هئا. وري آواز  ڪنن سان ٽڪرايو.

سر، تن تي ته هينئر به ڦاٽل ڪپڙا ٿا اوڍيون.

حرف جملي جي وصف ۾  مثال طور ۾ جملو لکايم ته ،فھد ڪراچي ويو ٿي پر گاڏي نڪري وئي. ساڳيو آواز ڪنن سان ٽڪرايو سائين! لکايو پليز ته، ڦلاڻي ڇوڪري کي رات بک جام لڳي هئي پر ماني گهٽ هئڻ ڪري سندس ڍؤ ڪونه ٿيو. آخري لفظ حرف ندا ۾ غم، خوشي ۽ حيرت وغيره جا مثال ڏئي جملا ٺاهيم وري آواز آيو. سائين!… اسان کي ڀلا خوشي ڪڏهن پلئه پئي آھي جو اوهان ذڪر پيا ڪريو؟ ڪلاس ۾ نهاريم  سڀ شاگرد ضابطي ۾ هئا. نراڙ تي پگهر اچي ويو سوچيم آخر ايئن ڪير پيو چوي؟ تيستائين پٽيوالي پيرڊ ختم ٿيڻ جو گهنڊ وڄايو. ڪلاس مان جلد ٻاهر نڪري آفيس ۾ پيل ڪرسي تي آھلجي ڪري پيس.

 

غلام علي گل ٻجورو/سجاول

استاد ڀرتي ڪيا آهن ته پگهارون به ڏيو…!

 

سنڌ حڪومت استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ اڌ لک استادن جي تاريخي وڏي ڀرتي ڪري رهي آهي. ٻين صوبن جيان سنڌ ڪابينا پرائمري استادن کي گريڊ 9 کان اپگريڊ ڪري گريڊ 14 ڏيڻ جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا ٽيچر ريڪروٽمينت پاليسي 2021 جي منظوري ڏئي ٿرڊ پارٽي ذريعي ٽيسٽ وٺي سنڌ جي نوجوانن کي تعليم کاتي ۾ استاد طور ڀرتي ڪري رهي آهي. هتي واضح ڪجي ته سنڌ جي ناڻي کاتي جو قلمدان سنڌ جي وڏي وزير جناب سيد مراد علي شاهه پاڻ وٽ آهي پر 2021-22 بجيٽ دوران بجيٽ بڪ ۾ پي ايس ٽي گريڊ 9 ۾ ئي شامل رهي جڏهن ته هن سال جي بجيٽ 2022-23 جي بجيٽ بڪ واليم ٿري ۾ پڻ ساڳئي گريڊ ۾ اڃا تائين موجود آهي جڏهن ته استادن جي ڀرتي 2021 جي پاليسي تحت گريڊ 14 ۾ ڪئي وئي آهي سنڌ جي هزارين نوجوانن گريڊ 14 ۾ پنهنجي ڊيوٽي جوائن ڪري ورتي آهي. ڪيترن ئي ضلعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 مهينا يا ان کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر انهن جي پگهارن جو پروسس 9 گريڊ ۽ 14 گريڊ جي چڪر ۾ رولڙي  جو شڪار آهي ناڻو کاتو استادن جي پگهار گريڊ 14 ۾ ڏيڻ کان قاصر آهي. نون ڀرتي ٿيل استادن جي پگهارن جو ڪم تمام سست ھلي رھيو آھي هتي سيڪريٽري صاحب کي  گذارش آهي ته سمورن ضلعن ۾ جيڪي به استاد جوائن ڪري سسٽم جو حصو ٿي چڪا آهن انهن سمورن نوجوانن پنهنجي پراڻا ڪم ڪار ڇڏي روزگار تي لڳا آهن انهن جا گهر ٻار ٻچا پگهارن لاءِ اکيون ٻوٽي انتظار ڪري رهيا آهن. سنڌ جا هزارين نوجوان هن وقت انتهائي مهانگائي جي دور ۾ جڏهن پيٽرول جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن.  تڏهن استادن جي بغير پگهار ڊيوٽين تي پهچڻ پڻ وڏو مسئلو ٿي پيو آهي. اٺن مهينن کان بغير پگهار جي ڊيوٽي ڪندي سڀني استادن جون گهريلو معاشي حالتون ڏاڍيون تنگ ٿي ويون آهن ۽ نوجوان ذهني طور ڏاڍا پريشان آهن. ان لاءِ ناڻي کاتي جي وزير يعني وزير اعلي سنڌ جناب سيد مراد علي شاهه صاحب کي گذارش آهي ته سندس ئي ڪابينا جي منظور ڪيل ٽيچر ريڪروٽمينت پاليسي2021 موجب هڪ ئي آرڊر جاري ڪري سنڌ جي هزارين نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ هن انتهائي ڏکئي وقت ۾ استادن کي پگهار جاري ڪيا وڃن ته جيئن اهي ايمانداري سان پنهنجي ڊيوٽي ڏئي سگهن ۽ سندس گهر جي چلهه بري سگهي.

 

ھوتچند کوکر/ نئون ڪوٽ

ڏورج ڏئيو ھٿ ڪري، ڏورم ڏئيان ڌار

 

ڪجھ آھڙا ماڻھو به ھوندا آھن جيڪي علمي ادبي پيشي  سان گڏ خلق خدمت به ڪندا رھندا آھن. چاھي گرمي ھجي سردي، مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ ماڻھن کي ڏسي نه سگھندا آھن. اڄ منھنجي اهڙي شخص سان ڳالھه ٻولھه ٿي جنھن جو تعلق ھڪ مقدس پيشي استاد سان گڏ ٻئي خلق خدمت ڊاڪٽري سان آھي.  ملڪ م جيڪي به قدرتي آفتون آيون ھجن  ان م ٻه قدم اڳتي رھيو آھي ھن سال  برسات ۾ ٻوڏ متاثرن مصيبت ۾ ماريل ماروئڙون جي بنا لالچ لوڀ جي خدمت کي ترجيحي  بنيادن تي ڪم ڪيو آھي. اھڙن مخلص سچار استادن ۽ ڊاڪٽرن مان عبدالخالق جانوري به ھڪ آھي.

ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين .

عبدالخالق جانوري 01-08-1981  ڳوٺ موسا خان جانوري نزد لقمان ڦاٽڪ خيرپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گورنمنٽ اسڪول اعظم ڪالوني خيرپور مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ ناز ھائي اسڪول خيرپور 1995ع ۾ڪئي . انٽر گورنمينٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور1997ع م حاصل ڪئي ۔ڊي.ايڇ.ايم.ايس سکر ھوميو پيٿڪ ميڊيڪل ڪاليج.2002ع م ڪئي. بعد ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سنڌ پبلڪ جو ڪميشن پاس ڪري ليڪچرار اردو اينڊ ميڊيڪل انچارج ڪيڊٽ ڪاليج  پنوعاقل2008ع ۾ ٿيو.  کيس تعليم سان وڏو چاهه آهي، ان ڪري ته لطيف فرمايو آهي:

اکر پڙھ آلف جو ، ٻيا ورق سڀ وسار،

اندر تون اجار، پنا پڙھندي ڪيترا !

ڳالهه ٻول دوران هن ٻڌايو ته منھنجي صرف 50  کان 100 روپيا في آھي پر ڪنھن مريض وٽ پئسا نه ھوندا آھن ته نه وٺندو آھيان ۽ دوا مفت ڏيندو آھيان.  مان برسات واري وقت شام جو ڪلينڪ تي ويٺو ھيس ان ڏينھن مون کي  صرف 900  روپيا ٿيا. سوچيم ته ھي ٻوڏ برسات متاثر اسڪولن ڪاليجن ۽ روڊن تي ويٺا آھن انھن جا ٻار بيمار به ٿيا ھوندا. 900 روپين جون دوائون ورتيون ۽ انھن برسات متاثرين وٽ ويس ته انھن جا ٻار ڏيٺم ته مليريا تيز بخار م ورتل ھئا ۽ ھڪ ٻارڙو ڏاڍو سريس ھو ان ٻار جي ماءُ کان پچيم ته چيائين اسان کي کائڻ لاء ڪجھه نه آھي ته ھن جو علاج ڪيڏانھن ڪرايان؟ مان ھن کي ٿوري گھڙي اس تي ويھاريندي آھيان پوء ٿورڙو گرم ٿيندو آھي.  ڊاڪٽر عبدالخالق جانوري آھا ڳالھ ٻڌي ته سندس اکين م ڳوڙھا تري آيا ۽ پاڻ ھڪ فيس بڪ تي پوسٽ رکيائين ته مون کي ميڊيڪل دوائون کپن ته مان برسات متاثرين جي ٻارڙن کي ڏيان ۔ منھنجي پوسٽ کي پڙھي ڪراچي جي مخيري حضرات 3 لک جون دوائون موڪليون.

هو پنهنجي پيغام ۾ چوي ٿو ته تعليمي ادارن ۾ تعليمي ماحول پيدا ڪيو وڃي. تعليم کي ڪاروبار نه سمجھو. پروفيسر عبدالخالق  جانوري خلق خدمت  انسان دوست ۽ غريب بي پھچ شاگردن لاء ھڪ مسيحي ڪردار آھي. اسان جي ٻين استادن ۽ ڊاڪٽرن کي ان مان سکڻ گھرجي.

ڏورج ڏئيو ھٿ ڪري، ڏورم ڏئيان ڌار ،

ڪوڙين لک ھزار اونداھي انڌا ڪيا.

 

ساگر شفيق وساڻ / ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

هڪ چٺي ڊي سي ٿرپارڪر ڏانهن!

مختيارڪار ڪلوئي سجاد انصاري جنھن کي ميجسٽريٽ جو درجو مليل آهي. مختيارڪار ڪلوئي ۾ ايندي ئي ماڻهن سان غلط ٻولي ڳالهائڻ لڳو آهي. جنھن کي ڪافي عرصو ٿيو آهي. مختيارڪار ڪلوئي سجاد انصاري ۽ تپيدار ڀمر سنگھ سوڍو جون شهر ۽ ڳوٺن ۾ شڪايتون وڌي ويون آهن پر اي سي مٺي ۽ ڊي سي ٿرپارڪر نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن. ڪجھ عرصو اڳ ۾ ڪلوئي جو سماجي اڳواڻ مولوي محمد رمضان لنڊ کي مختيارڪار ڪلوئي فون تي وڏي گارگند ڪئي. اهو مختيارڪار جو رويو ۽ گارگند سوشل ميڊيا تي وائرل به ٿيو، جيڪو دنيا ڏٺو ۽ ٻڌو، جيڪڏھن ڪلوئي جي رينيو آفيس ۾ اهڙا آفيسر سياست ڪرڻ وارا مختيارڪار ۽ تپيدار هوندا ته عوام جا قبولي زمين جا ڪم ڪيئن ٿيندا؟ اي سي ٿرپارڪر ڊي سي ٿرپارڪر صاحب! توهان کي خبر هوندي به توهان هن غلط ٻولي استعمال ڪندڙ مختيارڪار خلاف ڪارروائي ڇو نٿا ڪريو؟  ڇا سنڌ ۾ ايماندار آفيسر نه آهن؟ ان  مان صاف ظاهر آھي ته سياسي ڀوتارن جي پٺڀرائي ڪئي پئي وڃي. ڊي سي ٿرپارڪر ۽ اي سي مٺي کي خبر آهي ته مختيارڪار ڪلوئي ۽ تپيدار تي کوڙ سارا ڪيس هلندڙ آهن. اهو ڏينهن خالي نه آھي جو ڪورٽ ۾ ڪيس جي شنوائي نه هجي، ان جو سبب اهيو آهي ته مختيارڪار ۽ تپيدار جو رويو درست نه آھي. انسان جي هي زبان کٽ تي به ويهاري ته پٽ تي به ويهاري ٿي. اسان هن چٺي وسيلي وس وارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته مختيارڪار ڪلوئي خلاف معاملي جو نوٽيس وٺي جلد کان جلد ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

 

ملڪ جي ترقي تعليم سان ئي ممڪن آھي

 

تازو سڄي ملڪ (خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان) ۾ تاريخ جون بدترين برساتون وسي چڪيون آهن. جن ۾  تقريبن ۳۳ ملين کان وڌيڪَ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ملڪ جي زمين جو اٽڪل ٽيون حصو پاڻي ھيٺ آھي. انهن برساتن جي ڪري ماڻهن کي ٻيون ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون آهن، انھن سان گڏ تعليم جو نظام به سخت متاثر ٿيو آهي. ھينئر تائين ملڪ ۾ تقريبن 24000 کان وڌيڪَ اسڪول تباھ ٿي چڪا آهن ۽ لڳ ڀڳ 3.5 ملين ٻارن جي تعليم کي نقصان ٿيو آهي. ڪيترن ئي اسڪولن کي “ايمرجنسي شيلٽرز” ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾  متاثر خاندانن کي عارضي رھائش ڏني وئي آھي. بلوچستان ۾ پڻ اسڪولن کي ايمرجنسي شيلٽرز طور استعمال ڪيو پيو وڃي.

سنڌ جي تقريبن 40 سيڪڙو پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي نقصان پهتو آهي. ٻين سڀني مسئلن کان وڌيڪَ  شاگردن جي مستقبل جو مسئلو آهي. ان کان پهريان به تقريبن 2 سالن تائين ڪورونا سبب سنڌ جي اسڪولن کي تالا لڳل ھئا.  جنهن جي ڪري پڻ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. ڪورونا ۽ ٻوڏ  کان پهريان به چار مان ٽي پاڪستاني شاگرد “لرننگ پاورٽي”  ۾ ھئا.  گذريل 4 مهينن کان تعليمي ادارن کي ٻوڏ متاثرن جو پناھ گاھ  بڻايو ويو آهي. جنهن سبب سنڌ جي تعليم جي بنيادي ڌانچي کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي. انھن نقصانن سبب “لرننگ پاورٽي” 10 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ بعد تعليم جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع پلان جوڙي. ٻوڏ سبب متاثر ٿيل خاندانن کي ايمرجنسي شيلٽرز طور عمارتون ٺھرائي ڏيڻ ته ضروري آهي ته جيئن اسڪول خالي ٿين ۽ تعليم جو نظام ٻيهر فعال ٿي سگهي.

 

انعام الله جمالي/ حيدرآباد

 

ڪشمور -ڪنڌڪوٽ  واسين جي قسمت ڪڏهن تبديل ٿيندي…؟

 

ضلعو ڪشمور -ڪنڌڪوٽ ۾ 17 سالن کان پيپلز پارٽي جو مرڪز رهيو آهي، جتان پ پ جا ميمبر ڪامياب ٿي اقتدار ۾ پهتا آهن. وقت سان گڏ هر شيءِ تبديل ٿي چڪي آھي پر بدقسمتي قسمت سان ڪنڌڪوٽ اڄ به ماضي جا ڏيک ڏئي رهيو آھي . چاھي تعليمي نظام هجي يا صحت جو کاتو.  هر شعبي ۾ تباهي لڳ پئي آهي ان کان علاوه قبيلائي جهيڙا اڳ جي ڀيٽ کان وڌي چڪا آھن .ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪنڌڪوٽ ۾ اڄ به پٿر واري زماني مان گذري رهيو آهي. هتي روڊن جي حالت اها آهي جو جيئن ئي ماڻھو ڪنڌڪوٽ جي انٽر گيٽ ۾ راجه پمپ کان داخل ٿيندو ته شھر پهچڻ تائين پاڻ کي به سڃاڻي ڪونه سگهندو رڳو مٽي ۽ ڌُوڙ هرطرف کان نظر پئي ايندي .وڏي حيرت جوڳي ڳاله اها آھي ته انهيء روڊ سان سيشن ڪورٽ، ناظم آفيس ۽ نادرا آفيس، سول اسپتال ۽ پڻُ ضلعي جي سربراهه ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس به ساڳئي روڊ سان آهي پر افسوس سڄو عملو تڪ جي نمائندن سان مِلي ڀڳت ڪري ضلعي کي تباهه ڪري رهيو آهي. آءُ هن اخبار وسيلي وزيراعليٰ سنڌ ۽ پ پ چيئرمين سميت ڪورٽ سڳوري جي خدمت ۾ عرض رکان ٿو ته ازخود نوٽيس وٺي اسان جو مقدر بڻيل بنيادي مسئلن کان نجات ڏياري وڃي.

 

ايم عباس سبزوئي / ڪنڌڪوٽ

 

خدارا سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آڻيو!

 

موجوده جديد دور ۾ ڪنھن به قسم جي ڪرمنل ماڻھون کي سوگھو ڪرڻ مشڪل نه آھي، ڇو ته سيڪيورٽي ادارن وٽ اھڙا آلات موجود آھن جيڪي آساني سان ڏوھارين تائينپھچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. پر سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته سيڪيورٽي ادارا جديد آلاتن باوجود ڏوھارين جون سرگرميون ۽ ٺڪاڻا ڇو ختم نه ڪري سگھيا آھن؟ مجموعي طور سڄي ملڪ ۾ چورين ڦرن جو وارداتون عام آھن. خاص طور تي سنڌ جي اترين ضلعن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ  قائم ٿي چڪو آھي. ڌاڙيل آساني سان ڏينھن ڏٺي جو نيشنل ۽ انڊس ھاء ويز تان مسافر ڪوچون ۽ ٻيون گاڏيون روڪي سرعام ماڻھن کي ڦرين مارين ٿا پر افسوس جو آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن سنڌ کي يرغمال بڻائي ورتو آهي. چند ڌاڙيلن کي حڪومت ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگھي؟  تازو پيش آيل گھوٽڪي واقعو اوھان جي سامھون آھي. جنھن ۾ بي لغام ڌاڙيلن پوليس جي پنج جوانن کي بيدردي سان شھيد ڪري ڇڏيو. ائين محسوس ٿيو ڄڻ ملڪ ۾ جھنگ جو قانون پيو ھلي! ڌاڙيل نه صرف ماڻھون اغوا ڪن ٿا پر ھو وڊيوز ذريعي سرعام قانون ۽ رياستي رٽ کي چئلينج به ڪن ٿا. قانون لاڳو ڪندڙ توڙي سيڪيورٽي ادارن کي ڌمڪيون ڏين ٿا! ٻئي پاسي ھڪ بي پھچ ننڍو ڏوھاري ڪڪڙ چوري ڪري ٿو ته پوليس ان کي گرفتار ڪرڻ ۾ دير نه ٿي ڪري ! عدالت سڳوري به کيس سزا ڏيڻ ۾ دير نه ٿي ڪري. سو رياستي رٽ کي چئلنج ڪندڙ وڏن ڏوھارين ڌاڙيلن قاتلن خونين دھشتگردن خلاف ڪو ادارو ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آھي آخر ڇو…؟ آءٌ ملڪي واڳ ڌڻين ۽ ملڪي امن لاء ڪم ڪندڙ سمورن ادارن کي  چوان ٿو ته خدارا! سنڌ  مان ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو آڻيو خدارا! سنڌ جي عوام کي ڌاڙيل ڪلچر مان نجات ڏياريو.

 

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

 

سنڌ ضرور مُرڪَندِي…

 

سيلابي ريلي جيڪي سنڌ ۽ سنڌين مٿان عذاب بڻجي باز وارا لامارا ڏنا سي ويھي بيان ڪجن ته هزارين افسانا، ڪھاڻيون، تحريرون، ڪالم ۽ مضمون لکجي پون. مالڪ سائين جا ڪروڙين ڪرم جو وري به ساڳين ڪکن ڪانن جي لانڍين ۽ ڪچي مٽي جي جھري ويل جھوپڙن ڏانهن واپسي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

آئون شھر مان جڏهن پنهنجا ٻچا وٺي ڳوٺ پھتس ته ڪري پيل گھر جي ملبي مان وڏي ڪوششن باوجود ڪاٺ جون ڪجھ پٽيون ۽ ڪجھ گاڊر ئي بچائي سگھيس. باقي مٽي جو ڍير جيئين جو تيئين رهڻ ڏنم ! انھي ملبي ۾ معصوم ٻارن جي منور مستقبل جي اميدن لاءِ ورتل ڪتاب به دفن ٿي ويا ! اکڙيون به سانوڻي مينھن جيان گھڻو ئي وسيون پر ڇا ڪجي ؟! وقت ۽ حالتن ايترو ته بيوس ڪري ڇڏيو هو جو پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ وڏڙن جي آخري آرامگاھن قبرن ۽ گھر مٿان جھولندڙ علم پاڪ به ساڻ کڻي وڃڻ جيتري به ٻوڏ جي پاڻي مھلت نه ڏني. مطلب ته سيلاب سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيو. هاڻي جڏهن حالتون بهتري ڏانهن وڌي رهيون آهن، ڪجهه جاين کان سواءِ باقي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي واپسي ٿي چڪي آهي ته منهنجي اکين ۾ وري ساڳيا اسڪول، جن ۾ پڙهندڙ ٻار، مستقبل جا ٿيلها ڪلهي تي کنيو خوشي مان ٺينگ ٽپا ڏيندي ڏسجي رهيا آهن. اها ان ڳالهه جي نشاني آهي ته سنڌ هڪ ڀيرو وري مرڪندي ۽ خوشحالي آسودگي جي فضا قائم ٿيندي. ها مگر ٿورو وقت ضرور لڳندو.

 

محمد يونس علياڻي / روشن آباد

 

اجــالـــن جــا پـاندي اڃان پنڌ پيـو آ

 

هاري ۽ پورهيت دنيا جي چرخي مان هٿ ڪڍي وڃن ته يقينن دنيا جو گاڏو آرام سان بيهجي ويندو. چند سرمائيدارن هٿان ڪروڙين انسان يرغمال بڻيل آهن. پاڪستان ۾ هاري مزدور ۽ پورهيت جو استعمال جاري آهي. پ پ پ کي متحده سان ٺاهه ڪرڻ ۽ حاضري ڏيڻ بجاءِ شهيد راڻي جي منشور تي روٽي، ڪپڙا اور مڪان جا ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن. هاري مزدورن کي اپنائڻ گھرجي ته جيئن اهي هن دنيا جي چرخي کي هلائڻ لاءِ پنهنجي ڪِرت جاري رکي سگهن، جو انهن جي ڪِرت سائين ئي جڳ جو جياپو جڙيل آهي.

ڪيو دل نه ماندي اڃان پنڌ پـيــو آ،

اجــالــن جــا پــاندي اڃان پنڌ پـيــو آ.

نه ائين پاڻ پوريو سڙيل ٻج وانگر،

کڻي ڳاٽ گهروي نئين سج وانگر،

ٿيو ڪين سانجهي اڃـان پنڌ پيـو آ.

اجــالـــن جــا پـاندي اڃان پنڌ پيـو آ.

 

ارشاد شيخ مينهل آباد/ لاڙڪاڻو

راجا رستي کان عمرڪوٽ روڊ ڪڏهن ٺهندو…؟

 

عمرڪوٽ ميرپورخاص ڊويزن جو اهم ضلعو آهي جنهن مان ڪيترن ئي ضلعن جا روڊ نڪرن ٿا پر عمرڪوٽ ضلعي سان زيادتين جي انتها آهي. هي ضلعو ڪيترن ئي سهولتن کان محروم آهي، جنهن جو ذڪر وري ڪڏهن ڪنداسين پر هينئر هڪ اهم اشو ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو. اهو معاملو هي آهي ته پ پ پ جي حڪومت جڏهن وفاق ۾ هئي تڏھن ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين روڊ منظور ٿيو هو، جيڪو نامعلوم سببن جي ڪري ٺهي نه سگهيو آهي. وري جڏهن پي ٽي آئي جي حڪومت وفاق ۾ آئي ته ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ جو ڪم شروع ٿيو جيڪو تقريبن 60 ڪلوميٽر تائين ٺهيو يعني ميرپورخاص کان راجا رستي تائين روڊ جو ڪم پهتو ته اوچتو ڪم بند ڪيو ويو. سبب ڪهڙو آهي اهو ته نيشنل هاء وي وارا ئي ٻڌائي سگهن ٿا پر عوام سان جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي اهو ڪير ڏسي؟ ڇو ته روڊ ٺاهڻ جي چڪرن ۾ راجا رستي کان عمرڪوٽ تائين پراڻي روڊ کي کوٽي ڇڏيو اٿن، جنهن کي تقريبن هڪ سال کان به وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي ۽ روڊ جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ سبب ان کوٽيل روڊ جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، پر مجال آهي جو اسان جي حڪمرانن کي ذرو به احساس ٿئي. راجا رستي کان عمرڪوٽ 20 ڪلوميٽر مفاصلو ٿئي ٿو، جيڪو نه ٺهڻ ڪري 15 منٽ جي ڊرائيونگ 45 منٽن ۾ به مشڪل سان طئي ٿئي ٿي. اسان وفاقي حڪومت ۽ نيشنل ھاء وي اٿارٽي کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا رهيل ڪم جلد پورو ڪيو وڄي ته جئين روزاني پيش ايندڙ حادثن کان بچي سگهجي.

 

دليپ آزاد عمرڪوٽ