ميلبرن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا ٽي 20 ورلڊ ڪپ فائنل سان اڳ رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ اهم مشورا ڏنا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين رميز راجا ميلبرن ۾ رانديگرن سان ملاقات ڪندي فائنل ۾ پهچڻ تي مبارڪ پيش ڪئي ۽ ڪوچنگ اسٽاف جا ٿورا به ادا ڪيو. ان موقعي تي رميز راجا 1992ع جون يادون شيئر ڪندي عمران خان جي تقرير به دهرائي، رانديگرن کي چيو ته هي موقعو وري ناهي اچڻو، گرائونڊ ۾ پنهنجو 100 سيڪڙو ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو. اڳوڻي ڪرڪيٽر بابراعظم سميت هر رانديگر کي چيو ته زندگي ۾ اهڙا موقعا گهٽ ملندا آهن، ورلڊ ڪپ کٽڻ جو هن کان وڌيڪ بهترين موقعو نه ملندو.