ھنڱورجا(ن پ ا) ھنڱورجا لڳ شھيد ڏاڏو خير محمد جو ٽن ڏينھن وارو ساليانو عرس مبارڪ جو ميلو پنھنجي پڄاڻي تي پھچي ويو. ميلي جي آخري ڏھاڙي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملهه ملاکڙو جا شاندار مقابلا ڪرايا ويا ملاکڙو ۾ سنڌ پنجاب جي 100 کان وڌيڪ بهترين ملهه پهلوانن حصو ورتو. جڏھن ته پهرين جوڙ جي ڀلوڙ ملهه پھلوان گلاب چنو پھلوان حنيف راھو کي ملهه دسي ميلي جو مور ثابت ٿيو، ٻئي جوڙ ۾ پھلوان ارشاد بھڻ پھلوان جبار چنو کي ڦيرائي ڦيرائي ملهه دسي مقابلو کٽي ورتو، ٽئين جوڙ ۾ فوجي ڀاڳت پھلوان اصغر شاھ کي ملهه دسي انعام حاصل ڪيو. مک مهمانن حبيب الله سھتو، زاھد سامٽيو، عزيز ميمڻ، ميلا ڪاميٽي جي اڳواڻ ڪانڊيرو خان سھتو، برڪت علي چنو پھلوانن کي انعام ڏنا.