لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته آءِ پي ايل شروع ٿيڻ کانپوءِ اڄ تائين ڀارت ورلڊ ڪپ ناهي کٽي سگهي. سڀني اهو ئي چيو هو ته آءِ پي ايل سان ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي تي وڏو اثر پوندو. پروگرام ۾ موجود  وقار يونس چيو ته ڀارتي ٽيم وڏي ايونٽ ۾ ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ ٻاهر ٿي رهي آهي اهو رڳو پريشر سبب ٿي رهيو آهي. ڀارتي ٽيم آءِ پي ايل جيان وڏي ايونٽ ۾ کيڏندي نظر نٿي اچي.