اشو آف دي ڊي دنيا جو امير ترين شخص به پنهنجي گهرواري کي خوش نه رکي سگهيوبل گيٽس ۽ ميلنڊا جي طلاق تي تبصرا

0
248

دنيا جي امير ترين شخص بل گيٽس ۽ سندس زال ميلنڊا گيٽس شادي جي 27 سالن بعد عليحدگي جو اعلان ڪيو آهي ، جنهن بابت سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا. بل گيٽس هيش ٽيگ ٽرينڊ شروع ٿي ويو، دلچسپ ميمز شيئر ڪيا ويا. ڪجهه ماڻهن مايوسي جو اظهار ڪيو، ان سلسلي ۾ نارائڻ ڪولهي لکيو ته دنيا جو امير ترين شخص بل گيٽس به پنهنجي گهرواري کي خوش نه رکي سگهيو، شادي جي 27 ورهين بعد طلاق ٿي وئي، جنهن تي شاهنواز سومرو لکيو ته پئسو سڀ ڪجهه ناهي، مهتاب علي کٽي لکيو ته فيس بوڪ کي وڌيڪ گهرواري کي گهٽ ٽائيم ڏيندو هو، پريم داس لکيو ته ملڪيت کي محبت سان ڀيٽي نٿو سگهجي. شبير پياڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بل ۽ ميلنڊا گيٽس جي عليحدگي ان سوال کي وري اٿاريو آهي ته ڇا شادي ناڪام ادارو آهي. اها ڳالھه ڪئي ويندي آهي ته اڪثر شادي شدا جوڙا ڏکي زندگي گذاريندا آهن. انهن جي حالت رحم جوڳي هوندي آهي. انهن ۾ پيار ختم ٿي ويندو آهي. هڪ ٻئي لاءِ احترام نالي ڪا شيءِ نه هوندي آهي. پيا گهلبا ۽ ڇڪبا آهن. ته ڇا شادي بدران گڏجي هلڻ جي ڪنهن نئين صورت جي ڳولا ڪجي. ان سوال تي ويچار جي ضرورت آهي. جنهن تي عبدالعزيز سومرو لکيو ته بلڪل،اصل ۾ شادي بعد زال مڙس ھڪٻئي کي پنھنجي ملڪيت سمجھن ٿا ۽ اھو possession ئي دراصل مسئلي جي جڙ آهي. پنهل ناريجو لکيو ته مطلب ته شادي هلائڻ پئسو اهميت نٿو رکي، استاد خالد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زالُن کي خوش رکڻ هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي.دنيا جي امير ترين انسان بل گيٽس ۽ سندس زال وچ ۾ طلاق ٿي وئي. ولي ناريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شايد ڪابه عورت ڪڏهن به پنهنجي مڙس کان خوش نه ٿي رهي سگهي پوءِ چاهي اها ڪنهن کرب پتي جي زال هجي يا ڪنهن غريب مسڪين جي. بھرحال بل گيٽس ۽ سندس ونيءَ ۾ ٿيل طلاق تي افسوس ٿيو. علي بل گيٽس ۽ گهرواري جي عليحدگي کي خطري جي گهنٽي قرار ڏيندي لکيو ته دنيا جو امير ترين شخص به پنهنجي زال کي خوش نه رکي سگهيو، طلحه مشهور ڪارٽون ٽام اينڊ جيري جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ڪجهه هوا برو، صرف پاڪستاني بل گيٽس ۽ ميلنڊا جي طلاق تي ردعمل ڏئي رهيا آهن، اڪثر صارفين لکيو ته صرف پاڪستاني عوام ڏک جو اظهار ڪري رهيو آهي، ڪيترن ئي ماڻهن بيگاني جي شادي ۾ عبدالله ديوانه جهڙا مثال ڏنا. ڪجهه ماڻهن لکيو ته انسان جي دل مان محبت ڪنهن به سبب بنا ختم ٿي سگهي ٿي. ڪجهه ماڻهن لکيو ته طلاق جو فيصلو ذاتي آهي ۽ هر ڪنهن کي ان تي تبصرو ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي. هڪ صارف لکيو ته ڇا اوهان پنهنجي شادي کي آف ڪري ٻيهر آن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.