سوال/سروي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي رڪجندي، ڌانڌلي جاري رهندي: عوام جي راءِ ورهايل

0
444

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پاران ايندڙ چونڊ اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ 49 ترميمون ٿينديون، ڇا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي رُڪجي ويندي؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي ختم ٿيندي، ڪجهه ماڻهن چيو ته ڌانڌلي ختم نه ٿيندي، جنهن کي چاهيندا ان کي کٽرائيندا، ڇو ته مشين هلائڻ وارا ساڳيا ماڻهو هوندا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي احسان ملاح لکيو ته دنيا جي ترقي يافته ۽ سُڌريل ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ مشين جي ذريعي اليڪشن ڪرائي وڃي ٿي، ان سان ڌانڌلي نه ٿي سگهندي پر پاڻ وٽ اهو قبول ئي نه ڪندا، ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته ان مشين کي ڊيل ڪرڻ وارا به ته ماڻھو ئي هوندا نه! جيئن وڏي سرڪار چاهيندي تيئن ئي ٿيندو، خادم گهراڻو لکيو ته اليڪٽرانڪ مشين بهتر طريقو آهي جنهن سان ماڻهو پنهنجو ووٽ ڏيئي سگهي ٿوپر شرط ته مشين سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي، سارنگ منير سومرو لکيو ته پوري ملڪ جي عوام جو خواب آھي ته چونڊ عمل صاف ۽ شفاف ھجڻ گھرجي اھو اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ھجي يا عملي طور هجي، گلزار ملاح لکيو ته ڌانڌلي ڪافي حد تائين رُڪجي سگهي ٿي، دانش سولنگي لکيو ته ڌانڌلي وڌي ويندي ڇو جو اسان جي پروفيسر کي به ٽيڪنالاجي جي پوري ڄاڻ ناھي ان کان علاوه اليڪٽرانڪ ووٽنگ بوٿ ۾ ووٽ جي رازداري نه رهندي، جاويد هڪڙو لکيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ سان ووٽ چوري ڪرڻ سولو ٿي ويندو ۽ ريچيڪ به نه ٿيندو، وحيد مستوئي لکيو ته انھي سان فرق ضرور ايندو پر اسان جا حڪمران جيڪي چور دروازي کان اچن ٿا اھي نه چاهيندا، شفقت جروار لکيو ته بهترين فيصلو آهي اليڪٽرانڪ مشين سان گڏ آپريٽر به اوترا ايماندا هجڻ کپن، عبدالحفيظ پڻ سروي ۾ حصو ورتو، شاهد ڏاهري لکيو ته حڪومت جو اهو صحيح فيصلو آهي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته اهو بهترين عمل آهي، نماڻو نوناري لکيو ته ووٽنگ عمل بهتر ٿيندو، عابد شر لکيو ته پاڙيسري ملڪ انڊيا ۾ اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ووٽ ڪاسٽ ٿيندو آهي ۽ نتيجن تي ڪير به شڪ ناهي ڪندو اپوزيشن پارٽيون ڪڏھن به نه چاهينديون ته ٺپا سسٽم ختم ٿئي، عصمت الله ڀٽي لکيو ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ مان ٻه شيون ڪڏهن به ختم نه ٿينديون هڪ ڪاپي ڪلچر ٻيو اليڪشن ۾ ڌانڌلي، احساس پروگرام جا ٻارنهن هزار پهريان اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي ايندا هئا ته اتي بيٺل ايجنٽ ڪٽوتي ڪندا هئا، بائيوميٽرڪ تي وري عملو فنگر پرنٽ وٺي پنج سئو کان ٻه هزار ڪٽوتي ڪري ٿو، هتي به عملو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته ڌانڌلي مشينري ذريعي نه بلڪه هڪ پختي جهموري ۽ عدالتي نظام ذريعي ئي رڪجي سگهي ٿي، عارف حسين لکيو ته اهو نظام صحيح هليو ته ٺيڪ هوندو، غلام قادر مراداڻي لکيو ته اليڪٽرانڪ سسٽم ڪندا ئي ڪونه رڳو پيا اعلان ڪندا، ايم صادق سولنگي لکيو ته هي آمريڪا نه آهي جو اليڪٽرانڪ سسٽم ڪامياب وڃي، غلام حسين ڀٽي لکيو ته جڳاڙي ھر شيءِ ۾ جڳاڙ ڪري ويندا آھن، خاموش خليل شر لکيو ته ڌانڌلي ٿيڻ جو خدشو گهٽجي سگهي ٿو.امين ٿهيم لکيو ته اليڪٽرانڪ مشين سوفٽ ويئر جي ذريعي هلندي جيڪڏهن اهڙي ڪا سيٽنگ ڪئي وئي ته من پسند رزلٽ ايندي،فيصل وزير مري لکيو ته حڪومت پاران ايندڙ چونڊ اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ڪرائڻ ڀلو ڪم آھي، سڪندر علي لکيو ته حڪومت جو اهو فيصلو درست آهي، شوڪت علي خيبر ۽ نعمت الله بلوچ لکيو ته حڪومت جو اهو سٺو قدم هوندو، وسيم عباس لکيو ته سڄو ٽوپي ڊرامو آھي حڪومت اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ڪڏھن به اليڪشن نه ڪرائيندي، اعجاز بجير لکيو ته بلڪل اهو سٺو عمل آھي انهي سان ڌانڌلي ۾ گهٽتائي ايندي. لياقت بلوچ لکيو ته اليڪٽرانڪ مشين باوجود ڌانڌلي ڪرائي سگهن ٿا، حاجي ملاح لکيو ته مشڪل آھي سڄي مشينري وري به حڪومت وٽ ھوندي، ظفر رند لکيو ته چونڊ سڌارن ۾ قانون سازي جي ضرورت آھي، عبدالنبي شر لکيو ته حڪومت کي اهو طريقو عمل ۾ آڻڻ گهرجي، گيانچند لکيو ته اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ووٽنگ ٿيڻ گهرجي، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته مشين رکڻ سان ڌانڌلي ڪونه رڪجي سگهندي، نصير چنا لکيو ته اليڪٽرانڪ مشينن ذريعي چونڊ شفاف ٿي سگھي ٿي ڇاڪاڻ تي ان ۾ ووٽ خارج جو خدشو گھٽ ھوندو آھي، شاهد ڪپري لکيو ته مشين هلائڻ وارا به پاڻ هوندا، ذاڪر احمد لکيو ته ساڳيا حڪمران رهيا ته ڌانڌلي ختم نه ٿيندي، زاهد علي لکيو ته مشين سان ڌانڌلي وڌيڪ آسان ٿيندي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته جنهن کي کٽائڻو هوندن ان کي کٽرائيندا، محمد اويس ڪورائي، اختر خاصخيلي، شهاب جمالي، نادر مري، موهن لال، طارق راڄپر، اصغر حسين، طارق سهتو، شاهجهان کوسو، شبير سهتو، اي جي بلوچ ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.