اشو آف دي ڊي … خيرپور وومين ڪاليج ڀلا ڪچي ۾ آهي ڇا ؟ شاگردياڻي مٿان تشدد جي وڊيو وائرل، سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
176

   خيرپور وومين ڪاليج ۾ شاگردياڻي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي، ان حوالي سان نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خيرپور وومين ڪاليج ڀلا ڪچي ۾ آهي ڇا، جتي هاڻي بااثر ماڻهن جون عورتون به مارڪٽ ڪنديون.. هي خيرپور جو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول آهي جتي ٻاهران گهرايل عورتن فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي مٿان تشدد ڪري سندس وار ڪتري ڇڏيا آهن.. خيرپور مان چونڊيل ايم اين اي نفيسه شاھ صاحبه آڪسفورڊ پڙهيل عورتن جي حقن جي پرچار ڪندڙ آهي. ڊي آئي جي سکر جاويد جسڪاڻي صاحب ليکڪ آهي ايس ايس پي روحل کوسو نوجوان آفيسر آهي جنهن کي آئي جي ميرٽ تي رکيو آهي پر سڀ شاگردياڻي مٿان تشدد ڪندڙن کي گرفتار ناهن ڪرائي سگهيا….

                         جنهن تي الطاف حسين لکيو ته ايس ايس پي خيرپور سيلفين مان الائي ڪڏھن واندو ٿيندو نالو وڏو ديھه ويران، احسان اوٺو لکيو ته سائين جتي عورت کي مظلوم ڪري پيش ڪيو ويندو آھي اتي عورتون مارڪٽ به ڪنديون آهن، نويداحمد دل، ظفر هڪڙو، آصف سنڌي به ردعمل ڏنو، ايوب کوسو لکيو ته هن قسم جي پُر تشدد روين واقعن کي لغام اچڻ گهرجي. باغي سومرو به ردعمل ڏنو،  رشيد تاماڻي لکيو ته سنڌ جي ڪنهن به ضلعي يا تعلقي جو جائزو وٺو ته اتان جي اڇي ڪاري جو مالڪ صرف ۽ صرف اتان جو جاھل وڏيرو آهي نه قانون آ نه ڪو اصول آ بس ھڪ ئي مالڪ آ، اسماعيل خان لکيو ته اڄڪلهه جيڪي خيرپور شهر جون حالتون امن امان کان وٺي نياڻين جي بيحرمتي ٿيڻ تائين ٿي رهيو آهن انهن هنن سڀني ۾ سياستدانن۔بيوروڪريسي جو واسطو ناهي ڇو ته اهي پنهنجي اصل ڪم مان ئي فارغ ناهن، مظهر ابڙو لکيو ته اسانجي ملڪ ۾ جھنگ جو قانون پيو ھلي، “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا،…

جن اسيمبلن ۾ وڏيرا ۽ سمائيدار قانون ٺاھيندا ھجن, اتي انصاف جي ڪھڙي اميد !!! گهرام خان کوسو لکيو ته ايس ايس پي مير روحل کوسو فرض شناس آفيسر آھي ۽ خانداني ماڻهو آھي ھي معاملو نازڪ قسم جو آھي عورتن جو مسئلو آھي يقينن مير روحل ڪوششون وٺندو ھوندو، نثار شاهين، رئوف پارس دايو، منظور اڄڻ به واقعي جي مذمت ڪئي، مشاهد حسين لکيو ته اھي جيڪي وردين وارا چور آهن انهن کي اپيل ڪرڻ مناسب نٿو سمجهان، باقي عام ماڻهن کي بچڻ جو ھڪ ئي طريقو آهي

منظم ٿي همٿ ڪن، خادم حسين لکيو ته جتي قانون صرف غريب لاء هوندو اتي ايئن ئي ٿيندو آهي هاڻي سنڌ ۾ ڏاڍي جي لٺ کي چار مٿا آهن، گل محمد بهڻ افسوس جو اظهار ڪيو، جاويد خاصخيلي لکيو ته عورتن انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن ايڏو ڏاڍ ايڏي انڌير، ھاڻي سنڌي سماج اتي وڃي پھتو آھي، علي رضا ۽ گلمير خاصخيلي به ردعمل ڏنو،

ظهر احمد سومرو لکيو ته هاڻي عورتون به اهڙي عمل تي لهي آيون آهن، ويچاري معصوم نياڻي کي انصاف ملندو ڪونه اسان جا پوليس جا ادارا وڏيرن ۽ ڀوتارن جا ڪمدار بڻجي چڪا آھن، جميل لاشاري، لياقت بهليم، شهباز ڪامريڊ، سليم رضا افسوس جو اظهار ڪيو، غلام حيدر جمالي لکيو ته سڄي سنڌ جو انتظام هلائيندڙ نااهل انتظاميا آھي جيڪي سفارش رشوت ۽ سياسي ڀرتين ڪري اسان جي مٿي جا موڙ بڻيا آھن ڪنهن به اداري ۾ ڪٿي به ڪو ماهر نه ملندو سڀ پيسيل عوام مان ڏوڪڙ ڪڍڻ جي ٽارگيٽ کي مڪمل ڪرڻ جي مشن ۾ لڳل آھن، علي دوست بروهي، عبدالمجيد بليدي، ديدار علي، عمران نذير، واجد لاشاري، جنيد مصطفيٰ شيخ، نويداحمد دل، عمران غني، آڪاش سرمد، شهباز ڀٽي، سرفراز ڦلپوٽو، طالب کوکر، سرواڻ چانڊيو به ردعمل ڏنو، امين سنڌي، اصغر باغي، جمال نوناري، ناصر علي شر، محب علي، طارق مصطفيٰ به افسوس جو اظهار ڪيو، بشير سومرو لکيو ته معاشري خرابي جي آخري ڏاڪي تي آهي، گل حسن، مبارڪ علي ڀٽي، عبدالحميد، نهال دين، ايڊووڪيٽ ضمير شر، ثمر عباس ٽالپر، راجا خان، عبدالرحمان ميمڻ، ظفر علي، سيد ملوڪ شاهه، مسعود شاهه، راڄڙ صائمه، زاهد چانڊيو، عديل حسين، انجنيئر بابر چانڊيو، اياز مهر، محمد سيف الله، سڪندر بڙدي، رياض ڪالادي ۽ ٻين به واقعي تي ردعمل ڏنو.