ٻارن جون گرميءَ جون 2 مھينا موڪلون ڪيئن گذاريو؟ … عرش حسين

0
252
 ٻارن کي گرميءَ جون 2 مھينا موڪلون مليون آھن اسان جا ٻار به مھينا اسان سان گڏ ھوندا ته پوءِ ڇو نه ھنن ٻن مھينن جو ڀرپور استعمال ڪري پنھنجي

 ٻارن کي گرميءَ جون 2 مھينا موڪلون مليون آھن اسان جا ٻار به مھينا اسان سان گڏ ھوندا ته پوءِ ڇو نه ھنن ٻن مھينن جو ڀرپور استعمال ڪري پنھنجي ٻارن جي سٺي تربيت ڪرڻ تي ڌيان ڏيون. ھي بھترين موقعو آھي ته پنھنجي ٻارن ۽ گھر وارن سان خوشيءَ سان وقت گذاريو ۽ موڪلن کي سٺي نموني پلان ڪري ھر ڏينھن انھي پلان تحت گذاريو ته اڄ اسان کي ھن پاسي وڃڻو آھي ھي سيکارڻو آھي ھي پڙھائڻو آھي ضرور ھي شيڊيول توھان جي ٻارن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو اھي ھنن ٻن مھينن ۾ گھڻو ڪجھه سکي وٺندا.

1- سڀ کان پھرين پنھنجي ٻارن کي مادري ٻولي چڱي طرح سيکارڻ جي ڪوشش ڪيو انھن کي پنھنجي ٻوليءَ ڏانھن وڌيڪ دلچسپي پيدا ڪرايو.

2- ٻارن کي دنيا جي ادب مان چونڊ ڪري يا ڪو سٺو ڪتاب وٺي ان مان پڙھي ٻڌايو جڏھن اھي ڪتاب جي ڳالھين کي غور سان ٻڌن ته انھن کان به پڙھايو جئين اسٽيڊي سرڪل ۾ مضمون پڙھي وري ان تي ڳالھيو ويندو آھي.

3- جيڪڏھن توھان سنڌي آھيو ته پنھنجي ٻارن کي ضرور “لطيف”  پڙھايو شاھه جو رسالو ھر موبائيل ۾ پڙھي سگھجي ٿو ان رسالي ۾ موجود قصا ۽ داستان آسانيءَ سان سمجھايو سنڌيءَ جي قديم لفظن جي انھن کي معني سمجھايو جئين انھن کي مادري ٻولي جي ڄاڻ ذخيرو ٿئي انھن کي لطيف جو فڪر ۽ مقصد سمجھه اچي.

4- پنھنجي ٻارن کي اسڪول جو ويڪيشن لاءِ مليل ڪم روز باقائدگي سان ڏسو سندن يادائش ۽ اکر لکڻ ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ انھن کي نصابي مشقون ڪرايو انٽرنيٽ تي ان بابت ڪيترائي وڊيوز موجود آھن جيڪي توھان جي رھنمائي ڪندا.

5- ٻارن کي پنھنجي، گھر، ڪمري ۽ اسڪول بيگ جي صاف سٿرائي سيکاريو، يونيفارم بوٽ کي صاف رکڻ جي ھدايت ڪندا رھو.

6- ٻارن کي ڳالھائڻ جو ادب اخلاق سيکاريو، وڏن ننڍن جو ادب ۽ احترام سيکاريو. انھن ۾ انسانيت سان پيار ۽ ھمدردي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي ڪھاڻيون ۽ ماضيءَ جا حوالا ڏيو.

7- پنھنجي ٻارن سان سٺو ڳالھايو انھن کي سير تفريح لاءِ ٻاھر وٺي وڃو پنھنجي ويجھو يا سھپ آھر انھن کي ٽوئر ڪرايو قديمي جاين جي تاريخ ٻڌايو عام ماڻھن سان ملايو عام زندگي ڏيکاريو.

8- ھنن ٻن مھينن ۾ ٻارن سان گڏ پاڻ به شام جو واڪ ڪرڻ سکو ھن سان صاف ھوا ۾ ٻارن سان گڏ گھمڻ ڦرڻ ۽ ڳالھائڻ جو موقعو ملي ٿو، واڪ سان گڏ ٻارن سان مختلف رانديون ڪيو.

9- موڪلن ۾ ڪوشش ڪيو ته ٻار موبائيل جو غير ضروري استعمال نه ڪن انھن کي پريڪٽيڪل شين ڏانھن راغب ڪيو. موبائيل جي صحيح ۽ مھذب استعمال ڪرڻ لاءِ گھڻي ھدايت ڪيو انھن کي مختلف ايپليڪيشن جي ڄاڻ ڏيو جتان اھي فري لانسسنگ سميت تعليمي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪري سگھن.

10- پنھنجي ٻارن کي آزادي سان سوچڻ جو موقعو ڏيو ھنن ٻن مھينن ۾ انھن کي پنھنجا اباڻا گھر ڳوٺ ۽ مائٽن سان ملايو انھن کي رت جي رشتن جي اھميت ٻڌايو ته جئين اھي توھان کان پوءِ به رشتن سان نڀائي سگھن ۽ رشتن جو قدر ڪري سگھن.

ٻه مھينا ته مختصر وقت آھي پر ھن کي سٺو پلان ڪري گذراڻ سان يقينن ڪجھه فائدو پھچندو، پاڻ کي صرف گھر، ڪمري ۽ موبائيل تائين محدود نه رکو وقت کي خوب گذاريو پنھنجي نئين نسل تي ڌيان ڏيو اھي ئي توھان جو نالو نمايان ڪري سگھن ٿا. سٺو کائو سٺو پھريو سٺا ڪتاب پڙھو سٺو اخلاق ڌاريو ۽ سٺا خيالات رکو ته جئين توھان ۽  توھان جو آئيندو سٺي ڪردار جو مالڪ سڏجي.