لاهور ( اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا واري دوري ۾ ون ڊي ميچ ڪرائڻ واري تجويز کي قطعي شڪل نه ڏني وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سريلنڪن بورڊ ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي ايونٽ دوران ون ڊي ميچون ڪرائڻ جي تجويز ڏني هئي، ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ ڏينهن واريون ميچون ڪرائڻ جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سريلنڪن اختيارين ۾ ڳالهيون ٿيون هيون پر اڻٽر سببن جي ڪري ان کي حتمي شڪل نه ملي سگهي هئي، سريلنڪا ۽ پاڪستان ۾ صرف هاڻي ٽيسٽ ميچون ئي ٿينديون جيڪي آءِ سي سي چيمپين شپ جو حصو پڻ آهن، ذريعن موجب پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ٽيسٽ سيريز جولاءِ ۾ ٿيندي جنهن شيڊيول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو