پيرس ( اسپورٽس نيوز) ارجنٽينا فٽبال ٽيم جو ڪپتان ۽ اسٽار ليونل ميسي فرانس جي ڪلب پي ايس جي کان ڌار ٿيڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون آهن، پي ايس جي ڪلب جي مينيجر ڪرسٽوف گليئر ٻڌايو ته ميسي ڪلب کي ڇڏي رهيو آهي، ڪلب طرفان آخري ميچ اڄ کيڏندو، ميسي ۽ پي ايس جي ڪلب ۾ صرف 2023ع تائين معاهدو ٿيل هو جيڪو ختم ٿي ويو آهي، اسٽار فٽبالر ڪلب سان وڌيڪ هلڻ کان جواب ڏنو هو، ميسي ڪلب کي لاڳيتو 2 ٽائٽل کٽرايا هئا ،لکين مداحن جي دلين تي راڄ ڪندڙ ميسي ڪلب جي طرفان اڄ آخري ميچ کيڏندو