اشو آف دي ڊي برادرين جا جهيڙا، ڊکڻ ويجهو وڌيڪ 2 انساني جانيون کسجي ويون، قانون ڪڏهن ايڪشن کڻندو؟

0
420

ڊکڻ ويجهو پراڻي تڪرار تان 2 ڄڻن جي قتل بعد سوشل ميڊيا تي ردعمل ظاهر ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، برادرين جا جهيڙا ختم ڪرايا وڃن، ان سلسلي ۾ بشير چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته روز ٿا ماريا وڃون ڪاڏي وڃون، باھ ۾ ساڙيا وڃون ڪاڏي وڃون، ڊکڻ ڀرسان منهنجي سئوٽن الله وڌايو چانڊيو جيڪو قومي ورڪر پڻ هو انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ منهنجي ڳوٺ مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ هڪ نوجوان ۽ پنج عورتون گوليون لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿيون آهن جن کي مدئجي ۽ لاڙڪاڻي هاسپيٽل موڪليو ويو آهي، ا نکان اڳ شيئر ڪيل پوسٽ ۾ هن لکيو ته منهنجي سئوٽن الله وڌايو چانڊيو عرفان چانڊيو کي حاضري ويندي ڊکڻ ڀرسان حيات واھ بس اسٽاپ تي هٿياربندن قتل ڪيو آهي، ايس ايس پي شڪارپور ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي گذارش ڪجي ٿي ته ڳوٺ پهچي وڌيڪ خونريزي کان بچايو وڃي، اسان سموري سنڌ کي هٿ ٻڌي گذارش ڪندا رهياسين پر ٻن سالن کان اسانجي مخالف هٿياربندن کي پوليس گرفتار نه ڪيو، مخالفن اڄ ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو، ٻه سال پهريان ساڳين هٿياربندن منهنجي سئوٽ نياز چانڊيو کي قتل ڪيو هو ماري ويا بعد ۾ چانڊيا برادري جي نواب سردار چانڊيو وٽ فيصلو ٿيو جنهن ۾ اسانجي مخالف حبو چانڊيو فيصلو قبول ڪري اسانجي ماڻھن مٿان شاهديون ڏيندا رهيا جنهن جي دانهن سردار خان کي ڏيندا رهياسين، آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي شڪارپور کي دانهون قرآن ڏيندا رهياسين پر افسوس ڪنهن به دانهن نه ورنائي، خدارا ڪنهن قانون کي سجاڳ ڪريو نه ته وڏو نقصان ٿي ويندو. جاويد احمد ڪمينٽ ڪندي لکيو ته آخر اسان ڪيستائين پنهنجي ننڍن ننڍن مفادن لاءِ هڪٻئي جو زيان ڪنداسين، افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، آزاد جرواري لکيو ته ظلم جا ڏينهن ختم ٿيندا، ايم قاسم ڪاڪا، قدير عباس لاشاري، حميرا خان، جاويد چانڊيو، محمد خان شيخ، مهراب لوڊرو، غلام الله چانڊيو، ناياب سرڪش ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، صبغت الله رند لکيو ته ڊکڻ پوليس جي مڪمل ناڪامي آهي ڪجهه منٽن لاءِ واقعي واري هنڌ تان غائب ٿيڻ بعد واقعو پيش آيو، رشيد سڌايو لکيو ته جيستائين سنڌ ۾ سرداري نظام آهي اهڙا جهيڙا ختم نه ٿيندا، بشير هاليپوٽو لکيو ته اسان ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان گهر ڪريون ٿا ته قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري وڃي. گلبهار شيخ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ھي واقعو رتيديري ۽ ڊکڻ جي وچ واري حد حيات واهه وٽ پيش آيو آھي، رتيديري مان ايم اين اي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر چونڊيل آھن جڏھن ته وري ڊکڻ مان ايم پي اي آغا سراج خان دراني جيڪو سنڌ اسميبلي ۾ اسپيڪر آھي ٽئي طاقتور سياسي شخصيتون آھن پر افسوس اھو آھي ته سندن تڪ ۾ لاش کڻڻ لاءِ ايمبولنسون ناھن، واقعو ته چانڊيا برادري جي پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي جنھن ۾ ٻه ڄڻا الله وڌايو چانڊيو ۽ عرفان چانڊيو قتل ٿي ويا آھن پر لاقانونيت ايتري آھي جو وڏي آساني سان قتل ڪرڻ بعد قاتل فرار ٿي ويا . وحيد بروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شڪارپور ضلعي کي تباھه ڪندڙ قبائلي جھيڙا، چانڊيا برادري ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا 6 ماڻهو قتل، ڌريون مورچا بند، وڌيڪ خونريزي جو خدشو آهي، جنهن تي هادي بخش لکيو ته صبح سوير 2 نوجوان قتل ٿيا، هن وقت تائين ڌرين جا 6 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، پوليس رڳو تماشائي بڻيل آهي.علي بخش شر لکيو ته قانون ڪڏهن ايڪشن کڻندو؟.