اشو آف دي ڊي “قبضو نا منظور” تاريخي ماڳ ليلان جا آتڻ بچائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم

0
648

فيض گنج ويجهو قبضا مافيا مبينا طور جعلي ليز ذريعي 2500 سال پراڻو ماڳ ليلان جا آتڻ مسمار ڪري ڇڏيو، اهڙي معاملي تي سوشل ميڊيا تي آثار بچائڻ لاءِ مهم شروع ٿي وئي. سيو ليلان جو آتڻ، لوج ايف آءِ آر اگينسٽ لينڊ گريبر هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايا ويا. ان سلسلي ۾ ممتاز علي آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڪري لڳ تاريخي ماڳ ليلان جي آتڻ تي قبضو ڪندرن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. شهريار سنڌي پڻ اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي ته تاريخي ماڳ ۽ قديمي آثار اسان جي قومي تھذيب جي بقاءَ جا ضامن آھن. انھن جي حفاظت نه ڪئي وئي ته انھن سان گڏ اسان جي سڃاڻ ۽ تاريخ ختم ٿي ويندي. ليلان جا آتڻ قديم سنڌي تاريخي ورثو جيڪو ماھرن جي تحقيق مطابق ٣۵٠٠سال قبل ھڪ شاندار شھر آباد ھيو جنهن ۾ ٨٠ جي لڳ ڀڳ ورڪشاپ ننڍا ڪارخانا به ھيا مشھو لوڪ داستان ليلان چنيسر جي ليلا جو تعلق به ان شھر سان ٻڌايو پيو وڃي افسوس ڪنهن به ان ماڳ جي سار نه لڌي ۽ ھاڻ ان قبضا مافيا بلڊوزر گهمائي سڀ ڪجھه ختم ڪري ڇڏيو ڪنهن وقت جتي محل ماڙيون ھيون اڄ ھتي صرف ٺڪر ڀتر ملندا اھي به چند روز ۾ نالو نشان نه رھندو جيڪڏهن اسان توهان ان کي بچائڻ لاءِ ٻاھر نه نڪتاسين ته، هن لطيف ابراهيم جي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته تاريخي ماڳن جي والار شروع ٿي وئي، سنڌو ماٿري جي تهذيب پڻ نشاني تي آھي. خيرپور ضلعي جي فيض گنج تعلقي جي ديھه اڪري چودڳي ۾ جعلي ليز زريعي 3000 سال پراڻو ماڳ ليلان جا آتڻ قبضاخورن مسمار ڪري ڇڏيو آھي. قديمي ماڳ مان لڳ ڀڳ ٽي صديون پراڻي دور جون مورتيون ۽ ٿانو پڻ هٿ آيا هئا. جيڪي سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪيل آهن. ماڳ ۾ پڪين سرن سان ٺهيل قديمي گهرن جا نشان ۽ ٿانو پڻ مليا آهن. مسمار ڪيل تاريخي ورثي ۾ ٺڪر جا رانديڪا ۽ انساني هڏا پڻ هٿ آيا. هڪ باءِ هڪ ڪلوميٽر ايراضي تي مشتمل تاريخي ماڳ جو پنجاھه سيڪڙو لينڊ گريبرن پاران بلڊوزر هلائي زرعي زمين آباد ڪرڻ لاءِ مسمار ڪيو ويو آھي. جنهن کي مسمار ڪرڻ جو ڪم جاري آھي. ليلان جي تاريخي ماڳ مسمار ٿيڻ جي خبر ڦهلجڻ بعد اينٽي ڪيوٽيز آرڪيالوجي ڪلچر ٽوئرزم ڊيپارٽمينٽ منظور ڪناسرو نوٽيس وٺندي تاريخي ماڳ کي نقصان پهچائڻ جي ڏوھ ۾ گمس گمبٽ جي ريپڊريسپانس سينٽر جي انچارج، لِور ٽرانسپلاٽ جي ايٿيڪل رويو ڪميٽي جنرل سيڪريٽري، اسسٽنٽ پرفيسر نيورولوجي ڊاڪٽر صفدر آرائين تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڊي سي خيرپور کي خط لکيو هيو. جنهن جي چويهن ڪلاڪن بعد ارڪيالوجي ڊيپارٽمينٽ سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام حسن بڙدي جي مدعيت ۾ انتطاميا ايف آءِ آر ڪرڻ تي راضي ٿي. اڪري چودڳي ٿاڻي تي ڪچي ايف آءِ آر ٿي ته ايس ايس پي خيرپور ايس ايڇ او اڪري کي ڪال کي ايف آءِ آر نه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ۽ ڌرين کي سڀاڻي (خميس) تي ايس ايس پي پنهنجي آفيس ۾ طلب ڪيو آھي. سنڌ جي زمين ڀڳڙن جي مٺ تي وڪڻدر روينيو ڊپارٽمينٽ قديمي ماڳ به وڪڻي ڇڏيا آھن. سچ ته ڪالھه کان وٺي ان ماڳ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل سماجي اڳواڻن ۽ آثار قديما سان چاھه رکندڙن توڙي صحافين کي بي وس محسوس ڪريان پيو. هاڻي سنڌ جي عوام کي کپي ته تاريخي ماڳ بچائين. راج راڄپر پڻ تاريخي ماڳ تي قبضي جي مذمت ڪئي. غلام مصطفيٰ راڄپر ايڊووڪيٽ لکيو ته ٺري ميرواهه لڳ تاريخي ماڳ ليلان جا آتڻ تي هڪ پنجابي قبضا مافيا قبضو ڪيو آهي، سڄي سنڌ ۾ احتجاج جي اپيل ڪجي ٿي ته قومي ورثو بچايو وڃي. شيراز نائچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صفدر آرائين مبينا طور قبضو ڪيو آهي، حاشر امتياز بلوچ لکيو ته سنڌ جي قومي ورثي ليلان جي آتڻ تي قبضا مافيا روينيو کاتو ، پوليس ۽ نااهل سنڌ سرڪار جي مجرماڻي غفلت خلاف پڪاچانگ ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي، قبضو ڪندڙ ڊاڪٽر صفدر آرائين آھي. اسان پنھنجي قومي ورثي ليلا جي آتڻ کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪريون ته قبضا ختم ڪرايا وڃن. پنهل لاڙڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جو تاريخي ورثو بچايو وڃي، ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سمجھ ۾ اهو نٿو اچي ته آخر اوهان ڪهڙي نسل مان آهيو؟ جنهن سنڌ اوهان کي جنم ڏنو، اوھان کي زمينون ڏئي شاهوڪار ڪيو. اوهان کي سياسي بادشاهيءَ انهن اڻ پڙهيل سنڌين ڏني جن کي ڪنهن نوڪري جي به لالچ ڪونهي. اوهان انهن جي محبت سان ايئن ٿا ڪريو، ملير ۽ ٺٽو ضلعو اوهان ملڪ رياض کي وڪڻي قديم سنڌين جا ڳوٺ بلڊوز ڪري ڇڏيا. سنڌ ترقي ته ڇا پنهنجو روح ئي وڃائي چڪي آهي. هاڻ سنڌ جي تاريخ تمدن جا هڏا وڪڻڻ شروع ڪيا اٿئو. لطيف سائين جي تاريخي ڪردار ليلان جا آتڻ به غير سنڌين جي پيرن ۾ رکيا اٿئو. هي هزارين سال پراڻا آثار اسان جي تهذيب، تاريخ، ورثو ۽ اسان جي سڃاڻپ آهن. مصرين فرعونن جي يادگارن کي قومي ملڪيت ڪري رکيو آهي. اوهان سنڌ جي هر اها سُڃاڻپ مسمار ڪرڻ جو جيڪو ٺيڪو کنيو آهي جيڪا قومي حياتي جو دليل ثبوت سچ ۽ نشاني آهي. مطلب اهو ته سنڌ جي تهذيب تاريخ کي گم ڪري سنڌيت کي ختم ڪرڻو آهي. ياد رکو اهو سڀ ڪجھه سنڌي قوم کي قبول ناهي. اوهان لطيف سائين جي شاعري جي سيني تي بلڊوزر هلائيندا تاريخ وٽ ان جو حساب ڏيڻو پوندو. مظلوم جنيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس غريبن تي ڪيس ڪندي دير نٿي ڪري باقي سنڌ جي قديم ماڳ ليلان جو آتڻ کي مسمار ڪندڙن خلاف ڪيس ئي داخل نٿو ڪيو وڃي.