ڪرائي سان گڏ ڀَتو به ورتو پيو وڃي!
عيد جو ڏينهن هوندو آهي پنهنجن سان ڀاڪر پائڻ جو خاص ڏينهن، سو پنهنجن ڳوٺن ڏانهن وڃڻ لاءِ لازمي آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جو استعمال ٿئي، عيد جي موقعي تي پنهنجن سان خوشيون ونڊڻ لاءِ مختلف شهرن سميت ڪراچيءَ کان به ماڻهو پنهنجي ڳوٺن ڏانهن اچن ٿا، حيدرآباد کان به ۽ سکر کان به ايندا آهن، هنن ڏينهن ۾ حالت اها آهي جو جيڪو ڪرايو هڪ مسافر جو (ٻارن جو به) 700 رپيا ورتو ويندو هو اهو 1000 رپيا ورتو وڃي پيو، جيڪو ڪرايو 500 ورتو ويندو هو اهو 800 رپيا ورتو پيو وڃي، جيڪو ڪرايو 1000 هو اهو هاڻي 1300 کان 1400 ورتو وڃي پيو، اهو ڪرايو مسافر بسن (اي سي ۽ نان اي سي) وارن جو آهي، سڀ معاملا ميڊيا ۾ اچي چڪا آهن، صحافي اخبارن ۽ نيوز ٽي وي چينلس ۾ عوام جي دانهن کي رپورٽ جي شڪل ڏئي چڪا آهن ۽ ڏين به پيا پر ٽرانسپورٽرز، انهن جا ايجنٽ، ٽرانسپوٽرز يونين جا نام نهاد اڳواڻ ڪرائي سان گڏ ڀتو وٺڻ ۾ ڪو به شرم محسوس نٿا ڪن، عيد ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن باقي آهن، چار رپيا ڪمائڻ لاءِ پنهنجا گهر، پنهنجا ٻچا، پنهنجا پيرسن والدين ۽ مٽن مائٽن کي وڏن شهرن ۾ ڇڏي ويندڙ يا بيمارن جي مدد ڪندڙ واپسي تي لٽجي ۽ ڦرجي رهيا آهن پر اهم ڳالهه ضلعي جا روٽ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري ۽ سنڌ جو صوبائي سيڪريٽري به خاموش تماشائي بڻيل آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٽرانسپورٽ جي وزير کي دانهن ڏجي ٿي ته جيڪڏهن هٿ سان هٿ ملڻ جي ڄاڻ اٿو ۽ اوڳاڙيءَ مان حصو پتي وٺندڙن کان پڇاڻو ڪري سگهو ٿا ته خدارا نوٽيس وٺو، ٽرانسپوٽرن، سيڪريٽرين ۽ صوبائي سيڪريٽري خلاف جاچ ڪري پڇاڻو ڪيو، مجبور عوام کان ڪرائي جي آڙ ۾ غنڊاگردي ڪري ڀتو اوڳاڙيو ٿو وڃي، جيڪا ڳالهه انتهائي بيرحماڻي آهي ۽ ان تي ذميوارن جي غيرذميواري مجرماڻي آهي.
درياءُ خان جهتيال/دادو
ضلعي سجاول تي هڪ نظر!
ضلعي سجاول کي 12 آڪٽوبر 2013ع ۾ ضلعي ٺٽي کان ڌار ڪري هڪ الڳ ضلعو قرار ڏنو ويو، ضلعي کي 37 يوسيز ۽ ٽوٽل 5 تعلقا آهن، جنهن جي سموري آبادي لڳ ڀڳ 8 لک کن آهي، ضلعي سجاول جي سال 2020ع ۽ 2021ع جي بجيٽ 29 ڪروڙ 86 لک 36 هزار 4 سئو 18 رپيا ضلعي ڪائونسلر محمد علي خان ملڪاڻي ۽ ٻين ميمبرن جي اڳواڻي ۾ پيش ڪئي وئي هئي پر افسوس جو سنڌ جي هن نڌڻڪي ضلعي ۾ ٽڪي جو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو، صحت ۽ تعليم جو نظام به بلڪل تباهه حال بڻيل آهي، ضلعي سجاول ۾ سوين  اسڪول بند پيل نظر ايندا، روڊن ۽ رستن جي حالت انتهائي زبون ٿي چڪي آهي، ماڻهن کي پئيڻ جو صاف پاڻي به ميسر ڪونهي. هتان جا ڪافي علائقا آهن جن کي اڃا تائين بجلي به ميسر ناهي، سم نالن جي کاٽي نه کڃڻ ڪري برساتن وقت ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا، جنهن سبب غريب ماڻهن جا گهر ڊهي تباهه ٿي وڃن ٿا ۽ سندن فصل به برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي سڙي وڃن ٿا. ضلعي سجاول جي يوسي مرادپور ته مڙني بنيادي سهولتن کان مڪمل وانجهيل آهي. يوسي مرادپور جا اسڪول تباهه حال بڻيل آهن، هتان جي روڊن جي حالت ڪافي زبون ٿي چڪي آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن کي شهر ڏانهن اچ وڃ ۾ ڪافي پريشانين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، يوسي مرادپور جا 14 کان به وڌيڪ ڳوٺ بجلي کان به محروم آهن، يوسي مرادپور جي سم نالن جي حالت به انتهائي خراب ٿي چڪي آهي پر کاٽي به نٿي کڻائي وڃي، خدارا هن ننڌڻڪي ضلعي جي مالڪي ڪريو، سڀني يوسيز کي پنهنجا بنيادي حق ڏنا وڃن.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول
پرين شال پسين عيدن پٺيان عيدون!‎
ڪالھ تنهنجو سکيءَ هٿان نياپو مليو، عيد جي خريداري پئي ڪريان، تنهنجي لاءِ ڪهڙي رنگ جو ڪپڙو خريد ڪريان؟ ته پوءِ ٻڌ، لاڙ جي سارين جي سڳنڌ جهڙي او ڇوڪري، جنهن ديس ۾  ڌرتي ڌڻي فاڪا ڪشيءَ جي ڪري آپگھات ڪندا هجن، جنهن ديس ۾ پنهنجن ٻچن جي عيد جا ڪپڙا وٺڻ جي سگھ نه هئڻ ڪري هڪ پيءُ پنهنجي اولاد کي ئي ماري ڇڏي، جتي بک، بيماري ۽ بدحالي ماڻھن کي نفسياتي مريض بنائي ڇڏي، جنهن ديس ۾ رولو ڪتو چڪ هڻي ڪنهن معصوم جي حياتي کسي وٺي، جتي وحشي معصوم گلڙن کي حوس جو نشانو بڻائي ماري ڇڏين، جنهن ديس ۾ غربت سبب ڪو ماڻھو پنهنجا ٻچا وڪڻڻ جا هوڪا ڏئي، جنهن ديس ۾ ڪو معصوم گل کليل گٽر ۾ ڪري ابدي ننڍ سمهي پوي، جنهن ديس ۾ ڪي اکيون دروازي ڏانهن کڄي هرروز زوريءَ کنڀي گم ڪيلن جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪنديون هجن، جنهن ديس ۾ مائرن جون جهوليون خالي ڪري کين زندگي ڀر جو ڏک ڏنو وڃي، جتي ڀينرن کان ڀائر ۽ ونين کان ورَ کسيا وڃن، جنهن ديس ۾ ڌرتيءَ ڌڻين کي پنهنجي ماڳن تان نيڪالي ڏني وڃي، جنهن ديس ۾ انساني زندگي پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ سِڪندي هجي، جنهن ديس ۾ مهانگائي ماڻھن کان جيئڻ جون خوشيون کسي وٺي، جنهن ديس ۾ ڪتي ۽ نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين اڻلڀ هجي، جنهن ديس ۾ اظھار جي آزادي تي پابندي، پنهنجا نواز پاليسي ۽ امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون هجي، ان ديس ۾ ڀلا ڪهڙيون عيدون ملهائجن؟ ٻڌ او چري ڇوڪري، غلام قومن جون ڪي به عيدون ناهن هونديون. او سکي، سنڌوءَ جهڙي ڇوڪريءَ کي وڃي چئجان هيل هن تي منهنجي لاءِ ڪا به خريداري نه ڪري، چئجانس توکي تنهنجي عيد مبارڪ.
اوسيئڙي ۾ وڇايل جن جون ديدون هونديون،
تن جون ڀلا “گل” ڪهڙيون عيدون هونديون!
غلام علي گل ٻجورو/سجاول
پڇون ته آخر پڇون ڪنهن کان، اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ!‎
پڇون ته آخر پڇون ڪنهن کان، ڏوھ اسان جو ڪهڙو آ، 26000 آبادي رکندڙ قديمي ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ننڌڻڪو بڻجي ويو آهي، تقريبن 4 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي گئس جي سهولت هئڻ باوجود سيهڙ اسٽيشن گئس کان محروم آهي، ريلوي اسٽيشن تباهه ٿي چڪي آهي، ڳوٺ ۾ سرڪاري اسپتال ته آهي پر اتي دوائون اڻلڀ آهن، جيڪا وڌ ۾ وڌ 1 بجي کان پوءِ اوهان کي ملازم به نه ملندا ۽ نه ئي ڪا ايمرجنسي لاءِ ايمبولنس آهي، جي ڪنهن جو سيريس ڪيس هجي ته شهر کڻي وڃڻ تي رستي ۾ مريض جو دم ڌڻي حوالي ٿيو وڃي، ڇو جو رستا ئي ٽٽل آهن، هنئير پي ايس 13 تي ايم پي اي طارق سيال 35 ڳوٺن جو گئس جي منظوري ڏني آهي پر اسان جي پي ايس 12 تي حزب الله خان ٻگهيو اڃا ڪک کڻي ٻيڻو به ناهي ڪيو، جيڪڏهن ڳوٺ جي صفائي ڏسبي ته ايئن لگندو ته هتي ته ڪو سياسي ماڻهو شاهد ووٽ لاءِ ئي ناهن ايندا پر دارصل اهي ووٽ وٺي پوءِ نظر ئي ناهن ايندا، ڪيترا ڀيرا ووٽ وٺڻ تي ڪيترا ئي واعدا ڪيا ويا پر افسوس هڪ به واعدو پورو نه ٿيو، هوڏانهن نوجوان هروڀرو شام جو افطار پارٽي جي ڳولا ۾ مشغول آهن، جيڪي پ پ پ ۾ متحرڪ آهن، وس وارن کي هٿ ٻڌي نماڻو عرض ٿو رکجي ته مهرباني ڪري اسان جي ڳوٺ ۾ 24 ڪلاڪ جي صحت جا ادارا کوليا وڃن ۽ شاگردن لاءِ هڪ لائيبريري ڏئي ڳوٺن جي سنڀال ڪئي وڃي جيئن ڳوٺ جا نوجوان لکي پڙهي ڪنهن سٺي پوسٽ تي پهچي سگھن.
سجاد جوڻيجو/ ڏوڪري، لاڙڪاڻو
ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ وڌندڙ بدامني جو ذميوار ڪير؟
جتي رمضان شريف جو ڀلاڙو مھينو ھلندو ھجي ٻيو عمران خان واري تبديلي سرڪار عوام جون دانھون ڪڍي ڇڏيون آھن، اھڙي مهانگائي واري دور ۾ بدامني وڌڻ ھڪ عوامي مسئلو بڻجي ويو آھي، سنڌ ۾ وڌندڙ آپگھاتن جو لاڙو ھجي يا شھرن ۾ وڌندڙن بدامني ھجي، تازو سنڌ جي پھرين سنڌي بيريسٽر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جي جنم ڀومي شھر ڊينگاڻ ڀرڳڙي جو امن امان پڻ خراب ٿي ويو آھي، ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ چوريون ۽ ڦرون ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويون آھن، تازو ڊينگاڻ ڀرڳڙي جي رھواسي نوجوان اشوڪ ڪمار آسات کان پراڻي سم نالي جي موري تان موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڪجھ ڏينھن اڳ وچ شھر مان غريب ڪولھي برادري جي دڪانن مان چوري ٿي ھئي پر ڊينگاڻ ڀرڳڙي جي پوليس انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آھي، پوليس انتظاميا چوري ٿيل موبائيل ۽ روڪ رقم به واپسي نه ڪرائي سگھي آهي. ڊينگاڻ ڀرڳڙي جي خراب ٿيندڙ بدامني خلاف ڊينگاڻ ڀرڳڙي جي نوجوانن ۽ ساڃاھ وندن ۾ ڳڻتي ڇانيل آھي پر ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ايس ايس پي ميرپورخاص، ڊي آءِ جي ميرپورخاص فوري طور تي نوٽيس وٺي ڊينگاڻ ڀرڳڙي ڀرسان پراڻي سم نالي واري موري تي پوليس اھلڪار مقرر ڪيا وڃن جيئن مستقبل ۾ ڪو اھڙو واقعو پيش نه اچي.
آفتاب سولنگي/ڊينگاڻ ڀرڳڙي
سنڌ ۾ غربت سبب آپگھاتن جا واقعا وڌندڙ واقعا!
اسان جي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، تنهن هوندي به سنڌ جا نوجوان غربت سبب آپگھات ڪري رهيا آهن، سنڌ صوبو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، تيل سنڌ مان نڪري رهيو آهي، گئس به سنڌ مان نڪري رهي آهي، پوءِ سنڌ جو عوام عذاب ۾ ورتل آهي، تيل گئس ڪمپني ۾ ٻاهران آيل ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن، اصل سنڌ جا وارث بيروزگار آھن، افسوس آهي ته وفاق به سنڌ سان زيادتيون ڪري رهيو آهي، پر اسان جي سنڌ تي 12 سالن کان رول ۾ رهندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت رهي آهي پر ان به ڪو خيال ناهي ڪيو، بک ۽ بدحاليءَ جي ڪري سنڌ جا نوجوان غربت سبب آپگھات ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود به ملڪ توڙي سنڌ جي حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري. آئون وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندس ته سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ ۾ روزگار ڏنو وڃي، نوجوان جون زندگيون خطري کان بچايون وڃن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
صبح جو نائي سجاد مير جت وارڊ ۾ وار ڏاڙهي وغيره ٺاهڻ آيو، طالڀ پليپوٽي وار ۽ مون شيو ٺهرائي، مون سجاد کان سندس ڀاءُ عمر جو پڇيو جيڪو، 2019ع ۾ سکر جيل هليو ويو هو. سجاد مير جت پنهنجي ننڍي ڀاءُ جو نالو ٻڌي روئي ڏنو، هن چيو ته اسان ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي پر هو واپس حيدرآباد جيل نٿو اچي سگھي، هُن لاءِ تمام گھر ڀاتي پريشان آهن. سکر سينٽرل جيل گھڻو ڀريل آهي، ڪڏهن مهينن ۾ ڪو ملاقاتي ايندو آهي ته ٺيڪ نه ته خير، مون کي به اهي ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن مون کي سکر جيل بدلي ڪيو ويو هو. منهنجا ننڍا ڀائر سکر ملاقات لاءِ هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺان نڪرندا هئا ۽ پوءِ ڪنهن هوٽل ۾ رات ترسي صبح جو اچي ملاقات ڪندا هئا. آئون ٿورا ڏينهن سکر جيل ۾ هيس پر ان دوران منهنجا گھر ڀاتي ڏاڍا پريشان رهيا، مون سجاد کي چيو ته قاضي صاحب تمام سٺو آءِ جي آهي ان کي جي تنهنجا گھر ڀاتي درخواست ڏيندا ته رب جي حڪم سان سڀ بهتر ٿي ويندو. شام جو علي شير کوسي کي هن جي کوليءَ مان ڪڍرايم، اسان پارڪ ۾ پسار ڪئي، علي شير پارڪ ۾ ٽن پهرن جي نماز پڙهڻ کان پوءِ آيو ۽ چيائين ته ادا آصف وڏي عرصي کان پوءِ شام ڏٺي اٿم. مون هُن کي چيو ته ادا انشاءُالله جلد ٻاهر هلي آزاديءَ جون هوائو کائينداسين، ٿوري دير کان پوءِ آئون پنهنجي کوليءَ ۾ آيس، ساٿين سان گڏجي افطاري ڪيم. اڄ رشيد ڏيٿو ڏاڍو پريشان آهي. ڇو جو هُن جي ضمانت کي ٿئي مهينو اچي ٿيو آهي پر هُن وٽ شوئرٽي جا پئسا ناهن، هو اڄ به ڪورٽ ويو هو، هو جڏهن به ڪورٽ مان موٽندو آهي ته اُداس ئي موٽندو آهي، پر وري ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ ٺيڪ ٿي ويو، خبر ناهي هو ڪڏهن پنهنجي گھر ويندو. رات جو دير سنا والده جي ياد آئي، طالب پلي پوٽي به پنهنجي امڙ جي هڪ ڳالهه ٻڌائي ۽ پوءِ سمورا قيدي اداس ٿي ويا. هو سڀ يادن کي وسارڻ لاءِ ڳالهه ڳالهه تي کوکلا ٽهڪ ڏئي رهيا هئا.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (17 اپريل 2021ع)
ڄامشوري جي نوجوانن کي منشيات کان بچايو!
ڄامشورو هڪ پرامن شهر آهي جتي جا ماڻهو گھڻي انگ ۾ پڙهيل لکيل آهن، هي واحد شهر آهي جنهن ۾ ايشيا جون ٽي وڏيون يونيورسٽيون آهن، جن ۾ پاڪستان کان سواءِ ٻاهرين ملڪن جا شاگرد پڻ پڙهڻ لاءِ ايندا آهن پر اڄ افسوس پيو ٿئي ته اهڙي پرامن شهر کي آخر ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو شهر جي هر ڪنڊ ۾ منشيات جو ڪاروبار عام ٿي ويو آهي، ڄامشورو سم نالي کان چند قدمن تي بشير چانڊيو جيڪو پوليس جو سپاهي آهي اي ايس آءِ جي ڏڍ تي سالن کان سرعام منشيات جو ڪاروبار ڪندو پيو اچي، ان کان سواءِ سڪندر چانڊيو پڻ جوئا جو اڏو هلائيندو آهي پر لاڳاپيل انتظاميا ڳري منٿلي تي منشيات فروشن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. تڏهن ڄامشورو شهر منشيات جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، جتي پوليس سرپرستيءَ ۾ گٽڪو، مين پڙي، شراب سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب هتان جو نوجوان نسل تباهه ۽ ڪيترين ئي بيمارين ۾ وٺجي ويو آهي پر انتظاميا ۽ ڄامشورو پوليس منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. اهو صرف ان لاءِ ته ڄامشورو پوليس جا ڪجھه اهلڪار به ان ڪاروبار سان جڙيل آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڄامشورو پوليس منشيات جو خاتمو آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام رهي آهي ۽ شهر ۽ ان جي آسپاس جا علائقا منشيات جا اڏا بڻجي ويا آهن. انهيءَ سبب جي ڪري اتان جا پڙهيل لکيل نوجوان ۽ ٽنهي يونيورسٽين جا شاگرد به ميخانن تي ديرا ڄمائي ورتا آهن. منهنجي ايس ايس پي ڄامشورو، آءِ جي سنڌ ۽ وڏي وزير کي گذارش آهي ته ڄامشورو شهر جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي ان خطرناڪ وبا کان بچايو وڃي ۽ منشيات فروشيءَ ۾ ملوث اهلڪارن ۽ ڊيلرن خلاف جلد ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن ڄامشورو جي نوجوان نسل جو مستقل تباهه ٿيڻ کان بچي سگھي.
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
قيدين جا اڌورا خواب ۽ اميدون!
بيشڪ عيد جو ڀلارو ڏهاڙو هر مسلمان لاءِ خوشيءَ وارو آهي ۽ وري 14 آگسٽ اسان پاڪستانين لاءِ اهڙو ئي خوشيءَ جو ڏينهن آهي، ڇو ته پاڪستان ان ڏينهن تي انگريزن کان آزاد ٿيو پر اسان قيدين لاءِ اهڙا ڏينهن هڪ جھڙا آهن پر اسان قيدين لاءِ 14 آگسٽ ڪنهن عيد کان گھٽ ناهي هوندو، ان کان سواءِ جنهن ڏينهن ڪو وزيراعظم يا ڪو نئون صدر چونڊجي اچي ايوان بالا ۾ ويهندو آهي ته قيدين جون اميدون وڌي وينديون آهن، اهي اميدون قيدين جي سزا ۾ گھٽتائي جون آهن جيڪو انگريزن جي دور کان به اڳ بادشاهن تائين قيدين تي رحم ڪرڻ جو سلسلو هلندو پيو اچي. مون کي اها گھري ياد آهي جنهن ڏينهن نوازشريف لٿو ۽ عمران خان وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو هو. ان ڏينهن منهنجي بيرڪ جي قيدين ايتري ته مٺائي ورهائي هئي جو مون وٽ ٻه ڏينهن اها مٺائي پئي هئي. ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين منهنجي بئرڪ وارا اهي قيدي دوست جيڪي سياسي ته ناهن پر تفريح لاءِ مليل ٽي وي تي خبرن ۽ تبصرن کان سواءِ ٻيو ڪو به پروگرام ناهن ڏسندا، صرف ان لاءِ ته ڪنهن وقت ٿو وزيراعظم صاحب اسان قيدين جي سزا ۾ گھٽتائي آڻي يا قومي اسيمبليءَ ۾ ڪو اهڙو قانون جوڙيو وڃي جيڪا وڏي عمر ورن ۽ بيمار قيدين لاءِ ڪو رعايت ڏني وڃي پر اڃا تائين اهڙو ڪو خيال شايد حڪومت ناهي آيو. جيل انتظاميا دستور موجب هر سال اولڊ ايج قيدين جي رپورٽ مٿي موڪليندي آهي جڏهن اها رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ وڏي عمر جي قيدين کي سڏي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويندو آهي. ان ڏينهن کان پوءِ هڪ هفتي تائين قيدين جي رات جي ننڍ ڦٽي ويندي آهي ۽ هو هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيندا وتندا آهن، اسان قيدي اهو سمجھندا آهيون ته شايد مٿان ڪو اهڙو حڪم نامو آيو آهي جو 70 سالن کام مٿي عمر وارن قيدين جا نالا لکيا پيا وڃن، اسان ائين آهيون جيئن جابلو انسان، جانور، وڻ ٻوٽا، جيت ٿر جي واري ۽ جابلو علائقن ۾ ڪارن ڪڪرن کي ڏسي گدگد ٿيندا آهيون پر جڏهن اهي ڪارا ڪڪر بنا برسات گذري ويندا ۽ ان ملڪ ۾ صرف مٽي ئي اڏامندي رهندي آهي.
حاجي غلام حسين ڀلائي/سينٽرل جيل حيدرآباد
ڌرتي تنھنجو درد، کڻي مان در در ڀٽڪيو آهيان!‎
دنيا جي حڪومت جو اولين فرض ھن قوم جي پٺتي پيل علائقن جي ٻٺتي ڌڪيل ماڻھن جي سار لھڻ، اتي نه رڳو علم جو ڏيئو روشن ڪرڻ جي ضرورت ھوندي آھي پر ان سان گڏ انھن ماڻھن کي اجھا ٺاھي ڏيڻ سان گڏ انھن جي صحت ۽ روزگار جو پڻ خيال رکڻون ھوندو آھي پر پاڻ وٽ ان جي ڪجھ ابتڙ نظر ايندي. تازو ملير جي قديمي ڳوٺن تي بحريا ٽائون انتظاميا پاران هلان ڪري قديم ڳوٺڻ جي گھرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، جيڪا گھڻي ڏکوئيندڙ صورتحال آھي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ کي هٿ سان کوکلو بڻايو پيو وڃي، بنا ماڻھن کي ڪجھ ڏيڻ جي ويتر انھن کان روزگار يا گھر به کسيا پيا وڃن ھن معاملي تي سنڌ سرڪار کي وڏي سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته جتي سرڪاري پلاٽ خالي پيل آھن اھي غريب مستحق ماڻھن ۾ ورھائي اتي کين روزگار خاطر ڪي دڪان ٺھرائي ڏيڻ سان ئي ترقي ڪري سگھجي ٿي باقي بنا ڪجھ ڏيڻ جي ابتو قديمي ڳوٺن کي ڊاھڻ سان ڪنھن به ترقي يا خوشحالي جي اميد نٿي رکي سگھجي، ابتو اتان جي ماڻھن جي پوئتي ڌڪجڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
رياض امر ٻجورو/سجاول
صدين کان سنڌين سان ئي ظلم ڇو؟
بحريا ٽائون جي نالي تي سنڌين سان ظلم ڪري ورھين کان آباد ڳوٺ ڊاٿا پيا وڃن، غريبن جا اجھا ڊاھي سندن کي بي گھر ڪيو پيو وڃي، سندن ٻچا نٽھڻ اس ۾ ويٺل آھن، وقت جا حڪمران ياد رکو ته مظلوم جي دانھن عرش تي پهچندي آھي، ڇا بحريا ٽائون ايترو ضروري آھي جو ھزارين ماڻھن جا اجھا ڊاھي انهن کي بي گھر ڪيو پيو وڃي؟ توھان کي ڪھڙي خبر ته غربت ڇا ھوندي آهي، توھان ته ھن غربت جا قصا رڳو ڪتابن ۾ پڙھيا آھن، ڪو مسڪين ماڻهو اجھي ٺاھڻ لاءِ سالن تائين محنت ڪندو آھي، ھڪ گھر تيار ڪندو آھي، ان جو گھر جڏھن ان کان ڦريو يا زبردستي ڊهرايو وڃي ته ان جي مٿان ڇا گذرندي آهي اها ان کي خبر هوندي آهي. سنڌين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي رھڻ جو حق به کسيو پيو وڃي باقي سنڌ کي يتيم خانو بڻائي بنگالين، برمين ۽ افغانين کي به سنڌ جا ڊوميسائل ڏئي سنڌ اندر آباد ڪيو پيو وڃي، باقي صدين کان قائم ڳوٺن کي بحريا ٽائون جي نالي تي ڊاھڻ سرار ظلم آھي، تاريخ اھڙن ظلمن جي داستانن سان ڀري پئي آھي، اھڙا ظلم روز روز سنڌين سان ظلم جاري ڪندا رهيا آهن، ڪڏھن ذوالفقار آباد نالي تي ته ڪڏھن بحريا ٽائون جي نالي تي سنڌ جي زمينون ڦٻايون پيو وڃن. اسان اپيل ڪيون ٿا چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ته بحريا ٽائون جي نالي تي سنڌين جي گھرن کي ڊاھڻ جو نوٽيس وٺي سنڌ حڪومت ۽ بحريا ٽائون جي ڳٺجوڙ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور