اشو آف دي ڊي … ايراني عورتون روڊن تي، اسڪارف ساڙي ڇڏيا: ڇا ايران انقلاب حقيقي آهي؟ بحث

0
270

 ايران ۾ مهسا اميني جي موت کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ڪجهه ماڻهو ايران ۾ عورتن جي روڊن تي اچڻ کي انقلاب قرار ڏئي رهيا آهن ته ڪجهه ماڻهو وري ان جي مخالفت ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مهسا اميني جي 23 هين سالگرهه هئي پر ايراني پوليس کيس مٿي تي رئو يا اسڪارف نه پائڻ جي ڏوهه ۾ ٿاڻي تي وٺي وئي جتان سندس لاش نڪتو.. اهڙي بربريت خلاف ايراني عورتون خاص ڪري ڪرد صوبي ۾ سخت احتجاج ڪري رهيون آهن ۽ سندن علامتي احتجاج جي هڪ جهلڪ اها به آهي ته نچي ڪڏي اسڪارف باهه ۾ پيون ساڙين.. جنهن تي اخلاق احمد صديقي لکيو ته نچي ڪڏي اسڪارف ساڙڻ غلط عمل آهي، پوليس جو رويو به نامناسب هو، مذهب ٻنهي شين کان روڪي ٿو، مختيار جاگيراڻي لکيو ته جيڪو به ٿيو جنهن جاءِ ٿيو سو مون تي ظلم ٿيو آهي.. (شيخ اياز).. مصور ماجد لکيو ته توهان جنهن مسئلي کي مذهبي سمجهو پيا منهنجي نظر ۾ اهو وڌيڪ قومي آهي، لاش ملڻ جو سبب پرده داري کان وڌيڪ سندس جو ڪرد هجڻ ڏوهه هو، ڪرد هجڻ صرف ايران نه بلڪه عراق شام ترڪي ۾ به وڏو جرم آهي، ڪنهن ڪرد کي تهران ۾ برداشت ڪرڻ شايد اختيارين کي قبول نه هو، باقي مٿي ته حجاب ته کوڙ سارين نج ايراني ماين جا به سرڪندا هوندا، ظفر چنا لکيو ته مسئلو ڇا به ھجي پر ايران ھڪ آزاد ملڪ آھي ۽ ھو پنھنجي شھرين جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو . توھان ان کي مذھبي بڻائي ڪنھن آزاد ملڪ جي ساک خراب نه ڪريو . ايڊووڪيٽ ابرار حسين سومرو لکيو ته ڀلو ڪم ڪن پيون، آمريڪا جي بڇ تي نچن ڪڏن پيون، ايئن عورتون سعودي ۾ ته ڪري ڏيکارين احتجاج پردو ايران جو قانون آھي ته اھو ڪرڻ کپي ضرور، بخشل باغي لکيو ته سڀ پابنديون صرف عورت لاءِ، مرداڻي سماج يا دنيا ۾ عورت سدائين ظلم جو شڪار رهي آهي، ولي محمد لاشاري لکيو ته ڪرد ايران ۽ ترڪيه جا مخالف آهن اهي آزادي چاهين ٿا جن کي 1990ع کان آمريڪا سپورٽ ڪري رهيو آهي، يار محمد ابڙو لکيو ته آمريڪا جي بڇ تي نچن ٿيون، امجد علي لکيو ته وڌيڪ تعليم ۽ آزادي جا اهي نتيجا آهن، فهيم عباس افسوس جو اظهار ڪيو، حر نياز مهر لکيو ته تمام بهترين عمل ايران پوليس جو، محب علي قربدار ڪاڪڙي لکيو ته سلام هجين ٻنهي هٿن سان، مير خان ڏک جو اظهار ڪيو، راحيل غيور عباس لکيو ته اها عورت دل جي دوري پوڻ سبب انتقال ڪري وئي آهي، هي احتجاج غير اسلامي سوچ رکندڙن کي موقعو ملي ويو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني عورت کي موضوع بڻائي استعمال ڪيو پيو وڃي، شهزاد جمالي لکيو ته ايران ۾ مرد ھجي يا عورت پر غير اخلاقي ۽ غير اسلامي عمل ڪرڻ واري تي ھو باقائدي سزا ڏيندا آھن ۽ اسلامي معاشري ۾ ايئن ٿيڻ به گھرجي، سيد سبطين حيدر نقوي لکيو ته  اڳ ۾ ئي اسان جو ستل عوام الائي ڪيترن مسئلن جي ور چڙھيل آھي، وري انھن کي مغز ماري لاءِ نئون موضوع نه ڏيو. حقيقت بيان ڪريو، زوار ذيشان حيدر لکيو ته اها پاڻ مري وئي هئي، محمد رفيق لکيو ته قتل جي مذمت ڪجي ٿي پر عالمي سازش جيڪا ايران جا حالات خراب ڪرائڻ لاءِ سرگرم آهي  ان جي به مذمت ڪجي ٿي، صدام شاهه لکيو ته آئون ذاتي سخت مخالف آھيان ايراني ڊڪٽيٽر حڪومت جو پر هي معاملو ٻيو آهي، ڳالھه اسڪارف جي ناهي، اسڪارف بهانو آهي ڪردن جو پويان شھنشاهه ايران واري لابي آهي. محسن رند لکيو ته ايران انقلاب: ايران ۾ مذهبي نظريو سوچ ڀسم ٿيندي نظر پئي اچي اجهو ايران جي ماڻهن به سک جو ساهه کنيو، جنهن تي فدا حسين هيسباڻي لکيو ته ايران ۾ انقلاب اچي ويندو اوھان پنهنجي سنڌ جي سوچ رکو معصوم ٻار ھٿرادو ٻوڏ ۾ مرن پيا، خليل چانڊيو لکيو ته ايران انقلاب زنده آباد، ساجد ڪلهوڙو لکيو ته اڄوڪي دور ۾ اهي نظريا نٿا هلي سگهن تڏهن ته سعودي هٿ کڻي ويو، ولي ناريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايران ۾ ھڪڙي عورت جي قتل خلاف ايران جا لکين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، اسان سنڌي  ڪروڙين ماڻهو دربدر هجڻ ۽ هزارين مرڻ بعد به خاموش آهيون. ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايراني عوام ھڪ ڇوڪريءَ جي قتل تي باھيون ٻاري ڇڏيون ۽ اسان جا لکين ماڻھو مارائڻ جي ڪوشش ٿي سوين بي گناھ مري ويا ، شرافت سان روڊن جي ڪنارن تي ويھي راشن جي ٽرڪن پويان ڊوڙون ٿا. جنهن انجنيئر قطب جتوئي لکيو ته ايراني معاشري جي شعور ۽ ھتان جي شعور ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، ايراني سڌريل ۽ خوددار قوم آهي جڏھن ته ھتان وارا مفلس ۽ لالچي آھن، فتح محمد لکيو ته ايران ۾ هر فرد تعليم ۽ شعور رکي ٿو، اسان کي تعليم کان پري بي شعور رکيو ويو آھي، اسان وٽ چوندا آهن ته هي عذاب آهي، سليم چنا لکيو ته سبب شعور نه هجڻ آهي، ڊاڪٽر مولابخش جوڻيجو لکيو ته ايران تي آمريڪا بهادر جي به مھرباني ٿي ھوندي. بھرحال ايران جو عمل به نندڻ جوڳو عمل آهي. شڪيل جان پٺاڻ لکيو ته ھتي اهڙو انقلاب اچڻ ناممڪن آهي اسان جي رڳ رڳ ۾ جهالت ۽غلامي جي هٿڪڙي لڳل آهي، عباس ٻرڙو لکيو ته اسان جا ذھن يرغمال ۽ ڳيجهو بڻايا ويا آھن . رفيق احمد سومرو لکيو ته بي شعور قوم غلامي جي انداز تي راضي رھندي آهي، خالد ڀٽي لکيو ته اسان پاڻ ظالمن ۾ شمار آھيون، طارق ڏيپر لکيو ته بي شعور قوم غلامي جي انداز تي راضي رھندي آهي. شاهنواز خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايران ۾ آخري ساهه کڻندي فاشزم ۽ بغاوت جي چڻنگ جيڪا باهه بڻجي چڪي آهي. مجاهد حسين سيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايراني ھڪ عورت جي قتل تي سڄي ملڪ کي انقلاب ڏانھن وٺي پيا وڃن. اسان سنڌي ھڪ ڪروڙ ماڻھن جي دربدري تي به خاموش آھيون. سڄي ڳالھه علم ۽ شعور جي آھي.