اشو آف دي ڊي … يوٽرن يا سافٽ ويئر اپڊيٽ؟ عمران خان جي معافي تي سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
283

 پي ٽي آءِ چيئرمين عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري توهين عدالت ڪيس ۾ معافي وٺي ڇڏي جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، دلچسپ ۽ طنزيه تبصرا به ڪيا ويا. ان حوالي سان علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  ڪا حد پار ڪئي آھي ته پوءِ عورت جج کان معافي ٿو وٺان، اڳتي ايئن نه ڪندس، خطرناڪ عمران خان معافي وٺي ڇڏي، جنهن تي جبار خان لکيو ته سٺو فيصلو آهي معافي وٺي ڇڏي معافي گهرڻ سان ڪير گهٽ ناهي ٿي ويندو، آغا خان لکيو ان کي چوندا آهن ته سدائين سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، شيرالله ٽالپر لکيو ته مونکي ته اوهان جي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي جيڪڏهن عمران خان معافي نه وٺي ها ته اوهان پوسٽ لڳايو ها ته عمران خان کي معافي گهرڻ کپي ها، مير انور ٽالپر لکيو ته خبر نٿي پئي، ڪهڙا فيصلا ٿين ٿا، معافي ته بهترين عمل آهي، معافي ته يوسف رضا گيلاني به ورتي هئي ان وقت اهڙو فيصلو ڪيو وڃي، سڪندر علي ڀاڳت لکيو ته هن کي ڪجهه نه ٿيندو، نور سهتو، علي رضا، دلاور پيرزادو به ردعمل ڏنو.فقير سليم پوسٽ شيئر ڪئي ته معافي گهران ٿو، جيڪڏهن ڪا ريڊ لائين ڪراس ڪئي آهي ته اڳتي ايئن نه ڪندس، عمران خان معافي گهري ورتي، جنهن تي منصور نثار لکيو ته اگر لفظ اٽڪجندو، يعني مشروط معافي ورتي آهي، قائم علي خان لکيو ته معافي مطلب ڏوهه جو اعتراف آهي، ولي نهڙيو لکيو ته هاڻي ڏس خان به ڦيرو کاڌو آهي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته ڳالهه صرف ضد ۽ جهالت جي آهي، نه ته دنيا ڄاڻي ٿي ته عمران خان سچو، ايماندار ۽ دلير انسان آهي، دسرت راءِ لکيو ته تڪبر ۽ انا جو مسئلو نه بڻائيندي معافي گهرڻ سٺو فيصلو آهي عمران مقبول ترين ليڊر آهي، فاضل چنا به ردعمل ڏنو، ڀڳوان داس ڀيل لکيو ته اهڙو ڪجهه ناهي، اشرف ڪنڀر لکيوته معافي گهرڻ دلير ماڻهو جو ڪم آهي، حفيظ ڪنڀر لکيو ته جيڪڏهن اڳ ۾ نڙي ۽ اکيون ڦاڙي پندرهن دفعا چوي ته آسمان ڪري پوي زمين ڦاٽي پوي معافي ڪونه وٺندس ۽ پوءِ ليٽاڙا ڪڍي معافي وٺي ته معني “صفا مڙس ماڻهو” آهي.. سني ارباب لکيو ته اهڙو ڪجهه ناهي، شمس نهڙي به راءِ جو اظهار ڪيو، آزاد اختيار علي لکيو ته هتي جيڪو به ڳالهائيندو آهي معافي وٺندو آهي سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿي ويندو آهي. عبدالسلام انڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  عمران خلاف فرد جرم لاڳو نه ٿيو، عمران خان عورت جج کان معافي گهري ورتي، ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي، ممتاز علي شاد سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ صحافي تبصري ۾ چيو ته عمران خان ڪنهن کي قتل به ڪندو تڏهن به  ان جا فالورز چوندا قتل ڪٿي ڪيائين ان کي ذبح ڪيو اٿس ! اهو مثال سچ ھيئن ثابت ٿي رهيو آھي جيئن جج کان معافي وٺڻ واري معاملي تي چون ٿا معافي ڪٿي ورتائين صرف معذرت ڪئي اٿس،سلام آھي عمران خان کي جنهن  مڪمل تربيت ڪري هڪ قوم تيار ڪئي آھي جيڪا پنهنجي ليڊر جي هر فرمان کي اکين تي ٿي رکي. شوڪت حسين شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان عورت جج کي ڌمڪائڻ تي معافيءَ گھري ورتي فرد جرم ڪارروائي کان بچي ويو ، ٻيھر حلفي بيان جو حڪم ڏنو ويو ، چيف جسٽس چيو ته عمران خان ڪجھه چوڻ ڇاھيو ٿا؟  جنهن تي عمران خان چيو ته منھنجي 26 سالن جي جدوجھد قانون جي حڪمراني لاءِ آهي ،عورت جج کان معافي وٺڻ لاءِ تيار آھيان. وقار علي رند لکيو ته اسان جي ملڪ جو عمران خان واحد وزير اعظم آهي جيڪو هڪ عورت کان معافي ٿو وٺي. محمد قاسم ميراڻي لکيو ته عمران خان عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ تي معافي وٺي ڇڏي، عمران خان جي معافي تي دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا بالي ووڊ فلم جي وڊيو ڪلپ شيئر ڪندي حاجي احمد جکراڻي لکيو ته عمران خان جي معافي وٺڻ واري وڊيو سامهون اچي وئي.