اچو ته گڏجي حڪومت کان برسات متاثرن جون ضرورتون پوريون ڪرايون!

 

سموري سنڌ ۾ هن وقت تباهي متل آهي، ان ڪري اچو ته قومي سطح تي سڀئي گڏجي لاڳيتو ڀرپور آواز اٿاري حڪومت کان برسات متاثرن جون سموريون بنيادي ضرورتون ۽ گھرجون جلد پوريون ڪرايون. حڪمرانو! قوم جو آواز ٻڌو ۽ متاثرن جا سمورا مسئلا جلد حل ڪريو، سموري دنيا ۾ ھزارين سالن کان مھذب ۽ تھذيب يافتا قوم جي سڃاڻپ رکندڙ سنڌي قوم کي مجبورن پنھنجن نگن ۽ معصوم ٻچن سميت پينون فقير بڻائي روڊن رستن چوڪن ۽ چوراھن تي کلئي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويھاري وڌيڪ اذيت ۽ ذلت ناڪ صورتحال ۾ وجھي آپگھات ڪرڻ تي ھرگز مجبور نه ڪريو، فوري طور تي ڌرتيءَ ڌڻين جون سموريون بنيادي گھرجون ۽ ضرورتون تڪڙن بنيادن تي پوريون ڪريو. سڀني بي گھر ٿيل خاندانن کي سرڪاري خرچ تي پڪا گھر ٺھرائي ڏيو ۽ ھر بيمار جو مناسب طريقي سان علاج جلد ڪرائڻ سان گڏوگڏ ھر ٻار ۽ نوجوان جي بھترين تعليم سميت جديد ھنر سيکارڻ جو انتظام ڪيو وڃي، فصلن ۽ مال متاع سميت ٿيل سمورن نقصانن جو مناسب معاوضو بنا دير جي ڏيو، سموري سنڌ ۾ ڪجھ ڏينھن لاڳيتو مڇرمار اسپري ڪرائي مڇرن جي ذريعي وڌندڙ بيمارين جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي ۽ بيٺل سموري پاڻيءَ جو جلد نيڪال ڪرايو وڃي. خاص طور تي سموري سنڌ جي غريب پورھيت خاندانن کي حڪومت پاران ھنگامي بنيادن تي ڪراچي آڻي آباد ڪرڻ سان گڏوگڏ مناسب روزگار سميت ٻارن ۽ نوجوانن کي مناسب تعليم ۽ جديد ھنر سيکارڻ جا جوڳا انتظام ڪري پاڻ (حڪمراني) ۽ قوم کي دور جديد ۾ ڏيھ پرڏيھ ۾ اڃا وڌيڪ ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان فورن بچايو! حڪمرانو! سمجھدار ۽ فرض شناص ٿيو! پنھنجا فرض ۽ ذميواريون سٺي نموني سان عملن جلد پوريون ڪيو.

 

شاهه محمد چنا/ڪراچي

برسات جون تباهڪاريون ۽ بيحس حڪمران!

 

سنڌ ۾ برسات جي لاڳيتن وسڪارن جيڪا تباھي آندي آھي ان جو مثال موجوده صدي ۾ ڪٿي به نٿو ملي. وڏڙن جي واتان ٻڌندا ھئاسين ته 1942ع ۾ ڪاري ٻوڏ آئي ھئي، جنھن وڏو نقصان ڪيو ھو پر ھنن برساتن ۽ سيلاب ته ان کان به وڌيڪ نقصان ڪيو آھي، لکين سکيا ستابا ماڻهو گھر ڇڏي بي گھر ٿي روڊن رستن تي ڌڪا ٿاٻا کائي رھيا آھن، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ھن سال چوماسي جون برساتون ڏھوڻ تي وڌيڪ وٺيون آھن، برسات ۾ متاثر ماڻھن کي حڪومت توڙي سرڪار بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي. حڪومت جي ناقص پاليسين متاثرن کي جھڙي نموني رليف ملڻ کپي ھا اهو ملي نه سگھيو آھي. ڪئمپن ۾ پھتل متاثرن جي حالت افسوس جوڳي آھي، کين حڪومت معياري سھولتو ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي جڏھن ته سوين اسڪول تباھ ٿي ويا، سنڌ جي تعليم جو مستقبل به انھن سان گڏ ڄڻ پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي. ان ڳڻيا شاگرد تعليم کان محروم بڻيل آھن، ھزارين بڪين ۽ دل جا مريض ڪئمپن ۾ علاج کان محروم آھن. بااثرن جون اوطاقون ۽ گھر متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان سان ڀريا پيا آھن، سامان متاثرن کي ڏيڻ بدران وڪرو ٿي رھيو آھي. متاثر بکن ۾ پاھ ٿي مري رھيا آھن. سنڌ جي تاريخ ۾ خراب حڪمرانيءَ جو هي ڪارو ترين دور آھي. خطرناڪ برسات سوين ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، سنڌ جي زراعت کي لکين رپين جو نقصان پھتو آھي پر اڃا تائين حڪومت ڪي به اپاءَ ناھن ورتا. ڳوٺن ۽ گھرن مان اڃا تائين پاڻي نيڪال ناھي ٿيو، بيٺل پاڻيءَ مان لاش ملي رھيا آھن. ڪيترا ڪئمپن ۾ مئا، گئسٽرو، گرمي، ٿڌ، بک ڪيترن کان حياتيون کسيون، نانگن جي ڪکڻ سبب ڪيترا مئا؟ پاڻي پار ڪندي ڪيترا لڙھي ويا؟ ڪيترائي ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويا. علاج نه ملڻ سبب ڪيتريون جانيون زيان ٿيون صدمي ۾ ڪيتريون ئي امڙيون ۽ ونيون فاني جهان ڇڏي ويون؟ ٻوڏ سبب پاڻي ھيٺ آيل جاين، عمارتن جي ڀتين ۽ ڇتين، ديوارن ڪرڻ سبب ڪيترا ماڻھو مئا يا حڪومت توڙي سرڪاري بيحسي سبب ڪيترا اڃا دٻجي مرندا؟ برسات جي وسڪارن کي مھينو گذري چڪو پر برسات جي بيٺل پاڻي لاءِ حڪومت ڪي به جوڳا اپاءَ ناھن ورتا. متاثر ڪئمپن ۾ جنگي قيدين جيان اذيتون، اھنج ۽ ايذاءَ برداشت ڪري رھيا آھن، پنھنجي وستين واھڻن ڏي ورڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن، جن اداران کي تڪڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن ھا اھي متاثرن جي مدد بدران انگ اکر گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آھن. متاثر تڪليفون ڀوڳي رھيا آھن، ڪنھن شاعر جي سٽن وانگر:

ننگر ننگر ۾ انڌير نگري، ڳلي ڳلي ۾ جبر آ جاري،

گھڙي گھڙي ٿا ڪنگال ڪسجن، انھن سان قائم قيام ڪاري،

مري ڳري ته به بکيو اگھاڙو، ھتي جو مزور ھاري،

ھتي جيئڻ الا او دوزخ الا او، توبهه الا ڙي زاري،

ھتي جا حاڪم ڪنن کان ٻوڙا، اکين کان انڌا، زبان جا کوٽا،

چوين سچ ته لڳين مچ ٿو، ڪڏن ٿا ھڪدم وڏا کوٽا،

گھڻي پاپي وٺن ٿا رشوت، غريب کي ڏئي گھٽا مروٽا،

کپن ٿا تن کي کرار انَ جا ٽڪن جا، ٿيلھا مکڻ جا لوٽا،

اسان جا رھبر وطن جا قاتل، گھڻو سي آھن ڏسڻ جا قابل،

ملين ماڻھو سندو جي ماس، مچي ٿي تن جي مدام محفل،

مري جي سنڌ ۽ سنڌي ته ڇا ٿيو!

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

 

سياسيت جي ور چڙهيل منهنجو مظلوم عوام!‎‎

 

هن ملڪ جي سياسي نوڙ ۾ وڪوڙيل منهنجي امير سنڌ جي مظلوم قوم کي هن وقت به سياسي ڌڪن کان سواءِ ڪجھ به ناهي مليو، هن ڏتڙيل قوم کي، هي سياسي ليڊر به هن ڏکئي وقت ۾ به سياسي ڪوڙ مطلب سياسي ڌڪ هڻندا ٿا وتن، هي ايڏا حرامخور راشي آهن جو هنن مظلومن جي لاءِ مليل امدادي سامان به هڙپ ڪري ڇڏيندا آهن، هنن سياسي ليڊر هن قوم کي هر وقت وڪڻڻ ۽ غلاميءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، ڪنهن وقت ڪو ماڻهو ڀلجي به ڪنهن وڏيري يا سياسي ليڊر جي بنگلي تي وڃي ٿو ته اتي سواءِ سياسي ڌڪن جي ان کي ان در وٽان ڪجھ به ناهي ملندو، هنن سياسي چڪرن ايتريون ته زندگيون وڃايون آهن جو ايتريون زندگيون ڪربلا جي ميدان ۾ يزيد به ناهن وڃايون، هنن سياسي ليڊرن ۽ وڏيرن تي يزيد جو روح به لعنتون وجهندو هوندو. اي حڪمرانون، اي وڏيرئو! ياد رکو ته هي ڏکيو وقت به سدائين رهڻو ناهي، جيئن يزيدي دور به ناهي رهيو، هي دور به ناهي رهڻو، توهان ته هن مظلوم عوام ايڏو اعتبار ۽ ڀروسو ڪيو آهي، ايترو ڀروسو ته هنن ڪڏهن پنهنجي اولاد تي به ناهي ڪيو، هي مظلوم قوم توهان کي پنهنجو آقا بڻائي ڇڏيو آهي پر اوهان سواءِ سياسي ڌڪن جي مطلب ڪوڙن جي هنن کي ڪجھ به ناهي ڏنو، هي دوکي جي ديوار نيٺ ته ڊهندي، اسان چاهيون ٿا ته ڀلي پنهنجي هن قوم جو ساٿ نه ڏيو پر ياد رکو ته هاڻ اليڪشن جي وقت سوچي سمجهي انهن ڳوٺن ۾ لهجو، جن ڳوٺن ۾ اوهان صرف مطلب جي وڃڻ به پسند ناهيو ڪندا. توهان کان اهو هميشه وسري ويندو آهي ته اسان هن علائقي جي لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي. توهان کي اهو غرور هوندو آهي ته اسان انهن ڳوٺن جا چڱا مڙس خريد ڪري ڇڏيا آهن. هاڻ انهن ڳوٺن جا نوجوان توهان کان ۽ توهان جي خريد ڪيل انهن سياسي ڌڪن جي ور چڙهيل ڳوٺ جي چڱن مڙسن کان اليڪشن جي وقت سرعام پڇاڻو ڪندا ته اسان جيڪو ٽئڪس ڏنو اهو ڪاڏي ويو ۽ ڪاٿي خرچ ڪيو ويو؟ اسان جيڪو ووٽ ڏنو توهان کي ان جي بدلي توهان ڇا ڪيو ۽ هن ڌرتيءَ مان نڪرندڙ معدنيات ڪاٿي خرچ ڪري رهيا آهيو؟

 

صدام سنڌي/پيروسڻ

پاڻيءَ ۾ ٻڏل سنڌڙي ۽ مٿان ايندڙ سياري جي موسم!

 

سنڌ ۾ ٻوڏ کان پوءِ وزير اعليٰ سنڌ سميت ٻيا انتظامي عملدار طوفاني دورا ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن، شروعات ۾ سنڌ سرڪار رڳو بيانن جي حد تائين ئي صحيح پر اھا ڳالهه قبول ڪئي پئي ته حڪومت ھر ممڪن حد تائين سنڌ جي ٻڏل علائقن مان پاڻي نيڪالي ڪرڻ سميت عوام کي رليف فراھم ڪندي پر جڏهن ٻاھران ڌڙا ڌڙ عالمي امداد پھچڻ جو سلسلو شروع ٿيو، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل به اچي دوري تي پھتو، پناھگيرن بابت عالمي اداري جي ايلچي اينجلينا جولي به ٻوڏ متاثرن وٽ پھتي. تازو ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي موجوده ڏکين حالتن کي نظر ۾ رکندي 10 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. دنيا جي غريب کان غريب ملڪن به موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي دل کولي مدد ڪئي آهي پر افسوس! جو ايتري امداد، فنڊ ملڻ باوجود ان جو 10 سيڪڙو به متاثرن تائين ناهي پهچايو ويو. تازو وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي سنڌ ۾ 15 لک خيمن جي ضرورت آهي، جنهن مان اسان کي رڳو ساڍا 4 لک خيما ملي سگھيا آهن. وزير اعليٰ سنڌ موجب اسان ايندڙ 2 مھينن تائين سنڌ مان رڳو 75 سيڪڙو پاڻي ڪڍرائي سگھنداسين، انتھائي افسوس جھڙي ڳالهه آهي، ايندڙ ٻن مھينن جو مطلب آھي 2 نه پر 6 مھينا اڃا وڌيڪ سنڌ جا ماڻهو ان گندي پاڻي کي پيا ڀوگيندا. چند ڏينهن کان پوءِ سنڌ ۾ سياري جي موسم شروع ٿي رهي آهي، انهيءَ لڱ ڪانڊاريندڙ ٿڌ ۾ روڊن تي کليل آسمان ھيٺ ويٺل ماروئڙا ڀلا ڪيئن پنهنجي معصوم ٻچن کي ٿڌ کان بچائي سگھندا؟ ماڻهن جا گھر، گھٽيون، اچ وڃ جا رستا، سمورا گھٽ گھيڙ پاڻيءَ ھيٺ آيل آهن. سياري ۾ ماڻهو ويچارا صبح و شام گندي پاڻيءَ سبب جنهن صورتحال کي منهن ڏيندا ڇا انهيءَ جو حڪمرانن کي ڪو اندازو به آهي؟ رڳو فارملٽي طور دنيا کي بيانن ذريعي اھو ناهي ٻڌائڻو ته اسان کي فنڊ ڏيو پر انهن متاثر ماڻهن جي دردن جو درمان به توھان حڪمرانن کي ئي ڪرڻو آهي، جن متاثرن لاءِ دنيا توھان کي وڏي تعداد ۾ فنڊ پئي ڏي. خدارا! پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي سنڌ ۽ وفاقي سرڪار جي گڏيل ڪوششن سان فوري طور تي سنڌ جي ٻڏل علائقن مان پاڻي جي نيڪالي کي 15 ڏينهن جي اندر يقيني بڻايو ته جيئن ماڻهو سياري جي اچڻ کان اڳ ئي پنهنجي گھرن ڏانهن واپس وڃي سگهن.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

 

سوشل ميڊيا جون تباهه ڪاريون!

 

سوشل ميڊيا پوري دنيا کي گلوبل وليج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، سموري دنيا ان مان فائدا وٺي رهي آهي ۽ ان مان ڪمائين به پيا پر اسان وٽ اڪثر سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندڙ طبقو ان جي ابتڙ پيو ڪري، اسان وٽ اڻ پڙهيل جي هٿ ۾ موبائل اچي ٿو وڃي، پوءِ اهو داناءُ ٿي ٿو پوي ۽ هو ٽٽل ڦٽل اکرن سان ڪنهن نه ڪنهن جي خلاف جيڪو لکي هو لکي سگهي ٿو ۽ لائيو اچي جيڪو ڳالهائي سگهي ٿو اهو ڳالهائي ٿو ۽ هن کي ڪنهن جي عزت ۽ تهذيب جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي. ٻيو وري اسان جو هر ٻار موبائيل استعمال ڪرڻ جو عادي ٿي ويو آهي، جنهن سان انهن جي تعليم تي وڏو اثر پئجي رهيو آهي، اسان انٽرنيٽ مان فائدو گهٽ ٿا وٺون ۽ هن جي نقصان ڏانهن گهڻو رجوع ٿيون ٿا، جنهن جي ڪري ذهني معذوري جو شڪار به گهڻو ٿي رهيا آهيون ۽ ٻيو ته وڊيو ٺاهڻ وارين ويب سائيٽن به گهڻو ڪم خراب ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽڪ ٽاڪ، لائڪي ۽ سنيپ چيٽ جهڙين ويب سائيٽس معاشري ۾ تباهي وارو ڪرادار ادا ڪري رهيون آهن. ٻئي پاسي فيس بڪ ويب سائيٽ پاڪستان ۾ هن وقت خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي ۽ هن وقت يو ٽيوب کان وڌيڪ فيس بڪ تي وڊيوز اپ لوڊ ٿي رهيا آهن جيڪي غير معياري ۽ غير تهذيبي به آهن، جنهن سان هن معاشري کي هٿ وٺي خراب ڪيو پيو وڃي. هن ويب سائيٽ سان صحافت کي وڏو ڌڪ رسيو آهي ڇو ته ڊمي اخبارن ۽ غير رجسٽرڊ ويب چينلن جي عام ٿيڻ جي ڪري هر گهر مان صحافي نڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري معاشرو اهڙن صحافين جي ڪري خراب ٿي رهيو آهي. ان لاءِ به قانون ٺاهيو وڃي. ويب چينلن کي اٿارٽي ڏني وڃي ۽ هن اٿارٽي کان سواءِ ڪو به ويب چينل نه هلائي سگهي. ٻئي طرف گهٽ ۾ گهٽ 25 سالن تائين جي عمر جو ٻار ڪو به ويب سائيٽ يا سوشل ميڊيا استعمال نه ڪري سگهي، جيستائين هو پنهنجي تعليم مڪمل نٿو ڪري وٺي، تيستائين هن کي موبائل سم به خريدڻ جي به اجازت نه هجي ۽ سم جي عام جام وڪري تي به پابندي هنئي وڃي. اسٽال رجسٽرڊ ڪيا وڃن ۽ سم خريد ڪرڻ جا سخت شرط لاڳو ڪيا وڃن.

 

علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو

 

سنڌي ادب کي ڪيئن هٿي ڏياري وڃي!؟

 

ادب تخليقار جي لکيل ڪمن جو مجموعو هوندو آهي، جيڪو انسان جي جذبن، معاشري ۾ پيش ايندڙ مسئلن ۽ قدرتي تخليقن جي عڪاسي ڪري ٿو. هڪ تخليقار جي اهم ذميواري هوندي آهي ته هو پنهنجي خيالن کي آفاقي نظر ۾ رکي شاعري، ڊرامي، ناول، نثر، افساني، نظم وغيره ذريعي پڙهندڙ جي سامهون هڪ عام ماڻهو جي زندگي، معاشرتي مسئلن ۽ قدرتي تخليقن تي معياري ۽ تخيلقي لکڻيون تخليق ڪري. انٽرنيٽ تان مطالعو ڪرڻ سان اهو معلوم ٿيندو ته سنڌي ادب جي شروعات 11هين صديءَ کان ٿي، جيتوڻيڪ  اردو 12هين صدي عيسويءَ ۾ دهلي جي آسپاس اتر ڀارت ۾ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي. اهو دهلي جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي هئي ۽ ان تي عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ ترڪي جو گهڻو اثر هو. هن وقت جيڪڏهن اردو ۽ سنڌي ادب جي ڀيٽ ڪريون ته سنڌي ادب کي هٿي ڏيڻ ۾ اسين گھڻو پوئتي آهيون، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي ادب شاهوڪار آهي، شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو سنڌي ادبي تخليقون دنيا سطح تي پڙهيون وڃن ٿيون ۽ ان تي گهرو مطالعو به ڪيو وڃو ٿو پر ڀٽائي کان پوءِ به ته سوين ليکڪ سنڌي ادب جا خالق رهيا آهن، اهي قومي يا عالمي سطح تي ڇو نه اڳتي وڌي سگهيا آهن؟ ان ڳالهه ۾ به ڪو به شڪ ناهي ته هن صديءَ ۾ خاص طور تي ٽيڪنالاجيءَ وڏي ترقي ڪئي آهي، کوڙ سارين قومن ٽيڪنالاجيءَ کي اپنائي پنهنجي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ تخليقن کي دنيا سان متعارف ڪرايو آهي. بدقسمتيءَ سان اسين ٽيڪنالاجيءَ کي ان سطح تائين استعمال نه ڪري سگهيا آهيون جهڙي سطح جو استعمال ڪرڻ گهرجي. 21هين صدي ۾ سوشل ميڊيا وسيلي اسين سنڌي ادب کي هٿي ڏئي سگهون ٿا، جيڪي به هند سنڌ يا دنيا جي ڪنڊُڪرڇ ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪ آهن انهن کي گهرجي ته هو وڌ کان وڌ سوشل ميڊيا تي پنهنجي تخيلقن کي ڦهلائين. دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته سوشل ميڊيا سنڌي ادب کي وڏي سطح تائين ترقي ڏياري سگهي ٿي ۽ ٻيو جيڪو خال اڪثر محسوس ڪيو وڃي ٿو اهو به آهي ته سنڌي تخليقن جا گهٽ ۾ گهٽ قومي ٻولي ۾ وڌ کان وڌ ترجما ٿيڻ گهرجن. سنڌي تخيلقارن کي گهرجي ته پاڻ يا اردو تخيلقارن ۽ ادارن جي سهڪار سان پنهنجي تخليقن کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائين ته جيئن انهن تخيلقن تي ٻين ٻولين جا اديب به تحقيق ڪن ۽ ان ڳالهه ۾ انگريزي ادب جا تخليقار هميشه اڳڀرا رهيا آهن، جيڪي سوشل ميڊيا جي مختلف ايپس ۽ ويب سائيٽس تي پنهنجون تخليقون ونڊين ٿا ۽ پنهنجي انگريزي ادب جي ڪتابن کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو به ڪرائين ٿا.

 

راحيل بڙدي/ خيرپورميرس

سنڌ ۾ تباهي ۽ امداد جي ورڇ!

 

غمن جي هڪ اڻ کٽ اوڙاهه ۾ ٻڏندڙ جسمن مان نڪرندڙ التجائن جي سڌ شايد ڪنهن کي پلئه به پئي پر نيڻن مان وهندڙ آب آٿت جا آواز ٻڌڻ کان لاچار ٿي چڪو آهي، نفسا نفسيءَ جا منظر ۽ خاموش صدائون احساس مند روحن کي ڏاري رهيون آهن، هر طرف ڀوائتا منظر برپا ٿي پيا آهن، اکيون ڪنهن جون به ان سان کان اوجهل نه آهن، روح هر هنڌ رڙن پيا پر جذبن جي جوت هارائي چڪي آهي. ملڪ هن وقت خاموشيءَ جي گمنام روش ۾ رهڙجي ۽ لتاڙجي ويو آهي. پوري دنيا جون نظرون پاڪستان جي نصيب تي کتل آهن، ملڪ جا سمورا صوبا خاص طور تي سنڌ سخت ڏکيائيون ڀوڳي رهيو آهي. گڏيل قومن سنڌ جي صورتحال کي جنگ کان پوءِ ٿيندڙ حالتن پٽاندر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پورو عالم پاڪستان سان هن ڏکئي وقت ۾ وس آهر سهڪار ڪري رهيو آهي، اسلامي توڙي دوست سمورا ملڪ پاڪستان مٿان ڪڙڪيل عذاب گهٽائڻ لاءِ فڪرمند آهن، ملڪي سياست هڪ طرف ته ٻوڏ تي سياست ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف سمورن تباهه ڪارين ۾ سرڪاري ڪارندا ڪهڙا اپاءَ وٺي رهيا آهن؟ دريائن کي ڪير ڪٽ ڏئي رهيو آهي؟ ڪنهن جون زمينون بچائڻ لاءِ غريبن جا اجها لوڙهيا پيا وڃن؟ ڪير به حقيقتن کان واقف نه آهي، حڪومتي نمائندا هڪ ٻئي مٿان الزام بازي مان واندا ٿين ته عوام کانئن پنهنجا گهر ٻڏڻ جو جواز ڀڇي؟ وفاقي نمائندا ته ڪنهن جي مسئلن ڏانهن نهارين ئي نٿا، هڪ طرف عوام ايذائن ۾ اڙيا پيا آهن ته ٻئي طرف سياسي تڪرارن ڏکارن جي ڏکن ۾ ويتر واڌ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ سان پرڏيهه مان ملندڙ امداد جي ورڇ مان به ناانصافي جا خدشا ڏيکاريا پيا وڃن.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

وڏي وزير پاران سنڌ جا طوفاني دورا!

 

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پاران سنڌ جي 11 ضلعن جي دوري ڪرڻ کان پوءِ اتان جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن، گذريل ڏينهن دوران وڏو وزير ضلعي گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ضلعن جي دوري تي پهتو هو. جتي پهچي هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ اتان جي انتظاميا عملدارن کي ڊڪٽيشن ڏيڻ سان گڏ هدايتون جاري ڪيون. ڳالهه اها آهي سنڌ جو وڏو وزير سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ اتان جي ماڻهن جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ وٺڻ لاءِ انهن ضلعن ۾ پهچي پنهنجي چيف ايگزيڪٽو واري ذميواري ۽ پنهنجي ڪم ۾ اڃا وڌيڪ تيزي ۽ سرگرمي ڏيکاري رهيو آهي. جيڪا ڳالهه وڏي وزير جي ساراهه جوڳي آهي، تنهن سان گڏوگڏ وڏي وزير جو اهو دورو مختلف ضلعن ۾ ان لحاظ کان انتظاميا جي بهتر ڪارڪردگي جاچڻ سان گڏ عوام کي رليف پهچائڻ تائين مڪمل ڄاڻ وٺڻ بابت هو. وڏو وزير تجربيڪار ماڻهو آهي جيڪو هن وقت سنڌ صوبي جي وڏ وزارت واريون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جنهن آبپاشي ماهرن جي بريفنگ وٺڻ کانپوءِ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻ وٺي عملي قدم کڻڻ لاءِ پنهنجي سرگرمي ڏيکاري آهي ته جيئن بي گهر ماڻهن جي بحالي زرعي سرگرمين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کڻي ماڻهن جي گهرن ڏانهن واپسي لاءِ رستو هموار ڪري سگھجي، جنهن لاءِ حڪومت پنهنجي ان ڪم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ بهتر فيصلا ڪرڻ لاءِ پنهنجا قدم کڻي رهي آهي. گذريل 13/14 سالن کان سنڌ ۾ پ پ پ اقتدار ۾ آهي، اليڪشن دوران سنڌ ۽ سنڌ جي عوام مان پ پ پ کي گھڻو ووٽ ملندو آهي. اهي ٻوڏ متاثر علائقا ۽ اتان جا ماڻهو خاص سرڪاري دلچسپي ۽ سهڪار جا ڀرپور نموني سان هن وقت حقدار آهن. اميد ته سنڌ حڪومت انهن لاءِ اڃا وڌيڪ ان سلسلي ۾ پنهنجون سرگرميون تيز ڪري ڏيکاريندي.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل