اٽي جي سرڪاري اگهه تي تھ عمل ڪرايو!

0
143
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ھن وقت جنھن صورتحال مان گذري رھي آھي انھي ۾ لکين خاندانن لاءِ ٻھ ويلا رکي ماني جو بندوبست بھ مشڪل بڻجي ويو آھي.اڳ ئي مھانگائي جي ماريل ماڻھن مٿان ٻرساتي ٻوڏ قھر بڻجي ڪڙڪي پئي آھي پر انھي کان وڌيڪ جيڪا خطرناڪ ڳالھھ ٿي آھي اھا اِھا آھي تھ حڪومت يا انتظاميا نالي ڪا شيءَ نظر نھ پئي اچي جنھن ڪري صورتحال بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي ۽ ھاڻي تھ ماڻھن جي بک ۽ بيمارين ۾ مرڻ جون خبرون ڄڻ تھ معمول ٿي ويون آھن. ٻھ ڏينھن اڳ سنڌ جي خوراڪ کاتي  اٽي جو اگھھ 65 رپيا في ڪلو وڪڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ اھڙو نوٽيفڪيشن بھ جاري ڪري ڇڏيو،جنھن سان اھو امڪان پيدا ٿيو تھ اڻ لڀ ۽ مھانگو ٿي ويل اٽو شايد عوام کي ھاڻي ڪجھھ سستي اگھھ تي ملي سگھي پر ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود اٽو انھي پراڻي اگھھ تي وڪري ٿي رھيو آھي ۽ سرڪار حڪم جاري ڪرڻ کانپوءِ ڄڻ ستي پئي آھي ۽ عوام انھي اگھھ تي اٽي وٺڻ لاءِ پريشان آھي.

اسان وٽ الميو ئي اھو آھي تھ سرڪار رڳو سمجھندي آھي تھ ڪو حڪم،ڪو آرڊر، ڪو نوٽيفڪيشن ڪڍڻ کانپوءِ انھن جي ذميواري ختم ٿي وئي ان تي عمل ٿئي ٿو يا نھ اھا ڄڻ  ان جي ذميواري ئي ناھي. ان جا ٻيا تھ کوڙ مثال ڏئي سگھجن ٿا پر ھن مصيبت واري صورتحال ۾ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو مثال ٿي سگھي ٿو جڏھن ماڻھو اٽي لپ لاءِ پريشان ھجن سرڪار اھو اٽو 65 رپيا في ڪلو وڪڻڻ جو حڪم بھ جاري ڪري پر ان تي ڪو عمل نھ ٿئي ۽ وري سرڪار ان تي ڪا ڪارروائي نھ ڪري. ھن وقت ٻوڏ متاثرن يا ٻوڏ کان بچي ويل ماڻھن جو مھانگائي سبب سڀ کان وڏو مسئلو ٻن ويلن جي ماني آھي، جڏھن سرڪار پاڻ سڄي دنيا کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اپيل ڪري رھي آھي تھ ان وقت ڇا اھا اھو بھ نھ ٿي ڪري سگھي جيڪو ان جي پنھنجي ھٿ وس آھي تھ ھر شھر ۽ ھر ڳوٺ ۾ اٽو سرڪاري اگھھ تي وڪرو ٿيڻ کي يقيني بڻائي، ان ۾ ڪھڙي عربي فارسي آھي جو سرڪار پنھنجي حڪم تي عمل نھ ڪرائي سگھي. ڇا سڄي ضلعي کي سنڀاليندڙ ڊي سي کان ڪجھھ فلور مل مالڪ يا اٽي چڪي وارا زور ٿي وياآھن جو اھي سرڪار جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري سگھن؟ جيڪڏھن ڪير انڪار ڪري رھيو آھي تھ ضلعي انتظاميا يا سرڪار کي جيڪي اختيار قانون ڏئي ٿو ان کي استعمال ڪندي ڪنھن اٽي چڪي يا ڪنھن فلور مل واري خلاف ڪارروائي ٿي آھي؟ اسان جو مسئلو ئي اھو آھي تھ قانون رڳو ڪمزور خلاف حرڪت ۾ ايندو آھي باقي ڏاڍي ۽ قانون جو ڄڻ پاڻ ۾ ڳٺجوڙ ٿيل آھي.پنھنجي شھرن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ لڳاتار پرامن ڌرڻو ھڻي ويٺل ماڻھن خلاف تھ انتظاميا ترت تحرڪ ۾ اچي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ٿي ڇڏي جن ڪو ڏوھھ بھ نھ ڪيو آھي پر ھتي سڌو سنئون سرڪار جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اٽو مھانگو وڪرو ڪيو پيو وڃي اتي نھ سرڪار ڪي قدم کڻي ٿي نھ ئي ضلعي انتظامياڪا ڪارروائي ڪري ٿي .

اسان سمجھون ٿا تھ ھن وقت ٻن ويلن جي ماني وڏو مسئلو بڻيل آھي ۽ ان لاءِ سستي اٽي جي فراھمي انتھائي ضروري آھي جيڪڏھن سنڌ سرڪار رڳو پنھنجي سستي اٽي وڪڻڻ واري حڪم تي عمل ڪرائي تھ سنڌ جي عوام ۽ خاص ڪري ٻوڏ متاثرن لاءِ ان کان وڏو رليف ٻيو ڪو بھ نھ ھوندو، ڇاڪاڻ تھ گھڻا ئي ٻوڏ متاثر ڪيمپن بدران پنھنجي مٽن مائٽن وٽ يا وري ڪرائي جي گھرن ۾ رھيل آھن.جن لاءِ رڳو کائڻ جو بندوبست ڪرڻ ئي ڏکيو بڻيل آھي، انھي کانسواءِ جيڪي ماڻھو ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گھرن ٿا جيڪڏھن انھن کي سستو اٽو ملندو تھ وڌ کان وڌ ماڻھن تائين ماني پھچي سگھندي ،تنھن ڪري سرڪار پنھنجي حڪم تي عمل ڪرائي ۽ جيڪو ان جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان بھ نھ ڪيٻائي.