اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس عمران خان جي درخواستن تي اعتراض واري ڇڏيا

0
190

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جِي رجسٽرار آفيس وارنٽ رد ڪرڻ ۽ گرفتاري کان روڪڻ بابت عمران خان جي درخواستن تي اعتراض واري ڇڏيا، عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست خارج ٿيڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو هو

 مختلف شهرن ۾ داخل ڪيسز ۾ عمران خان جي گرفتاري روڪڻ لاءِ به درخواست داخل ڪئي وئي هئي، عمران خان حياتي کي خطرو ڄاڻائي پوليس کي گرفتاري کان روڪڻ ۽ انڊرٽيڪنگ قبول ڪرڻ جي استدعا ڪئي

رجسٽرار آفيس ٻنهي درخواستن تي اعتراض واريندي چيو آهي ته عمران خان جي بايوميٽرڪ ٿيل نه آهي، جنهن معاملي تي عدالت پهرين فيصلو ڏئي چڪي آهي، اُن تي ٻيهر ٻڌڻي نٿي ڪري سگهجي، ڪنهن پٽيشن تي بلينڪيٽ آرڊر ڪيئن جاري ڪري سگهجي ٿو؟

هي به پڙهندا

عمران خان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ڪيسز ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو