عمران خان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ڪيسز ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

0
221

ڪراچي: عمران خان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ڪيسز ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي

 درخواست ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، اسلام آباد سوڌو چئني صوبن جي آءِ جيز ۽  ڊي جي ايف آءِ اي کي ڌُر بڻايو ويو

 درخواست ۾ عمران خان موقف رکيو آهي ته رجيم چينج بعد هو لاڳيتو پوليس جي نشاني تي آهي، حياتي کي خطرو ۽ عدالتي ڪارروائي لاءِ اسلام آباد آمد تي گرفتاري جو خدشو آهي

درخواستن ۾ چيو ويو ته انصاف تائين پهچ ۽ شفاف ٽرائل سوڌو سمورا بُنيادي حق سلب ڪيا پيا وڃن

 عمران خان جي گرفتاري عدالت جي اجازت سان مشروط ڪرڻ ۽ مختلف شهرن ۾ داخل ڪيسز جا تفصيل طلب ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

اسلام آباد جي عدالت ۾ وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست خارج: عمران خان طرفان عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو اعلان