ڪراچي ۾ شهري پاران زال ۽ ٻن ٻارن کي زهر ڏئي آپگهات جي ڪوشش، ٻارڙي فوت

0
204
ڪراچي ۾ شهري پاران زال ۽ ٻن ٻارن کي زهر ڏئي آپگهات جي ڪوشش، ٻارڙي فوت
ڪراچي ۾ شهري پاران زال ۽ ٻن ٻارن کي زهر ڏئي آپگهات جي ڪوشش، ٻارڙي فوت

ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون واري علائقي ۾ شهري پاران غربت کان تنگ اچي زال ۽ ٻن ٻارڙن کي زهر ڏئي پاڻ به زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي وئي

زهر ۾ ورتل سمورن گهرڀاتين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،ٻن ورهين جي ٻارڙي فوت ٿي وئي

شهري اظهر خان  زال فاطمه، 4 ورهين جي ام هانيه  ۽ ٻن ورهين جي ايمن کي زهر ڏئي پاڻ به زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي

ٻارڙي ايمن اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي، شهري اظهر خان ۽ ان جي گهرواري ۽ ام هانيه جو علاج جاري آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته هُن اهڙو قدم غربت کان تنگ اچي کنيو

هي به پڙهندا

ڌيءَ پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري لاش جا ٽڪرا الماڙي ۽ ڊرم ۾ لُڪائي ڇڏيا