اسرائيلي فوج غزه ۾زميني ڪارروائي لاءِ تياري ڪري ورتي

0
163
اسرائيلي فوج غزه ۾زميني ڪارروائي لاءِ تياري ڪري ورتي
اسرائيلي فوج غزه ۾زميني ڪارروائي لاءِ تياري ڪري ورتي

اسرائيلي فوج جي غزه تي بمباري جاري آهي، شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ وڌي 3هزار900کان وڌي ويو، جڏهن ته 13هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن

اسرائيل فوج کي زميني ڪارروائي  لاءِ گرين سگنل ملي ويو آهي، عالمي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج ڪنهن به وقت غزه ۾ زميني ڪارروائي ڪري سگهي ٿي

حماس اڳواڻ عرب ۽ مسلم دنيا کي اپيل ڪئي آهي ته اسرائيل طرف مارچ ڪيو وڃي ته جيئن مظلوم  فلسطينين کي بچائي سگهجي

فلسطيني اختيارين موجب بمباري ۾ مجموعي طور شهيد ٻارڙن جو انگ 15سئو کان وڌيڪ آهي، هڪ هزار عورتون ۽ 120 پيرسن شهيد ٿي چڪا آهن