سنڌ اسيمبلي جي پرنٽنگ اينڊ پبليڪيشن بجيٽ ۾ ڪروڙن جا گهپلا

0
145

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي پرنٽنگ اينڊ پبليڪيشن واري بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي

سينيئر اسپيشل سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري کي معطل ڪرڻ ۽ معاملو اينٽي ڪرپشن ۾ اماڻڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

سنڌ اسيمبلي جي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند طرفان اسپيڪر کي نوٽ اماڻيو ويو

نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته 1784ڏينهن سنڌ اسميبلي جا اجلاس ٿيا رڳو400 ڏينهن جي اجلاسن ۾ ٿيندڙ تقريرن جو پرنٽ ۾ رڪارڊ موجود آهي

نوٽ جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 1384 ڏينهن جو رڪارڊ اڃا پينڊنگ ۾ پيل آهي، رڪارڊ جو ڪافي حصو گم ٿي ويو آهي

آگسٽ جي هن هائوس بابت رپورٽس سيڪريٽري آفيس ۾ جمع ڪرايون پر سيڪريٽري ڪو قدم نه کنيو، پينڊنگ ۾ پيل رڪارڊ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيم جوڙي وڃي