اردو ڳالهائيندڙ آهيان پر سنڌي سڏائڻ تي فخر آهي

0
155
اردو ڳالهائيندڙ آهيان پر سنڌي سڏائڻ تي فخر آهي

 سوشل ورڪر صبا اسلم جي قتل واري واقعي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ انصاف جو  مطالبو ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته نئين ڪراچي جي سوشل ورڪر صبا اسلم کي ڇرين جي وار سان پنهنجي گهر کان آفيس ويندي رستي تي قتل ڪيو ويو، 5 ڊسمبر تي ايڪتا واري ڏينهن هڪ تقريب کي خطاب دوران صبا اسلم چيو هو ته سنڌي ماڻھو تمام خوبصورت ۽ عورتن جي عزت ڪندڙ آھن ۽ اڄ انهن جي وچ ۾ بيهي پاڻ تي فخر محسوس ڪيان ٿي.

ثقافتي ڏينهن جون وڌايون ڏيندي هن چيو هو ته ڀلي منهنجي مادري زبان اردو آهي، مون سنڌ ۾ جنم ورتو آهي، مونکي سنڌي سڏائڻ تي فخر آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته صبا کي سندس پاڙي جي ئي شخص قتل ڪيو آهي جڏهن ته سندس پيءُ کي به ڪجهه سال اڳ گينگ وار جوابدارن قتل ڪيو هو. سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو ويو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.