ڪسٽم مخبر جو قتل ڪيس:جوابدارعورت چيني شهري جي گهرواري نڪتي

0
572
ڪسٽم مخبر جو قتل ڪيس
ڪسٽم مخبر جو قتل ڪيس:جوابدارعورت چيني شهري جي گهرواري نڪتي

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ ڪسٽم انٽيليجنس جي مخبر جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او سچل ۽ جعلي ميجر سان گڏ گرفتار ڪيل جوابدار فوزيه هڪ چيني شهري جي گهر واري آهي

ڪسٽم جي مخبر فضل کي 17 جولاءِ تي پوليس موبائل ۾ سرجاني ٽائون مان سندس گهر مان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن بعد ان ئي رات مغوي جو اسٽيل ٽائون واري علائقي مان گوليون لڳل لاش هٿ آيو هو

فضل جي مدد سان ڪسٽم انٽيليجنس مئي ۾ 7 ڪروڙ رپين جون نشي آور سپاريون ضبط ڪيون هيون، ضبط ڪيل سامان مبينا طور تي عمران مسعود ۽ سندس ساٿي وحيد ڪاڪڙ جو هو

پوليس ذريعن موجب ڄاڻايل جوابدار فضل جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي دستاويزن جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته عيسائي برادري سان تعلق رکندڙ 40 ورهين جي فوزيه 2018ع ۾ چيني شهري لين زيگسن سان شادي ڪئي هئي

 ملير بلوچ محلا  گڌاپ جي رهواسڻ فوزيه 11 مئي 2019ع تي نادرا جي رڪارڊ ۾ چيني شهري سان شادي جي رجسٽريشن ڪرائي، فوزيه جو مڙس لين زيگسن چين ويندو هو ته هوءَ ڪراچي ۾ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ٿي ويندي هئي

سي ٽي ڊي آفيسر راجا عمر خطاب جي سربراهي ۾ اسپيشل پوليس ٽيم ثبوت ملڻ تي فضل قتل ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جنهن بعد اڳوڻي ايس ايڇ او سچل هارون ڪورائي، فوزيه، عثمان عرف ميجر ۽ ٻين جوابدارن کي جيل موڪليو ويو آهي

راجا عمر خطاب موجب گرفتار جوابدار عورت اڳوڻي ايس ايڇ او سچل هارون ڪورائي جي ٽيم سان گڏ پوليس آفيسر بڻجي جعلسازي ڪندي رهي، فوزيه گرفتار جعلي ميجر عثمان لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي غير قانوني ڪمن جي واقعن ۾ ملوغ هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي