مايا جا انڌا پنهنجو نسل به سڃاڻي ناهن سگهندا

0
30
ٻوڏ: تباهيءَ کان اڳ سجاڳي ضروري آهي

 زماني زماني جي ڳالهه آھي ڪو وقت هوندو هو جو اميري غريبي وارو رواج ئي نه هو. انسان سڀ برابر هُئا. مال ملڪيت ۾ سڀنيءَ جو برابر حقُ هوندو هو. پوءِ انسان جيئن جيئن ترقي ڪئي تئين تئين نوان رواج ۽ نيون رسمون ترويج ۾ آيون ۽ خانداني تصور اچڻ کان پوءِ اميري غريبي وارو ويڇو به وڌيو. ماڻهن ذاتي ملڪيت ميڙڻ وارو ڪم ڪيو. ائين انسان انسان جو استحصال ڪرڻ لڳي ويو. نتيجو اهو نڪتو جو سرمائيدارانه سسٽم ۾ غريب جو جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو. اڄ ڪلهه اسان جي هن سفيد ڪالر سماج ۽ ڪاٽن پوش ڪارپوريٽ ڪلچر ۾ مسڪينيءَ کي مهڻو سمجهيو وڃي ٿو. حالتون ايتري قدر ڀيانڪ ٿي ويون آھن جو ڪنهن امير جو ڪو غريب رشتيدار آھي ته هُو تسليم ڪرڻ لئه تيار ناهي. ذات پات واري پُراڻي ننڍ وڏائي کان  به اڄ ڪلهه واري اميري غريبي وارو تصور انتهائي ڳڻتي جوڳو ۽ خطرناڪ آھي. غريب کي انسان ئي نه ٿو سمجهيو وڃي، سنئين سڌي انسانيت جي تذليل آھي. سرمائيداري سسٽم جي ناقص رويي سبب پيدا ٿيندڙ ان مها ڪال جو مقابلو ڪرڻ غريبن لئه تمام ڏُکيو ٿي پيو آھي. جڏھن ته غُربت گار ناهي. غريب هئڻ ڪو ڪبير گناھ به ناهي. غُربت نه مقدر جو حصو هوندي آھي ۽ نه ئي ماڻھون پاڻ پرائيندو آھي. غُربت سرمائيداري نظام هٿان هٿ وٺي وڌائي ويندي آھي ته جيئن پورهيت ۽ پيڙيل طبقي تي راڄ ڪري سگهجي.

غريب جو درد غريب ئي سمجهي سگهي ٿو. غريب ڪيئن جيئي ٿو، ان تي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن امير سوچيو ئي ناهي. اسان جي سماج ۾ غريب کي قدر جي نگاھ سان ناهي ڏٺو ويندو. غريبن تي اجائي ٺٺول ڪري انهن کي ويتر احساس ڪمتريءَ جو شڪار بڻايو ويندو آهي. ڪنهن وٽ سُٺا ڪپڙا ناهن ڪو سُٺو موبائيل ناهي ته ان تي بنان سبب چٿر ڪري سماج ۾ رات ڏينهن رُسوا ڪيو ويندو آھي. غريبن جي نياڻين کي مال غنيمت سمجهي اُنهن جي عصمتن سان کيڏيو ويندو آھي. اسان جي لوڪ ادب ۾ به اهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون ملن ٿيون، مثال طور: “غريب جي زال، هر ڪنهن جي ڀاڄائي”. ڄڻ غريب جي ڪا به عزت ناهي. زر جي زور تي مسڪينن جا اَجها ڊاهي پٽ ڪيا ويندا آھن. نتيجن غريب ماڻھو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيو وڃي. زندگيءَ مان تنگ ٿي آپگهات ڪريو ڇڏي. اهڙا ٿر ۾ ڪيئي واقعا ٿيا آھن، جن ۾ اَڀرا ماڻهو سڀرن هٿان تذليل جو شڪار ٿيندي خودڪشيون ڪري مري ويا. انهن سان پُڄي نه سگهيا. چوندا آھن ته “اوچا پَن اُٺن به ڇڏيا” واري ڪار غريب اميرن جي ظُلمن سان پُڄي ئي نٿو سگهي.

امير اهو ئي سوچيندا آھن ته غريب ڌرتيءَ تي بوجهه آھن. انهن جي سوچ مطابق ريتون، رسمون، مرڻا، پرڻا، عيدون، هوليون سڀ تهوار هُوند وارن لئه ئي هُوندا آھن. پر ائين ناهي غريب پڻ هن ڌرتيءَ جي سُونهن آھن. غريب هن ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري ڪيئي اناج اُپائيندا آھن. غريبن جي محنت سان ئي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون اڏجن ٿيون. پورهيتن جي پيار سان ئي ڪارخانن جون چمنيون ٻرن ٿيون. مسڪين هارين جي محنت سان اُپايل ڪپهه سان ئي توهان ۽ اسان سڀ اُگهاڙپ ڍڪي سگهون ٿا. غريب پورهيت آھن ۽ پورهيت خُدا جا دوست هوندا آھن. جن جي جفاڪشي ۽ اڻٿڪ اوڄاڳن سان ئي ملڪ ترقيون ڪندا آھن. انهن غريبن جا به جذبا هوندا آھن. انهن جون به آسون ۽ اُميدون هُونديون آھن. انهن جا به سپنا هوندا آھن. انهن جون به ريتون ۽ رسمون هونديون آھن. انهن جا به وار ۽ تهوار هوندا آھن. غريبن کي انسان ئي نه سمجهندڙ اميرن ڪڏھن اهو سوچيو آھي ته انهن جي عيد ڪيئن گُذرندي آھي؟ جڏھن سڀني اميرن جا ٻار هٿن ۾ عيديءَ جا انبار کڻي نوان ڪپڙا پائي ٻاهر نڪرندا آھن، تڏھن سڄو ڏينهن پورهيو ڪندڙ پورهيتن جي ٻارن جي اکين مان نون ڪپڙن واري آس اَسوءَ جي اوهيرن وانگي وسندي آھي. ٻه ڪلو اٽي ۾ پورا ويچارا پورهيت پنهنجن ٻچن جي اکين ۾ اُجهامي ويل عيدن ۽ هولين جا عڪس پسي جُهوني وڻ جي ٽار وانگي ٽُٽي پوندا آهن. سال ۾ ايندڙ هڪ يا ٻن خوشي جي موقعن تي به هُو پنهنجي پريوار جي مُنهن تي مُسڪراهٽون آڻي نه سگهڻ جي ڏُک واري رَنج ۽ ڏنجهه ۾ ڀرجي روئندا آھن، تڏھن آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون ايڪهين صديءَ جي ترقي جو طوق بڻجي وينديون آھن. جڏھن ڪنهن غريب جي گهر ۾ چاندڻي لئه ميڻ بتي به نٿي ٻري، تڏھن شهرن ۾ لڳل فضول اسٽريٽ لائٽون شرم وچان وسامڻ لئه واجهائين ٿيون. جڏھن ڪنهن غريب جو ٻار انبن جي گاڏي تي رکيل انب ڏسي نه وٺي سگهڻ ڪري وات ۾ آيل  پاڻي پيئندي درد ڏوڪي ٿو، تڏھن انبن جا وڏا وڻ پنهنجي وجود جي ڏنل مٺاس تي پڇتائين ٿا. جڏھن ڪنهن مسڪين جي چُلهه وساميل رهي ٿي، ڪو ويلو ٽري ٿو تڏھن ملڪ جي گودامن ۾ پيل ڪروڙين مڻ ڪڻڪ سُورن جي سُري ۾ سڙي وڃي ٿي. جڏھن ڪو مجبور ڳوٺاڻو ڀڏن ۾ بيٺل سينوريل ۽ لُڙاٽيل پاڻي پيئي ٿو تڏھن پهاڙن مان ڪهي ايندڙ درياءُ دانهون ڪندي پنهنجي پاڻيءَ ۾ مرن ٿا پر ڪير ٻُڌي ئي نٿو. اميرن جي ٻارن کي سُٺن سُٺن اسڪولن ۾ ويندي ڏسي ۽ انگريزي ڳالهائيندي ٻُڌي غريبن جا ٻار به اسڪول وڃڻ چاهيندا آھن پر انهن وٽ پين کان وڌيڪ پيٽ جي ڳڻتي هوندي آھي. اُھي پين کڻن ٿا ته پيٽ ماري ٿو. پيٽ جيڪو صرف بُک جي ٻولي سمجهي ٿو. بُک جيڪا غُربت جو ڀيانڪ تحفو هوندي آھي. عُربت جنهن جا موجد سرمائيدار ۽ سامراجي قوتن جا مالڪ هوندا آھن. غريبن جي ٻارن جا اڇي ڪنول جهڙا اُجرا سپنا غُربت جي ڇرڪ تي خاڪ ٿي ويندا آھن. اُھي چاهيندي به پڙھي ناهن سگهندا. پوءِ صغيريءَ ۾ ئي ڪنهن گيريج ۾ “ڇُوٽو” واري نوڪري حاصل ڪندي زندگيءَ جا “ڪڙا” تجربا ڪندا آھن. يا ڪنهن هوٽل تي بيراگري ڪندي پورهيت مائٽن تان حياتيءَ جو بار هلڪو ڪندا آھن. ڪي وڏن ماڻھن جي بنگلن تي بوٽ پالش ڪندي انهن جي رنگين راتين جا رازدار بڻجي غُلامي ۾ عمر پوري ڪندا آھن ته ڪي ڪنڊيڪٽري ڪندي اُستاد وٽان اُستادي سکڻ لئه جسم جو دان به ڪندا آھن. چوڻ جو مقصد ته غريبن ۽ پورهيتن جا ٻار پيڙائن جا هندي وڏا سمنڊ پار ڪندا آھن.

جڏھن ڪو امير ماڻھو پنهنجي ڌيءَ کي لکين روپين جو ڏاج ڏيئي پرڻائي ٿو، تڏھن سندس پاڙي ۾ موجود غريب جي دل تي ڇا گُذرندي هوندي، جيڪو پنهنجي وڏ ور نياڻيءَ لئه هڪڙي نٿ به وٺي سگهڻ جيتري سگهه نه ٿو ساري. اُن پوڙهي پورهيت پيءُ جي دل کان ڪير پُڇي ته ڏسي ته گهر ۾ غُربت ڪيڏا درد ڏي ٿي. اُن نياڻيءَ جي آتما مٿان ارگت نه وهي هوندي، جنهن پنهنجي پيءُ جي اکين ۾ بيوسي جا لُڙڪ ڦٿڪندي ڏٺا هوندا. اُن مهل ڇا اهو امير شخص پنهنجي نياڻيءَ جي ڏاج مان ڪُجهه بچائي ان غريب جي ڌيءَ کي سياءَ پلئه لڳائڻ ۾ مدد نٿو ڪري سگهي. هونئن جيڪڏھن اسان جو سماج ائين قدرداني ڪرڻ سکي ته امير ۽ غريب واري وڇوٽي ئي ختم تي وڃي.

اسان جي معاشري کي گهرجي ته غريب جو قدر ڪرڻ سکي. بکايل جو احساس ڪري. پورهيت جو ادراڪ ڪرڻ سان گڏو گڏ ان جي سهائتا جو سعيو ڪري. جيڪڏھن ڪنهن کي ڪُجهه ڏجي نه ته ڏُکوئجي به نه. غريب ٿيڻ ۾ دير ناهي لڳندي. مايا تي ايترو انڌو نه ٿيڻ گهرجي جو سڀاڻي پنهنجي نسل کي به نه سُڃاڻي سگهي. مسڪينن جي وس آھر مدد ڪيو. ڪو غريب جو ٻار پڙھڻ چاهي ٿو ته اُن جي وس آھر مدد ڪيو. ڪنهن مسڪين جي چُلهه وساميل هُجي ته ان جو ويلو ٽرڻ نه ڏيو. ڪو غريب پنهنجي نياڻيءَ کي غربت سبب شينهن ڪُلهي نه ٿو چاڙھي سگهي ته ان جي وس آهر واهر ڪيو. ڪو مسڪين ڪنهن عارضي ۾ زندگيءَ جي جنگ وڙھي پيو ته ان جي علاج جو بندوبست ڪيو. ڪو يتيم آھي ان لئه سهارا بڻجو. چوڻ جو مقصد ته پنهنجي اندر ۾ هڪڙو احساس پيدا ڪريو. اهڙو احساس جيڪو انسانيت جي خدمت ڪري سگهي. اهو نه ٿا ڪري سگهو ته انهن کي پنهنجي حال تي جيئڻ ڏيو. اُنهن سان نفرت ڪندي اُنهن کي سماج ۾ رُسوا نه ڪريو.