اشو آف دي ڊي سعودي ۾ ڪنسرٽ ۽ پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ڪنسرٽ تي پابندي سعودي عرب ۾ تبديلي بابت سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
168
اشو آف دي ڊي سعودي ۾ ڪنسرٽ ۽ پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ڪنسرٽ تي پابندي سعودي عرب ۾ تبديلي بابت سوشل ميڊيا تي تبصرا

 سعودي عرب ۾ تبديلين جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي به بحث جاري آهي، تازو ئي سعودي عرب ۾ فلم فيسٽيول جا انتظام ڪيا ويا، بالي ووڊ اداڪار سلمان خان فن جو مظاهرو ڪيو، شلپا شيٽي، جيڪلن فرنانڊز ۽ ٻين اداڪارائن جلوا ڏيکاريا، مشهور گلوڪار جسٽن بيبر جو ڪنسرٽ ٿيو، سوشل ميڊيا تي سعودي عرب جي تبديلين جي حوالي سان ڪيتريون ئي تصويرون ۽ وڊيوز پڻ وائرل ٿيون آهن جن تي بحث هلي رهيو آهي. اسلامي ملڪن جا صارفين سعودي عرب جي ٻٽي پاليسي قرار ڏئي رهيا آهن، افشان طيب پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سعودي عرب تبليغي جماعتن تي اهو چوندي پابندي لڳائي آهي ته اهي معاشري لاءِ خطرو آهن، رياض ۾ سلمان خان جو ڪنسرٽ منعقد ڪيو ويو، 80 هزار کان وڌيڪ ٽڪيٽون وڪرو ٿيون، اهو ٻٽو معيار آهي،

زاهد اختر لکيو ته سعودي عرب تبليغي جماعت کي دهشتگردي جو در قرار ڏنو آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڏينهن ٿيو جڏهن جدي ۾ جسٽن بيبر جو ڪنسرٽ هو، افغان شهري فاضل پاران تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته طالبان کي ٻڌايو ته هي سعودي عرب آهي. جويريا صديقي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اداڪار سلمان خان رياض سعودي عرب ۾ ڪنسرٽ ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ مذهب جا ٺيڪيدار سريلنڪن شهري کي ماري ٿا ڇڏن. سفيان مقصود لکيو ته سلمان سعودي ۾ ڪنسرٽ ڪري رهيو آهي ۽ هتي پاڪستان يونيورسٽين ۾ ڪنسرٽ تي پابندي جا ٽرينڊ هلي رهيا آهن، دنيا اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسان پوئتي وڃي رهيا آهيون، صحافي ماريانا لکيو ته مون کي سعودي عرب لاءِ گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، هو يو اي اي سان مقابلو ڪري رهيو آهي،

شهزادا سلمان هاڻي پاڪستان کي قرضن ۾ ڪنسرٽ به  ٿي سگهي ٿو، محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عرب قوم ۾ جمال عبدالنصار کانپوءِ شايد محمد بن سليمان آهي جيڪو عربن کي نج قومي بنيادن تي گڏ ڪرڻ پيو وڃي هن عرب نوجوان شهزادي جو خيال آهي ته عرب هڪ قوم آهي ۽ سندس هڪ تاريخي حيثيت آهي جنهن حيثيت کان انڪار ڪرڻ پاڻ کي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي بيوقف بڻائڻ جي مترادف هوندو.جنهن تي عنايت مگسي لکيو ته عرب دنيا ۾ هڪ نئين قيادت پيدا ٿي آهي باقي عالمي دنيا ۾ هن جو ڪهڙو ڪردار هوندو اهو وقت تي ڇڏيل آهي، صوفي منور بليدي لکيو ته عرب ڪڏهن به هڪ قوم ناهن، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سعودي شهزادو محمد بن سلمان چوي ٿو، سعودي ۾ عورتن مٿان حجاب يا اوبايو پائڻ لازمي ناهي.

سلمان صاحب، توهان ته پنهنجي گاڏي اڳتي ڪڍي ويا پر جيڪي همراهه توهان پڙهائي اسان ڏي موڪليا اهي ته اسان کي اڃا تائين ڪيلي کائڻ جا به شرعي طريقا پيا ٻڌائين. جنهن تي عرفان علي جوڻيجو لکيو ته هنن وڏي چالاڪي ڪئي، هي ڪامياب ويا، اسان پوئتي رهجي وياسين.حمزا شعيب لکيو ته پاڪستان جي حڪمرانن کي جهاد جو رستو ڏيکاري پاڻ وري لبرل ٿي ويا، ساجد علي لکيو ته پاڻ سيڪيولر ٿي ويا، محبتي زاهد کوسو لکيو ته هي دنيا سان گڏ بيهندا،  عبدالصمد مهر لکيو ته ان جي بادشاهي جو زوال شروع آهي، غلام قادر اهير لکيو ته دين اسلام ڪنهن سلمان جي ڳالهين جو پابند ناهي، هن جي ڪردار کي اسلام ۽ شريعت سان نه جوڙيو وڃي. صداقت علي بوهڙ لکيو ته اهي اڳ به اسلام جا دشمن هئا. آصف ظهير شيخ لکيو ته انگريز به پنهنجي گاڏي اڳتي ڪڍي ويا اسان وٽ پنهنجا پوئلڳ ڇڏي ويا،  شهزاد علي لکيو ته لازمي ته ناهي اهي جيڪو ڪن اسان اهو ڪريون.