آواز جي گدلاڻ بابت آگاھي ۽ اُپاءُ

0
142
آواز جي گدلاڻ بابت آگاھي ۽ اُپاءُ

 گدلاڻ جا ڪيترائي قسم آهن. مثلا: بدبوءِ، دونهون، دز، دُدڙ، ملاوٽ، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون، ميرو پاڻي، سڙيل ڳريل کاڌا، هوٽلن ۾ تيار ٿيندڙ شيون ۽ بيڪار بسترا وغيره. انهن کان علاوه به اسان جي سماج ۾، هڪ اهڙي آلودگيءَ جو مسئلو موجود آهي، جنهن ڏانهن ڌيان ته هر ڪنهن جو وڃي ٿو، پر قانون نه هجڻ ڪري، ڪُڇي پُڇي ڪير به ڪو نه ٿو. بلڪه هر ماڻهو برداشت ڪرڻ تي مجبور آهي. ان آلودگيءَ جو نالو آهي “آواز جي آلودگي”. جڏهن کان لائوڊ اسپيڪر ايجاد ٿيو آهي، ته ان جي جائز ۽ بهتر استعمال سان گڏوگڏ، ناجائز ۽ غلط استعمال به، معاشري ۾ وڏي تڪليف ۽ تباهي آندي آهي. آواز جي آلودگيءَ جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان مکيه هيٺينءَ ريت آهن. 1: ٽريڪٽرن ۾ وڄندڙ گانا، 2: ڏياريءَ جا بنا بريڪ ڦٽاڪا، 3: شادين ۾ ٿيندڙ فائرنگ ۽ ڌماڪا، 4: جلسن ۾ ٿيندڙ جذباتي تقريرون ۽ 5: راتين جو بيگاھ وقت لائوڊ جي فل آواز تي بيهي ذڪر ڪرڻ وغيره. هن کان هيٺ انهن آلودگين تي مختصر روشني وجھنداسين.

1: ٽريڪٽرن ۾ وڄندڙ گانا

جڏهن زرعي فصلن لاءِ راهي پوکيءَ جي سيزن شروع ٿيندي آهي، تڏهن کيڙھين ڪرڻ لاءِ، ٽريڪٽرن جا ٽولا ٻاهر نڪري ايندا آهن. ڳتيل انساني آبادين، ڳوٺن، توڙي شهرن جي ڀرسان کيڙهيون ڪندي، فل آواز ۾ گانا وڄائيندا آهن. ڳوٺن ۾ ته ڌمچر ۽ حشري مچيل هوندي آهي. اهو ڪم ڪو ٻن ٽن ڏينهن جو کيل ناهي هوندو، بلڪه پوري سيزن راتين جون راتيون گانن جا ڌڌڪا پيا پوندا آهن. منع ڪرڻ يا اعتراض ڪرڻ سان، نوعيت اختلافن ۽ جھيڙن جھٽن تائين به پهچي ويندي آهي.

2: ڦٽاڪا

ڏياريءَ جي ڏڻ ويجھو اچڻ سان، ڦٽاڪن جي شروعات ٿي ويندي آهي. ڦٽاڪا هندو ڌرم جي عقيدت منديءَ ۾ شمار ٿين ٿا. انهي موقعي تي، هندو ڌرم وارا رهيا پنهنجي جاءِ تي، پر هندن کان اڳ ۾، مسلمانن جا ٻار ۽ نوجوان ڇوڪرا ڦٽاڪا ڇوڙڻ شروع ڪندا آهن ۽ پڇاڙي تائين اهي ئي مسلمانن جا ٻار ۽ نوجوان ڇوڪرا ڌرتي تپايو بيٺا هوندا آهن. ڏياري ته صرف هڪ رات لاءِ هوندي آهي، پر ڏياريءَ جي ڦٽاڪن جو سلسلو، ڏياري اچڻ کان هڪ مهينو اڳ۾ شروع ٿي ويندو آهي ۽ هڪ مهينو پوءِ تائين پيو هلندو آهي. شهرن جي ڪالونين ۾، جتي ڪنهن هندوءَ جو هڪڙو گھر به موجود ناهي هوندو، صرف مسلمانن جا ئي گھر موجود هوندا آهن، ته انهن ڪالونين ۾ ئي سڀ کان وڌيڪ شدت سان، بي ڌڙڪ ڦٽاڪا ڦاڙيا ۽ ڌماڪا ڪيا ويندا آهن. ڌماڪن سان گڏوگڏ بارود جي بُوءِ ۽ دُونهين جو هڪ خطرناڪ سلسلو، انساني آباديءَ کي، ڪيترين ئي ساھ جي بيمارين ۾ مبتلا ڪندو رهندو آهي.

3: شادين ۾ ٿيندڙ فائرنگ ۽ ڌماڪا

شادين ۾ ٿيندڙ فائرنگ سبب، ڪيتريون ئي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيندي ڏٺيون ويون آهن. پر پوءِ به اهڙي اجائي، فرسوده ۽ خطرناڪ رسم مان ماڻهو هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن. ڪڏهن ڪڏهن شاديون ماتم ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. قرآن الڪريم ۾ لکيل آهي، ته.”بيشڪ! انسان خساري ۾ پيل آهي“. اهڙو خسارو ۽ نقصان شادين ۾ ٿيندڙ فائرنگ وارن واقعن ۾ اکين سان ڏسي سگھجي ٿو. گھڻو ڪري شهرن ۾ گھوٽائتا ۽ ڪُنواريتا، شاديءَ کان پندرنهن ڏينهن پهرين، پنهنجي پنهنجي گھرن جي ڇِتين تي، وڏا وڏا لائوڊ اسپيڪر نسب ڪري، راتين جون راتيون، فل آواز ۾ گانا وڄائيندا رهندا آهن. پوءِ اهي ڪالونيون يا آس پاس جا گھر ۽ علائقا، مڪمل طور آواز جي آلودگيءَ جي عذاب ۾ ٻُڏي ويندا آهن. وري جو گھوٽائتا گاڏين جو ڪاروان ڪاهي، ڪُنواريتن جي گھر ڏانهن سفر ڪندا آهن، ته پوءِ رستي ۾ فائرنگ سان گڏوگڏ زوردار بارودي ڌماڪا به ڪندا ايندا آهن. اهڙي عمل سان بزرگن، بيمارن، ٻُڍڙن ۽ ابهم معصوم کير پياڪ ٻارڙن کي جيڪا تڪليف پهچي ٿي، ته ان جو اندازو صرف اهو ئي لڳائي سگھي ٿو، جيڪو اهڙي آلودگيءَ کان متاثر ٿئي ٿو. شهرن ۾ اهڙيون شاديون روز جو معمول بنيل هونديون آهن.

4: جلسن ۾ ٿيندڙ جذباتي تقريرون

ٻهراڙين جي ڳتيل آبادين ۽ شهري ڪالونين ۾، مقدس مقامات ۽ عبادتگاهون قائم ڪيل هونديون آهن. بابرڪت مهينن ۽ راتين ۾ اهڙين جاين تي، ٻاهران کان گھرايل مقرر اچي جوشيليون تقريرون ڪندا آهن. تقريرون ڪندي ڪندي نهايت گھڻا جذباتي ٿي ويندا آهن. اهڙيون تقريرون لائوڊ اسپيڪر تي فل آواز ۾ ٿينديون رهنديون آهن. اهڙا جلسا بنا رنڊ روڪ جي ساري ساري رات جاري رهندا آهن. نه پاڙي جو خيال، نه بيمار جو اونو، نه ٻُڍڙن ۽ ٻارڙن جي آرام ۽ احترام جو ڪو فڪر هوندو اٿن. اهڙا عالم ۽ مقرر، ٽريڪٽرن جي شور تي ته اعتراض اُٿاريندا رهندا آهن، پر پنهنجي شور ڏانهن انهن جو ڌيان ئي ناهي ويندو.

5: لائوڊ اسپيڪر تي فل آواز ۾ بيهي ذڪر ڪرڻ

اسر ويل لوڪ سُتي مهل، لائوڊ اسپيڪر تي فل آواز ۾ بيهي ذڪر ڪجي، ته اهڙو عمل ڳُتيل انساني آبادي لاءِ، رحمت بجاءِ زحمت بنجي وڃي ٿو. اهڙو ذڪر ڪڏهن ڪڏهن قسمت سان ٿئي، ته ڏکيو سُکيو برداشت ڪري سگھجي ٿو. پر اهڙو عمل اگر روزانه جي بنياد تي، لوڪ سُتي مهل، اسر ويل جو اٿي لائوڊ تي ڪجي، ته اها سرِعام آواز جي آلودگي آهي. اُن بابت دنيا جي ڪنهن به مسلڪ ۾ ڪهڙو حڪم آهي؟ اهو واضح ٿيڻ گھرجي. هڪ مشهور هندي دوهوآهي، ته “مسجد ڀِيتر مُلا پُڪاري، ڪِيا تيرا صاحب بهرا هئي؟ چِيُونٽِي ڪي پگ نِهوَر باجي، سو ڀِي صاحب سُنتا هئي”. ڳتيل شهري آبادين ۾، مسلمانن کان علاوه ٻيا به هر مذهب جا ماڻهو رهائش پذير هوندا آهن. ته انساني آبادين تي، آواز جي آلودگيءَ جو عذاب اُماڻڻ سان، مالڪِ حقيقي کي ڪيئن ٿو راضي ڪري سگھجي؟.

آواز جي آلودگيءَ جو معاملو، اسان جي سماج ۾ سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. خاص ڪري ان معاشري ۾، جتي مختلف مڪتبه فڪر جا ماڻهو رهندا هجن. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هر ڪنهن جون جدا جدا عبادتگاهون جوڙيل هجن. هر ڪنهن جي عبادت ۽ بندگيءَ جو ٽائيم ٽيبل به مختلف مقرر ڪيل هجي. ڏٺو ايئن ويو آهي، ته هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو، لائوڊ اسپيڪر تي فل آواز ۾ جيڪا تقرير ڪري ٿو، ته ان جو مکيه ٽارگيٽ ٻئي مسلڪ وارو ماڻهو هوندو آهي. انهيءَ آواز جي آلودگيءَ کي روڪڻ لاءِ قانون سازيءَ جي سخت ضرورت آهي. ٽريڪٽرن ۾ وڄندڙ گانن تي پابندي لڳائي وڃي. ڏياريءَ جي ڦٽاڪن جو استعمال صرف هڪڙي رات تائين محدود ڪيو وڃي. شادين ۾ ٿيندڙ فائرنگ ۽ ڌماڪن تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي. جلسن ۾ ٿيندڙ تقريرون، صرف سامهون ويٺل سامعين ۽ ناظرين جي ٻُڌڻ تائين، بلڪل آهستي آهستي ڪيون وڃن. آڌيءَ رات جو اُٿي ڪري، لائوڊ جي فل آواز ۾ ذڪر ڪندڙ ذاڪر کي،اگر حقوق العباد جو خيال ناهي، ته ان تي خدا تعاليٰ راضي نٿو ٿي سگھي. خوشي ۽ عبادت جي آڙ ۾، انساني آبادين کي آواز جي آلودگيءَ ۾ تبديل نه ڪيو وڃي. اخلاقيات کي بنياد بنائي، پنهنجو ۽ پنهنجي پاڙي وارن جو خاص خيال رکيو وڃي. اهو ئي انسانيت ۽ مذهب جو اولين عظيم نقطو آهي.

[email protected]